چنڱڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چنڱڙو (قمبر)
ديھ چنڱڙو
ديھ
Deh Changro
چنڱڙو (قمبر) is located in سنڌ
چنڱڙو (قمبر)
چنڱڙو (قمبر)
چنڱڙو (قمبر) is located in Pakistan
چنڱڙو (قمبر)
چنڱڙو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′19″N 67°56′10″E / 27.57194°N 67.93611°E / 27.57194; 67.93611مڪانيت: 27°34′19″N 67°56′10″E / 27.57194°N 67.93611°E / 27.57194; 67.93611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 226


ديھ چنڱڙو(انگريزي: Deh Changro) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سڌ جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ جعفر خان، ڳوٺ مياڻي، ڪاڍو مقام، ميرڻ وارو مقام، وزير جو مقام ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ڊگھ ڍنڍ ديھ جي اندر واقع ھئي. ھاڻي اھا ڍنڍ ديھ ٻير، ديھ ڀڏا ۽ ديھ لاکٽيا تائين ڦھليل آھي. مياڻي ۽ اھي ٽي مقام ۽ غيرمعروف ڳوٺ ھاڻي ڍنڍ جو حصو ٿي ويا آهن باقي ڳوٺ جعفر خان ڦٽي ويو. ڍنڍ ھاڻي ٻير شريف جي ڀرسان تائين وڌيل آهي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ ۾ ڊگھ ڍنڍ واقع آهي جنھن کي چنڱڙو ڍنڍ پڻ سڏين ٿا جنھن جي پکيڙ 3 چورس ڪلوميٽر آهي. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪلر، اوڀر ۾ ديھ قمبر، ڏکڻ ۾ ديھ ھني، ديھ ٻير، ديھ ڀڏا، ۽ اولھ ۾ ديھ لکٽيا ۽ ديھ ڊرٻ مٺو واقع آهن.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 226 ھئي جيڪا 42 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]