دوآبو
دوابو (قمبر)
ديھ دوآبو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Doabo | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′00″N 68°02′19″E / 27.56667°N 68.03861°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
Area | |
• Total |
3,504 ڪ.م2 (1,353 ميل2) |
ديھ دوآبو يا ديھ دوابو(انگريزي: Deh Doabo) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوآبو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ديھ ۾ واقع ڳوٺن م ڳوٺ صابر شاھ، ڳوٺ علي بخش، ڳوٺ ھوٿي ڏھوٽ، ڳوٺ راضي ڳرڙ، ڳوٺ مير محمد ميتلو، ڳوٺ ڇڄڙا ۽ ڳوٺ وريو ميمڻ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ جي اتر م جيئڻ ابڙي واري جاء تي ديھ جھٻيرو واقع آهي ۽ مٿيان ڳوٺ پڻ اڃان قائم آھن پر انھن مان ڳوٺ وريو ميمڻ ھاڻي ڳوٺ عبيدالله جاگيراڻي سڏجي ٿو. ڳوٺ ڇڄڙا نورنگ واھ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي پر ھاڻي ان جي کاٻي ڪپ تي ھڪ نئون ڳوٺ پيربخش ميتلو قائم ٿي چڪو آهي جيڪو 1960 تائين ڪونہ ھيو.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ کٻريڙو ۽ ديھ جيئڻ ابڙو، اوڀر ۾ ديھ ايلچي، ڏکڻ ۾ پوٺو ابراهيم ۽ اولھ ۾ ديھ اھير واقع ھئا. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ مان نورنگ واھ، گھاڙ واھ ۽ لاڙڪاڻو قمبر ريلوي لائين ۽ لاڙڪاڻو قمبر روڊ پڻ گذرن ٿا
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,504 ھئي جيڪا 843 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون