ميڻا (قمبر)
ميڻا (قمبر)
ديھ ميڻا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Mena | |
جاگرافي بيهڪ: 27°40′19″N 68°03′47″E / 27.67194°N 68.06306°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ ميڻا (قمبر)(انگريزي: Deh Mena) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ امام بخش رسالدار، ڳوٺ عثمان کوکر ۽ ڳوٺ ميڻا واقع ھيا. برٽش انڊيا واري دؤر م ميڻا پکيڙ م تمام وڏو ڳوٺ ھيو. ھاڻي بہ ھن ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ ميڻا ئي آھي جتي درگاھ نور شاھ بخاري واقع آهي. ھڪ نئون ڳوٺ ڳوٺ الھ ڏتو قمبراڻي پاڪستان ٺهڻ بعد قائم ٿيو. ڳوٺ امام بخش رسالدار جي لڳولڳ ڳوٺ عظمت مغيري قائم ٿي چڪو آهي. ڳوٺ عثمان کوکر پڻ قائم آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ميروخان تعلقي جون ديھون ڇٽو جويو ۽ ڍوري مبارڪ، اوڀر ۾ ديھ لشڪري خان چانڊيو ميروخان تعلقي جي ديھ مصري خان چانڊيو، اولھ ۾ ديھ رانوتي ۽ ديھ ھليا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڀرمي ۽ ديھ پيروز ڀٽي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڪور ڏاتو ھن ديھ جي الهندي حصي مان وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,250 ھئي جيڪا 833 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون