ھني
ڏيک
| ھني (قمبر) ديھ ھني | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Hani | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°31′33″N 67°55′49″E / 27.52583°N 67.93028°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 3,321 |
ديھ ھني(انگريزي: Deh Hani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ٻير تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ ھني (شمشير جو ڳوٺ) واقع آهي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1962ع تائين واري نقشي مطابق ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ٻير ۽ ديھ چنڱڙو، اوڀر ۾ ديھ گھٽھڙ، ڏکڻ ۾ ديھ پيچوھا، ديھ لالو رائنڪ ۽ ديھ ياروديرو ۽ اولھ ۾ ديھ ڊٻ مٺو واقع ھيا ۽ ھاڻي بي ان ديھ جون حدون ساڳيون ئي آھن. ان نقشي مطابق ھن ديھ م ڳوٺ ھني يا شمشير، ڳوٺ گوپانگ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا جيڪي اڃان تائين قائم آھن. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,321 ھئي جيڪا 514 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ ھني يا شمشير جو ڳوٺ تنيا ذات وارن جو تمام پراڻو ڳوٺ آھي جنھن جي لڳ نور شھيد وارو قبرستان واقع آهي.