گڏيل قومون انساني حَقَ ڪائونسل
| مخفف | UNHRC CDH |
|---|---|
| تشڪيل | 15 مارچ 2006 |
| قسم | Subsidiary organ |
| قانوني حيثيت | فعال |
| صدر مقام | جنيوا، سوئيٽزرلينڊ |
| جڳھ | |
| جڳھون | |
سربراھ | صدر |
سنڀاليندڙ تنظيم | گڏيل قومون جنرل اسيمبلي |
| ويب سائيٽ | www.ohchr.org |
آفريڪي ملڪ (13) ايشيائي ملڪ (13) اوڀرندو يورپي ملڪ (6) لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبيائي ملڪ (8) پوربي يورپي ۽ ٻيا ملڪ (7) باب بين الاقوامي لاڳاپا | |
گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل , گڏيل قومون انساني حَقَ ڪائونسل (انگريزي ٻولي: United Nations Human Rights Council)[1] گڏيل قومن جو هڪ ادارو آهي، جنهن جو مقصد عالمي سطح تي انساني حقن جو تحفظ ۽ ان جي پرچار ڪرڻ آهي.[2] ڪائونسل جا 47 رڪن آهن، جيڪي ٽي سال جي لاءِ علائقائي گروپن جي بنياد تي چُونڊيا ويندا آهن.[3] اداري جو صدر دفتر جنيوا، سويٽزرلينڊ ۾ آهي.
يو اين ايڇ آر سي گڏيل قومن جي رڪن مُلڪن اندر انساني حَقَن جي ڀڃڪڙين جي الزامن لاءِ جانچ ڪندي آهي، ۽ انساني حَقن جي اهم موضوعن جهڙوڪ سنگت ۽ گڏجاڻي جي آزادي،[4] اظهار راءِ جي آزادي،[5] عقيدو ۽ مذهب جي آزادي،[6] عورتن جا حق،[7] ليسبيئن گي ۽ بائسيڪشيوئل رائٽس (ايل جي بي ٽي حق)،[8] ۽ لساني حق ۽ نسلي اقليتن جي حقن تي ڌيان ڏيندي آهي.{{efn|جنگي ڏوهن لاءِ، ڏسو "UN Adopts Resolution on Sri Lanka War Crimes Probe". Retrieved 2 June 2012.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وسيلي گڏيل قومن جي ڪميشن (يواين سي ايڇ آر،هن ۾ سي ايڇ ايڇ) جي جڳهہ وٺڻ لاءِ (قراداد A/RES/60/251 وسيلي) گڏيل قومن جي انساني حَقن جي ڪائونسل (يواين ايڇ آر سي) کي 15 مارچ 2006 تي قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ انساني حقن جو اڻپورو رڪارڊ رکندڙ ملڪن کي ميمبر بڻجڻ لاءِ اجازت ڏني وڃڻ تي سخت تنقيد ڪئي وئي هُئي.[9] گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان ۽ بان ڪي مون، ڪائونسل جي اڳوڻي صدر ڊورو ڪوسٽيا، يورپي يونين، ڪينيڊا، ۽ آمريڪا گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن تي اسرائيلي–فلسطين تڪرار تي اڻ برابري وارو ڌيان ڏيڻ جو الزام لڳايو، ۽ ڪيترن ئي ماڻهن اسرائيل-مخالف تعصب هئڻ جي دعويٰ ڪئي، ڪائونسل اسرائيل جي مذمت ڪندي باقي دنيا جي گڏيل ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ قراردادون حل ڪيون.[10][11][12][13] انساني حقن جي ڪائونسل انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر دفتر (اوايڇ سي ايڇ آر) سان گڏجي ڪم ڪري ٿي ۽ گڏيل قومن جي خاص طريقيڪارَ ۾ مشغول آهي.
مهم ۽ عالمي حمايت سان رڪنيت سازي
آڪٽوبر 2016 ۾ گڏيل قومون انساني حَقَ ڪائونل جي رڪنيتي چُونڊون جنوري 2017 کان ڊسمبر2019 ۾ برطانيا سوڀارو ٿيو. ان لاءِ هِن مُلڪ کي يارنهن مهينا ڊگهي مهم هلائڻي پئي، جنهنڪري هن کي ڪيترن ئي ملڪن پاران تائيد ووٽ حاصل ٿيا.[14]
گهڙت
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جا ميمبَر يو اين ايڇ آر سي جي 47 سيٽون ولاريندڙ ميمبرن جي چُونڊ ڪندا آهن. هر سيٽ جي عرصو ٽي سال هوندو آهي، ۽ ڪوبہ رڪن لاڳاتار ٻہ ڀيرا کان وڌيڪ مُدت تائين ڪنهن نشست تي قبضو نٿو ڪري سگهي. سيٽن کي گڏيل قومن جي علائقائي گروپن ۾ هيٺئين ريت ورهايو ويو آهي: آفريڪا لاءِ 13، ايشيا لاءِ 13، اوڀر يورپ جي لاءِ ڇھ، لاطيني امريڪا ۽ ڪيريبين (GRULAC) جي لاءِ اَٺ، ۽ اولهندي يورپي ۽ ٻين گروپَ (ڊبليو اي او جي) جي لاءِ سَتَ سيٽون ورڇيل آهن. يون اين ايڇ سي آر کان اڳ ان جي جاءِ تي ماضي واري سي ايڇ آر (CHR) ۾ اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل (ECOSOC) جي ذريعي چُونڊ ۽ ووٽنگ ڪندڙن جي اڪثريت جي ذريعي 53 جي رڪنيت حاصل هُئي.جنرل اسيمبلي ڪائونسل جي ڪنهن بہ ميمبر جي حقن ۽ مراعتن کي معطل ڪري سگهي ٿي جيڪا فيصلو ڪندي آهي تہ ان ميمبر پنهنجي رڪنيت جي مدت دوران انساني حقن جي لاڳاتار وڏي ڀڃڪڙي تہ نہ ڪئي آهي. معطلي جي عمل ۾ جنرل اسيمبلي جي ذريعي ٻہ اڌ اڪثريت سان ووٽ گهربل هوندا آهن.[15] يو اين ايڇ آر سي جي قيام جي قرارداد ۾ چيل آهي تہ "جڏهن ڪائونسل جي ميمبرن جي چُونڊ ڪرڻ مهل، ميمبر ملڪَ اميدوارن جي انساني حقن جي واڌاري ۽ ان جي رضاڪاراڻي وعدن ۽ وعدن ۾ جيڪي ڀاڱيداري ڪن ٿا، تِن کي مدنظر رکندي"، ۽ هي تہ "ميمبرَ چُونڊجڻ کانپوءِ ڪائونسل انساني حقن جي واڌاري ۽ بچاءَ (تحفظ) جي اعليٰ معيار کي قائم رکندا".
اجلاس

يو اين ايڇ آر سي سال اندر مارچ، جون ۽ سيپٽمبر ۾ ٽي ڀيرا باقاعدي گڏجاڻوين (سيشنز) ڪندي آهي.[16]
يو اين ايڇ آر سي ڪنهن به مهل رڪن مُلڪن طرفان درخواست ڪرڻ تي هڪ اڌ (ون ٿرڊ) اڪثريت سان، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ هنگامي صورتحال سان مُنهن ڏيڻ لاءِ خصوصي گڏجاڻيون منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اَڄ تائين 28 خصوصي سيشن ٿي چُڪا آهن.
ميمبَر
هي ڪائونسل 47 ميمبرن تي جُڙيل آهي، جيڪي جنرل اسيمبلي جي وسيلي ٽي سال جي عرصي لاءِ هر سال چُونڊيا ويندا آهن. گڏيل قومن جي علائقائي گروپ بندي جي نظام کي برابري جي حساب سان جاگرافيائي وارو وٽي جي بنياد تي ميمبرن جي چُونڊَ ڪئي ويندي آهي. ميمبرَ هڪ وَاڌارُو عرصو جي لاءِ ٻيهر چُونڊجڻ جي لائق آهن، جنهن کانپوءِ کين پنهنجي ڪُرسي (سيٽَ) ڇڏي ڏيڻي پوندي.[17]
ڪُرسين (سيٽُن) کي هيٺئين ريت ورڇيو ويو آهي:
- آفريڪي گروپ جي لاءِ 13
- ايشيا پيسيفڪ گروپ جي لاءِ 13
- اوڀر يورپي گروپ جي لاءِ 6
- لاطيني آمريڪن ۽ ڪيريبين گروپ جي لاءِ 8
- اولهندي يورپي ۽ ٻين گروپَ جي لاءِ 7
هاڻوڪا
اڳوڻا
صدَر
| سانچو:ٿور اکري | نالو | ديس | وقت |
|---|---|---|---|
| 14 | ايلزابيٿ ٽچي-فاسلبرگر | 1 جنوري 2020 –کان هينئر تائين[32] | |
| 13 | ڪولي سيڪ | جنوري 1، 2019 –کان 31 ڊسمبر 2019 | |
| 12 | وجوسلاو سيڪ | جنوري 1، 2018 –کان 31 ڊسمبر 2018 | |
| 11 | جوڪين اليڪزينڊر مازا مارٽيلي | جنوري 1، 2017 –کان 31 ڊسمبر 2017 | |
| 10 | چوئي ڪيونگ-لم | سانچو:ROK | جنوري 1، 2016 –کان 31 ڊسمبر 2016[33] |
| 9 | جواچم روچر | سانچو:DEU | جنوري 1، 2015 –کان 31 ڊسمبر 2015 |
| 8 | بائوديليئر اندانگ ايئلا | جنوري 1، 2014 –کان 31 ڊسمبر 2014 | |
| 7 | ريمگوسز هينزيل | جنوري 1، 2013 –کان ڊسمبر 31، 2013[34] | |
| 6 | لورا دوپي لسيري | سانچو:Country data URY | جُون 19، 2011 –کان ڊسمبر 31، 2012 |
| 5 | سيهاسڪ ڦوانگڪيتڪيوف | جُون 19، 2010 –کان جُون 18، 2011[35] | |
| 4 | اليڪس وان مييووين | جُون 19، 2009 –کان جُون 18، 2010[35] | |
| 3 | مارٽن اهوئيگين اهومويڀي | جُون 19، 2008 –کان جُون 18، 2009 | |
| 2 | ڊورو روملس ڪوستيا | سانچو:Country data ROU | جُون 19، 2007 –کان جون 18، 2008 |
| 1 | لوئس الفونسو ڊي البا | جُون 19، 2006 –کان جُون 18، 2007 | |
وڌيڪ ڏسو
نوٽس
- ↑ "Conseil des droits de l'homme". مارچ 9, 2019.
- ↑ "About the Human Rights Council". Office of the High Commissioner for Human Rights. Retrieved 29 آڪٽوبر 2016.
- ↑ "OHCHR | HRC Sessions". www.ohchr.org. Retrieved 2019-07-04.
- ↑ "Special Rapporteur on the rights to freedom of peaceful assembly and of association". Retrieved 2 June 2012.
- ↑ "HRC Freedom of Opinion and Expression Resolution". Retrieved 2 June 2012.
- ↑ "USCIRF Welcomes Move Away from 'Defamation of Religions' concept". Retrieved 15 October 2013.
- ↑ UNOG. "Human Rights Council Establishes Working Group On Discrimination Against Women In Law And Practise". Archived from the original on 15 آڪٽوبر 2013. Retrieved 15 آڪٽوبر 2013.
- ↑ "Council establishes mandate on Côte d'Ivoire, adopts protocol to child rights treaty, requests study on discrimination and sexual orientation". 17 جُونِ 2011. Archived from the original on 24 جُونِ 2011. Retrieved 15 آڪٽوبر 2013. "UN publishes first global report and recommendations to tackle gay rights abuses".
- ↑ "UN creates new human rights body". BBC. 15 March 2006. http://news.bbc.co.uk/2/hi/europe/4810538.stm.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named:0 - ↑ Secretary-General urges human rights activists to ‘fill leadership vacuum’, hold world leaders to account, in address to international day event, UN Department of Public Information 8 12 2008
- ↑ UN's Ban faults rights council over Israel, Reuters (reprinted in Ynet News) 21 06 2007
- ↑ Human Rights Council president wants reform آرڪائيو ڪيا ويا 2011-08-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., SwissInfo 29 09 2007
- ↑ "Special Rapporteur on the rights to freedom of peaceful assembly and of association". Retrieved 11 سيپٽمبر 2012.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedhttp - ↑ "United Nations Human Rights Council, Sessions". Retrieved 2 June 2012.
- ↑ "Membership of the Human Rights Council". United Nations Human Rights Council. United Nations. n.d. Retrieved 26 February 2019.
- ↑ "اليڪشن آف دي هيومن رائٽس ڪائونسل (١٧ آڪٽوبر ٢٠١٩)". United Nations General Assembly. United Nations. 17 October 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (12 October 2018)". United Nations General Assembly. United Nations. 12 October 2018. Retrieved 26 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (16 October 2017)". United Nations General Assembly. United Nations. 16 October 2017. Retrieved 26 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (28 October 2016)". United Nations General Assembly. United Nations. 28 October 2016. Retrieved 17 October 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (28 October 2015)". United Nations General Assembly. United Nations. 28 October 2015. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (21 October 2014)". United Nations General Assembly. United Nations. 21 October 2014. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (12 November 2013)". United Nations General Assembly. United Nations. 12 November 2013. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (12 November 2012)". United Nations General Assembly. United Nations. 12 November 2012. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (20 May 2011)". United Nations General Assembly. United Nations. 20 May 2011. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (13 May 2010)". United Nations General Assembly. United Nations. 13 May 2010. Archived from the original on 26 July 2010. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (12 May 2009)". United Nations General Assembly. United Nations. 12 May 2009. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (21 May 2008)". United Nations General Assembly. United Nations. 21 May 2008. Archived from the original on 14 November 2008. Retrieved 27 February 2019.
- ↑ "Election of the Human Rights Council (17 May 2007)". United Nations General Assembly. United Nations. 17 May 2007. Archived from the original on 10 January 2019. Retrieved 27 February 2019.
- 1 2 3 "General Assembly Elects 47 Members of New Human Rights Council; Marks 'New Beginning' for Human Rights Promotion, Protection". United Nations General Assembly. United Nations. 12 October 2018. Retrieved 26 February 2019.
- ↑ "President of the 14th Cycle". Retrieved 2020-01-08.
- ↑ The Human Rights Council elects Ambassador Ambassador Choi Kyong-lim of the Republic of Korea as its new President. Retrieved 4 January 2016.
- ↑ Section, United Nations News Service (10 December 2012). "UN News - UN Human Rights Council: new President will help promote human rights equitably". UN News Service Section.
- 1 2 "Human Rights Council – Membership of the Human Rights Council". .ohchr.org. Archived from the original on 18 February 2011. Retrieved 2011-02-26.
حوالا
- ↑ Now the Republic of North Macedonia
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو