سيرا ليون
سيراليون (Sierra Leone) هڪ اولھه آفريڪي ملڪ آھي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ فري ٽائون آھي. سرڪاري ٻولي انگريزي اٿس. ھي ملڪ کي آزاد ڪيل غلامن کي آباد ڪرڻ لاء ٺاھيو ويو ھو. سال 1991ع کان 2000ع تائين ھي ملڪ گھرو ويڙھه ۾ مبتلا رهيو. ھن ملڪ ۾ گھرو ويڙھه جي دوران ھيرن جون کاڻن جنگجو گروھن جي قبضي ۾ اچڻ ڪري خوني ھيرن جي ڪري مشھور ھيو. انھن ھيرن مان جنگجو گروھه ھٿيار خريد ڪندا ھيا.[2] ملڪ جي پکيڙ 71,740 چورس ڪلوميٽر آهي. ملڪ جي معيشت کاڻن تي بيٺل آهي جن ۾ ھيرن جون کاڻون اھم آھن. ملڪ ثائٽينيم، سون ۽ باڪسائيٽ برآمد ڪرڻ ۾ بہ سرفهرست آهي. دنيا جي ٽين وڏي قدرتي بندرگاھون پڻ ھن ملڪ ۾ واقع آهي. ملڪ وسيلن سان مالامال ھجڻ باوجود ھتان جي آبادي جو 70 سيڪڙو غربت واري زندگي گذاري ٿو.[3] ھي مسلمانن جي اڪثريت وارو ملڪ آهي.[4][5][6]
| او آءِ سي | |
| افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان | |
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 "Sierra Leone". International Monetary Fund. 21 April 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "UN targets 'blood diamonds' trade". BBC News. 1 August 2003. 28 April 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sierra Leone Population below poverty line – Economy". Indexmundi.com. 9 January 2012. 20 May 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ 71% of Sierra Leoneans are Muslims « Oluseguntoday's Blog. Oluseguntoday.wordpress.com (13 October 2009). Retrieved on 15 August 2012.
- ↑ Islam In Sierra Leone Information, Videos, Pictures and News. Rtbot.net. Retrieved on 15 August 2012.
- ↑ Sama Banya wants Awareness Times to call Tom Nyuma a Buffoon. News.sl (18 April 2012). Retrieved on 15 August 2012.