ھني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھني (قمبر)
ديھ ھني
ديھ
Deh Hani
ھني (قمبر) is located in سنڌ
ھني (قمبر)
ھني (قمبر)
ھني (قمبر) is located in Pakistan
ھني (قمبر)
ھني (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°31′33″N 67°55′49″E / 27.52583°N 67.93028°E / 27.52583; 67.93028مڪانيت: 27°31′33″N 67°55′49″E / 27.52583°N 67.93028°E / 27.52583; 67.93028
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 3,321


ديھ ھني(انگريزي: Deh Hani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ٻير تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ ھني (شمشير جو ڳوٺ) واقع آهي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1962ع تائين واري نقشي مطابق ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ٻير ۽ ديھ چنڱڙو، اوڀر ۾ ديھ گھٽھڙ، ڏکڻ ۾ ديھ پيچوھا، ديھ لالو رائنڪ ۽ ديھ ياروديرو ۽ اولھ ۾ ديھ ڊٻ مٺو واقع ھيا ۽ ھاڻي بي ان ديھ جون حدون ساڳيون ئي آھن. ان نقشي مطابق ھن ديھ م ڳوٺ ھني يا شمشير، ڳوٺ گوپانگ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا جيڪي اڃان تائين قائم آھن. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,321 ھئي جيڪا 514 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ ھني يا شمشير جو ڳوٺ تنيا ذات وارن جو تمام پراڻو ڳوٺ آھي جنھن جي لڳ نور شھيد وارو قبرستان واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]