ڪاروھر جاگير
ڪاروھر جاگير (قمبر) ديھ ڪاروھر جاگير | |
---|---|
ديھ | |
Deh Karohar Jagir | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°31′01″N 67°42′30″E / 27.51694°N 67.70833°Eمڪانيت: 27°31′01″N 67°42′30″E / 27.51694°N 67.70833°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,109 |
ديھ ڪاروھر جاگير(انگريزي: Deh Karohar Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪاروھر تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ[سنواريو]
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1893 کان 1912ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ھڪ ننڍڙو ماڇين جو ڳوٺ واقع ھيو. بعد ۾ ھتي نوان ڳوٺ قائم ٿيا انھن ۾ ھن وقت ڳوٺ ھوت خان چانڊيو، ڳوٺ پٺاڻ چانڊيو، ڳوٺ مراد علي چانڊيو ۽ ڳوٺ شاھبيگ چانڊيو شامل آهن. ماڇين جو ڳوٺ ھاڻي ڦٽي ويو آھي.
جاگرافي[سنواريو]
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 5، اوڀر ۾ تعلقو وارھ جون ديھون کنڊو ۽ گل ٻرڙو، اولھ ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 6 ۽ ڏکڻ ۾ تعلقو وارھ جي ديھ ڳڙھي جاگير ۽ ديھ گل ٻرڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي[سنواريو]
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,109 ھئي جيڪا 385 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].