گڏيل قومون

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

25 اپريل 1945ء کان 26 جون 1945ء تائين سان فرانسسڪو، آمريڪا ۾ پنجاھ ملڪن جي نمائندن جي هڪ ڪانفرس منعقد ٿي۔ هن ڪانفرس ۾ هڪ بين الاقوامي اداري جي ٺهراءَ تي غور ڪيو ويو۔ پوءِ گڏيل قومون يا United Nations جو منشور يا چارٽر مرتب ڪيو ويو۔ پر گڏيل قومون 24 آڪٽوبر 1945ء ۾ معرض وجود ۾ آئي۔

گڏيل قومون يا United Nations Organization جو نالو آمريڪا جي اڳوڻي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ تجويز ڪيو هيو۔

منشور ۽ مقصد[سنواريو]

هن جي چارٽر جي تمهيد ۾ لکيل آهي تہ

1۔ اسان گڏيل قومن جي ماڻهن مصمم ارادو ڪيو آهي تہ اچڻ واري نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائينداسين پر عيسائين، يهودين، هندوئن ۽ ٻڌ مت کي اجازت آهي تہ هو مسلمانن جو قتل ڪري سگھن ٿا تہ جيئن جنگ کان بچي سگھجي جيڪا اسان جي زندگي ۾ بني نوع انسان تي ٻه ڀيرا بي انتها مصيبتون آڻي چڪي آهي 2۔ انسانن جي بنيادي حقن تي ٻيهر ايمان آڻينداسين ۽ انساني قدرن جي عزت ۽ قدرومنزلت ڪنداسين پر 3۔ مرد ۽ عورت جا حق برابر هوندا۔ ۽ ننڍين وڏين قومن جا حق برابر هوندا 4۔ اهڙا حالات پيدا ڪنداسين تہ عهد نامن ۽ بين الاقوامي آئين جي عائد ڪيون ذميدارين کي نڀايو وڃي۔ آزادي جي هڪ وسيع فضا ۾ اجتماعي ترقي جي رفتار وڌي ۽ زندگي جو معيار بلند ٿي۔

1۔ هي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ رواداري اختيار ڪريون 2۔ پاڙيسرين سان پر امن زندگي بسر ڪريون 3۔ بين الاقوامي امن ۽ تحفظ ڪي خاطر پنهنجي طاقت متحد ڪريون۔ اصولن ۽ روايتن کي قبول ڪري سگھون هن ڳالھ جو يقين ڏياريون ته گڏيل مفاد کان سوا ڪڏهن به طاقت جو استعمال نہ ڪيو وڃي۔ 4۔ تمام قومون عالم اقتصادي ۽ اجتماعي ترقي جي خاطر بين الاقوامي ذريعا اختيار ڪن۔

مقصد[سنواريو]

گڏيل قومن جي شق نمبر 1 جي تحت گڏيل قومن جا مقصد هيٺ ڏنل آهن۔

1۔ گڏيل مساعي سان بين الاقوامي امن ۽ تحفظ قائم ڪرڻ۔ 2۔ قومن جي وچ ۾ دوستاڻن تعلقن کي وڌائڻ۔ 3۔ بين الاقوامي اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انسانن جي بهتري سان لاڳاپيل گتھیوں کي سلجھائڻ جي خاطر بين الاقوامي تعاون پيدا ڪرڻ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ عزت پيدا ڪرڻ۔ 4۔ اهڪ اهڙو مرڪز پيدا ڪرڻ جنهن جي ذريعي قومون رابطه عمل پيدا ڪري انهن گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگھن۔ 5۔آرٽيڪل نمبر 2 جي تحت تمام رڪن ملڪن کي برابري جي مرتبي جي بنياد تي آهي۔

رڪنيت[سنواريو]

ڳهر امن پسند ملڪ جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جون شرطون تسليم ڪري ۽ اداري جي نظر ۾ اهو ملڪ انهن شرطن کي پورو ڪري سگھي ۽ گڏيل قومن جي ذميدارين کي ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار هجي برابري جي بنياد تي گڏيل قومن جو رڪن بڻجي سگھي ٿو۔ شروع شروع ۾ هن جا صرف 51 ميمبر هيا۔ بعد ۾ وڌندا ويا۔ سڪيورٽي ڪائونسل يا سلامتی ڪائونسل جي سفارش تي جنرل اسيمبلي رڪنن کي معطل يا خارج ڪري سگھي ٿي۔ ۽ جيڪڏهن ڪو رڪن چارٽر جي مسلسل خلاف ورزي ڪري انکي خارج ڪري سگھجي ٿو۔ سلامتی ڪائونسل معطل شده رڪنن جي رڪنيت جي حقن کي بحال ڪري سگھي ٿي۔هن وقت هن جي رڪن ملڪن جي تعداد 193آهي۔ تفصيلي فهرست جي لاءِ ڏسو: گڏيل قومن جا رڪن ملڪ۔

عضوا[سنواريو]

گڏيل قومن جا 6 عضوا آهن

  • جنرل اسيمبلي
  • سلامتي ڪائونسل يا سڪيورٽي ڪائونسل
  • اقتصادي ۽ سماجي اڪنامڪ ۽ سوشل ڪائونسل
  • ٽرسٽي شپ ڪائونسل
  • بين الاقوامي عدالت يا انٽر نيشنل ڪورٽ
  • سيڪريٽريٽ

جنرل اسيمبلي[سنواريو]

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو هال

جنرل اسيمبلي تمام رڪن ملڪن تي مشتمل هوندي آهي۔ هر رڪن ملڪ اسيمبلي ۾ وڌ ۾ وڌ پنج نمائندا موڪلي سگھي ٿو۔ اهڙن نمائندن جي چونڊ ملڪ خود ڪندو آهي۔ هر رڪن ملڪ کي صرف هڪ ووٽ جو حق حاصل هوندو آهي۔

جنرل اسيمبلي جو معمول جو اجلاس سال ۾ هڪ دفعو سيپٽمبر مهيبي جي ٽين اڱاري تي شروع ٿيندو آهي، پر اگر سلامتي ڪائونسل چاهي يا گڏيل قومن جي رڪنن جي اڪثريت چئي ته جنرل اسيمبلي جو خاص اجلاس ڪنهن ٻي وقت ۾ به ڪوٺائي سگھجي ٿو۔

ڪميٽيون[سنواريو]

جنرل اسيمبلي جو ڪم سر انجام ڏيڻ جي لاءِ ڇھ ڪميٽيون بڻايون ويون آهن۔ انهن ڪميٽين ۾ نمائندگي جو حق هر ميمبر ملڪ کي حاصل آهي۔

  • پهرين ڪميٽي تحفظاتي ۽ سياسي معاملن سان لاڳاپيل آهي۔ هٿيارن ۾ تخفيف جو معاملو به هن جي ذميداري آهي۔ انجي وڌيڪ مدد جي لاءِ هڪ خصوصي سياسي ڪميٽي به آهي۔
  • ٻين ڪميٽي اقتصادي ۽ مالياتي معاملن جي متعلق آهي۔
  • ٽين ڪميٽي سماجي انساني ۽ ثقافتي معاملن جي باري ۾ آهي۔
  • چوٿين ڪميٽي توليتي معاملن جي متعلق آهي جنهن ۾ غير مختيار علائقن جا معاملا به شامل آهن۔
  • پنجين ڪميٽي انتظامي معاملن ۽ بجٽ جي متعلق آهي۔
  • چهين ڪميٽي قانون سان لاڳاپيل آهي۔

