ڪڙيو مراد علي
ڏيک
ڪڙيو مراد علي (قمبر)
ديھ ڪڙيو مراد علي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kario Murad Ali | |
جاگرافي بيهڪ: 27°38′10″N 67°51′13″E / 27.63611°N 67.85361°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ ڪڙيو مراد علي(انگريزي: Deh Kario Murad Ali) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪور سليمان تپي ۾ واقع آهي
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881 واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ حيدر مري، گڊرن جو ڳوٺ ۽ ھڪ وڏو ڳوٺ واقع ھيا. دوست علي شھدادپور (بعد م شھدادڪوٽ) روڊ ، سليمان شاخ ء مراد علي شاخ پڻ ان ديھ مان گذرندڙ ھيون. ھاڻي اھو وڏو ڳوٺ مينھل شابراڻي سڏجي ٿو. ڳوٺ حيدر مري ۽ گڊرن وارو ڳوٺ پڻ اڃان قائم آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪور سليمان، اوڀر ۾ ديھ محبت بليدي، اولھ ۾ ديھ وڪڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ فتوھل واھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان سليمان شاخ پڻ گذري ٿي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,535 ھئي جيڪا 726 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]زمرا:
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون