ڪنور (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنور (قمبر)
ديھ ڪنور
ديھ
Deh Kanwar
ڪنور (قمبر) is located in سنڌ
ڪنور (قمبر)
ڪنور (قمبر)
ڪنور (قمبر) is located in Pakistan
ڪنور (قمبر)
ڪنور (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°32′43″N 67°49′59″E / 27.54528°N 67.83306°E / 27.54528; 67.83306مڪانيت: 27°32′43″N 67°49′59″E / 27.54528°N 67.83306°E / 27.54528; 67.83306
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,960


ديھ ڪنور(انگريزي: Deh Kanwar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بوھڙ تپي ۾ واقع آهي

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1905ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڪنور ۽ ڳڙهي محمد ڪرٽيو واقع ھيا. ھاڻي بہ اھو ٻئي ڳوٺ قائم آھن پر انھن کان سواءِ ڳوٺ عبدالوارث چانڊيو پڻ واقع آهي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پنھوارو، اوڀر ۾ ديھ پنا، اولھ ۾ تعلقي وارھ جي ديھ پوٺو ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي وارھ جون ديھ ڪلر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان وارھ ڪينال وھندڙ آھي. ڳوٺ ڪنور ان جي کاٻي ڪپ جي ڀرسان واقع آهي. اھو ڪينال ھن ديھ مان گذري وارھ تعلقي ۾ داخل ٿئي ٿو. ان مان ڪنور شاخ پڻ نڪري ٿي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,960 ھئي جيڪا 961 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]