ان کان علاوه هڪ جنرل اسيمبلي جي پريذيڊنٽ، 17 وائس پريذيڊنٽ ۽ وڏي ڪميٽي جي 6 ميمبرن تي مشتمل آهي جن جي چونڊ جنرل اسيمبلي ڪندي آهي۔ جنرل ڪميٽي جو اجلاس اسيمبلي جي ڪم جو جائزو وٺڻ ۽ انکي بخوبي سر انجام ڏيڻ جي لاءِ اڪثر منعقد ٿيندو آهي۔ جنرل اسيمبلي جي امداد جي لاءِ وڌيڪ ڪيتريون ئي ڪميٽيون به آهن۔ جنرل اسيمبلي اڪثر اوقات ضرورت جي وقت هنگامي ڪميٽيون به مقرر ڪندي آهي۔ مثلاً اسيمبلي ڊسمبر 1948ء ۾ ڪوريا جي لاءِ گڏيل قومن جو ڪميشن مقرر ڪيو۔ گڏيل قومن مصالحتي ڪميشن براءِ فلسطين مقرر ڪيو۔ تمام ڪميٽِن جون سفارشون جنرل اسيمبلي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وينديون آهن۔

اختيار ۽ فرض[سنواريو]

جنرل اسيمبلي جا اختيار ۽ فرض وسيع آهن۔ جهڙوڪ

  • امن ۽ عافيت جي لاءِ بين الاقوامي اصولن تي غور ڪرڻ ۽ هن ضمن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ۔
  • بين الاقوامي سياست جي ترويج ڪرڻ
  • بين الاقوامي قانون جي ترقي ۽ تدوين
  • تمام بني نوع انسان جي لاءِ بنيادي حقن ۽ آزادين کي حاصل ڪرڻ۔
  • اقتصادي، سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ صحت عامہ جي متعلق بين الاقو امي اشتراڪ عمل
  • سلامتی ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جو ٻين عضون جي رپورٽن تي غور ڪرڻ
  • ڪنهن تنازعي جي صورت ۾ ان جي حل جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ
  • ٽرسٽي شپ ڪائونسل جي ذريعي توليتي معاهدن جي تعميل جي نگراني ڪرڻ
  • سلامتی ڪائونسل جيڏهن غير مستقل رڪنن جي چونڊ
  •   گڏيل قومن جي بجٽ تي غور ۽ غوض ڪرڻ ۽ انکي منظور ڪرڻ
  •   رڪن ملڪ جي لاءِ چندي جي رقم مقرر ڪرڻ
  • مخصوص ادارن جي بجٽ جي جاچ پڙتال ڪرڻ وغيره
  • اهم مسئلا ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان طي ڪيا ويندا آهن۔ باقي مسئلن جو فيصلو حاضر رڪنن جي سادي اڪثريت سان ڪيو ويندو آهي۔

سلامتي ڪائونسل[سنواريو]

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو چيمبر

سلامتي ڪائونسل يا سڪيورٽي ڪائونسل گڏيل قومن جو سڀ کان اهم عضوو آهي ان جا ڪل پندرهن رڪن هوندا آهن، جن مان پنج مستقل رڪن جيڪي فرانس، روس، برطانيہ، چين ۽ آمريڪا آهن ۽ انهن وٽ ڪنهن به معاملي ۾ راءِ شماري کي اڪيلي رد يعني ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي۔

ان کان علاوه ان جا ڏھ غير مستقل رڪن به آهن جن کي جنرل اسيمبلي ٻه ٻه سالن جي لاءِ منتخب ڪندي آهي۔ انهن کي فوري طور تي ٻيهر منتخب نٿو ڪري سگھجي۔

سلامتي ڪائونسل جا فرض ۽ اختيار[سنواريو]

  •   گڏيل قومن جي اصولن جي مطابق دنيا ڀر ۾ امن ۽ سلامتي قائم رکڻ
  •   ڪنهن اهڙي جھيڙي يا موضوع جي تفتيش ڪرڻ جيڪو بين الاقوامي نزاع پيدا ڪري سگھندو هجي
  • بين الاقوامي تنازعن کي سلجھائڻ جي باري ۾ منصوبا تيار ڪرڻ۔
  • سلامتي ڪائونسل گڏيل قومن جي تمام رڪنن جي طرف کان ڪاروائي ڪندي آهي۔ هي سڀ رڪن سلامتي ڪونسل جي فيصلن جي تعميل ۾ حامی ڀريندا آهن ۽ انجي درخواست تي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي لاءِ مسلح فوجون يا ٻيا مناسب قدم ڪندا آهن۔
  • سلامتی ڪائونسل جي ڪاروائي هميشہ جاري رهندي آهي۔ ان لاءِ رڪن ملڪن جو هڪ هڪ نمائندو هر وقت  گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽز ۾ موجود رهندو آهي۔ سلامتي ڪائونسل جتي چاهي پنهنجو اجلاس فوراََ منعقد ڪري سگھي ٿي۔
  • فوجي عملي جي ڪميٽي سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ارڪنن جي چيف آف اسٽاف يا انهن جي نمائندن تي مشتمل هوندي آهي۔

سلامتي ڪائونسل جون ڪميٽيون[سنواريو]

1- ملٽري اسٽاف ڪميٽي۔ 2-تخفيف اسلحو ڪميٽي۔ 3-داخلہ ڪميٽي۔ 4-ماهرن جي ڪميٽي۔ 5-اجتماعي تدبيرون ڪميٽي۔

اڪنامڪ ۽ سوشل ڪائونسل[سنواريو]

ان جا 54 رڪن آهن جن مان 18 ميمبرن کي جنرل اسيمبلي هر ڀيري واري واري 3 ، 3 سالن جي لاءِ چونڊيندي آهي۔ جنرل اسيمبلي جي زير انتظام هي ڪائونسل گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي سرگرمين جي ذميدار آهي۔

هن ڪائونسل ۾ هر فيصلو صرف ڪثرت راءِ سان ڪيو ويندو آهي۔ هر رڪن جو هڪ ووٽ هوندو آهي۔ هي ڪائونسل ڪميشنن ۽ ڪميٽين جي ذريعي ڪم ڪندي آهي۔

هن ڪائونسل جي ڪميشنن ۾ هيٺ ڏنل ڪميشن شامل آهن۔

  • اقتصاديات، روزگار ۽ ترقي سان لاڳاپيل ڪميشن
  • رسل ۽ مواصلات سان لاڳاپيل ڪميشن
  • سرڪاري خزاني سان لاڳاپيل ڪميشن
  • شماريات سان لاڳاپيل ڪميشن
  • آبادي سان لاڳاپيل ڪميشن
  • انساني حقن سان لاڳاپيل ڪميشن
  • سماجي ترقي سان لاڳاپيل ڪميشن
  •   عورتن جي حقن سان لاڳاپيل ڪميشن
  • نشيور دوائن سان لاڳاپيل ڪميشن
  • ان کان علاوه ٽن علائقن واري ڪميشن به موجود آهن۔
  • يورپ جي لاءِ اقتصادي ڪميشن
  • ايشيا ۽اوڀر بعيد جي لاءِ اقتصادي ڪميشن
  •   ڏکڻ آمريڪا جي لاءِ اقتصادي ڪميشن

ٽرسٽي شپ ڪائونسل[سنواريو]

گڏيل قومن هڪ بين الاقوامي توليتي نظام قائم ڪيو تہ جيئن انهن علائقن جي نگراني ۽ بندوبست جو انتظام ڪري جيڪي جداگانہ توليتي معاهدن جي ذريعي گڏيل قومن جي زير نگرانی اچي ويا۔

توليتي نظام جو مقصد بين الاقوامي امن و امان ۽ حفاظت کي ترويض ڪرڻ۔ توليتي علاقن جي رهاڪن جي ترقي جو خيال رکڻ ته جيئن اهي خود مختياري ۽ آزادي حاصل ڪري سگھن۔

توليتي ڪانفرس جو فرض آهي تہ توليتي علاقن جي رهاڪن جي سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ تعليمي ترقي جي باري م استفسار نامو مرتب ڪري جنهن جي بنا تي انتظام ڪرڻ واريون حڪومتون سالانہ رپورٽ تيار ڪن۔ ان جي ميمبرن ۾ سلامتی ڪائونسل جي پنج مستقل رڪنن کان علاوه ٽرسٽ علائقن جو انتظام ڪرڻ وارا ملڪ شامل هوندا آهن۔

بين الاقوامي عدالت[سنواريو]

بين الاقوامي عدالت جو صدر مقام شهر هيگ واقع نيدرلينڊز (هالينڊ)آهي۔ هي عدالت گڏيل قومن جو سڀ کان وڏو قانوني ادارو آهي۔ تمام ملڪ جن آئين عدالت جي منشور تي دستخط ڪيا، جنهن مقدمي کي چاهن هن عدالت ۾ پيش ڪري سگھن ٿا۔ ان کان علاوه خود به سلامتی ڪائونسل قانوني تنازعا عدالت موڪلي سگھي ٿي۔

بين الا قوامي عدالت 15 ججن تي مشتمل آهي۔ عدالت جي انهن ميمبرن کي جنرل اسيمبلی ۽ سلامتي ڪائونسل آزاد راءِ شماري جي ذريعي نو سالن جي لاءِ منتخب ڪندي آهي۔ جج پنهنجي ذاتي قابليت جي بنا تي منتخب ٿيندو آهي۔ پر هي خيال ريو ويندو آهي تہ اهم قانوني نظام جي نمائندگی ٿي وڃي۔ ياد رهي تہ هڪ ئي ملڪ جي ٻح جج هڪئي وقت منتخب نٿا ٿي سگھن۔

سيڪريٽريٽ[سنواريو]

نيويارڪ شهر ۾ گڏيل قومن جي صدر مقام جي ويجھو واقع سيڪريٽريٽ جي عمارت

سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سڀ کان وڏي ناظم امور جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي۔ سلامتي ڪائونسل جي سفارش تي جنرل اسيمبلي سيڪريٽري جنرل چونڊيندي آهي۔ سيڪريٽري جنرل اسيمبلي کي هڪ سالانہ رپورٽ پيش ڪندو آهي ۽ انکي حق حاصل تہ پنهنجو عملو خود نامزد ڪري۔

گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ۾ هيٺ ڏنل دفتر شامل آهن۔

  1. سيڪريٽري جنرل جو دفتر
  2. اقتصادي ۽ سماجي امرن جو محڪمو
  3. خصوصي سياسي معاملن جو دفتر
  4. توليتي ۽ غير مختيار علائقن جو عملو
  5. اطلاعات عامہ جو دفتر
  6. قانوني امرن جو دفتر
  7. ڪانفرس سروس جو دفتر
  8. ڪنٽرولر جو دفتر
  9. جنرل سروسز جو دفتر
  10. سياسی ۽ تحفظاتي امرن جو محڪمو
  11.   گڏيل قومن جو جنيوا جو دفتر

هيٺ ڏنل امدادي ادارن ۾ به گڏيل قومن جو عملو ڪم ڪري ٿو۔

اهي ادارا جنکي جنرل اسيمبلي يا اقتصادي ڪائونسل قائم ڪري

  • يونيسف (UNICEF) هن جو صدر دفتر نيويارڪ ۾ آهي۔
  • ترقياتي پروگرام (UNDP)
  • مهاجرن جي ڪميشن(UNRWA)
  • اقتصادي ترقي جي تنظيم (UNIDO)
  • انڪٽاڊ (UNCTAD)

لاڳاپيل مضمون[سنواريو]

  • گڏيل قومن جا رڪن ملڪ
  • غير نمائنده قومون ۽ عوامي تنظيم

حوالا[سنواريو]