مواد ڏانھن هلو

ڪروشيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ڪروئيشيا

Flag of ڪروئيشيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
مڪانيت  ڪروشيا  

  (تيز سائو)
مڪانيت  ڪروشيا     (تيز سائو)
جو مقامڪروئيشيا
گادي جو هنڌ زغرب
45°48′N 16°0′E / 45.800°N 16.000°E / 45.800; 16.000
سڀ کان وڏو شهرزغرب
دفتري ٻوليونڪروئيشيائي
لکت جو نمونو لاطيني
نسلي گروھ (2011[1])
مذهب (2011)
مقامي آبادي
حڪومتوحداني پارلياماني آئيني ريپبلڪ
 صدر
زوران ملانووچ
آندري پلينڪووچ
گورڊن جانڊروڪووچ
مقننه سئبور (Sabor)
قیام
 ڊچي
ستين صدي عيسوي
925
1102
 ھئبسبرگ بادشاھت ۾ شموليت
1 جنوري 1527
 آسٽرو ھنگري ايمپائر کان علحدگي
29 آڪٽوبر 1918
 
4 ڊسمبر 1918
 ڪروئيشيا جي آزادي
25 جون 1991
12 نومبر 1995
 يورپي يونين ۾ شموليت
1 جولاءِ 2013
پکيڙ
 جملي
56,594 km2 (21,851 sq mi) (124th)
 پاڻي (%)
1.09
آبادي
 2019 اندازو
Decrease 4,076,246[2] (127th)
 2011 مردم شماري
4,284,889[3] (128th)
  گھاٽائي
73/km2 (189.1/sq mi) (109th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2020 لڳ ڀڳ
 ڪل
$117.928 ارب يو ايس ڊالر[4] (81st)
 في سيڪڙو
$29,207[4] (55th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2020 لڳ ڀڳ
 ڪل
$63.172 ارب يو ايس ڊالر [4] (77th)
 في سيڪڙو
$15,646[4] (55th)
جِينِي (2018)Positive decrease 29.7[5]
ڪمتر · 17th
ايڇ ڊي آء (2018)Increase 0.837[6]
انتهائي اعلیٰ · 46th
ڪرنسيڪونا (HRK)
معياري وقتCET (متناسق عالمي وقت+1)
CEST (متناسق عالمي وقت +2)
تاریخ جو نمونوdd.mm.yyyy (CE)
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+385
سرپرست سَینٽSt. Joseph[7]
انٽرنيٽ ڊومين


ڪروئيشيا(انگريزي: Croatia )(Listeni/krˈʃə/, kroh-AY-shə)، جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ڪروئيشيا آھي،ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ واقع هڪ ملڪ آهي جنھن جون حدون اتر-اولھ ۾ سلووينيا, اتر-اوڀر ۾ ھنگري، اوڀر ۾ سربيا، ڏکڻ-اوڀر ۾ بوسنيا ۽ ھرزگوينه ۽ مونٽي نيگرو ۽ اٽلي واري بحري سرحد سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ زغرب شھر آھي جيڪو ملڪ جو انتظامي علائقو پڻ آھي جنھن ۾ 20 ڪائونٽيون واقع آھن. ڪروئيشيا جي پکيڙ 56594 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي 4،28،00،000 اٿس جيڪا اڪثريت ۾ رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ڪروئيشيا لاءِ چيو وڃي ٿو ته پٿر جي دؤر کان وٺي آباد هو. ھن علائقي ۾ ڪروٽ نسل جا ماڻهو ڇھين صدي عيسويءَ ۾ آيا جن اتي نائين صدي عيسويءَ تائين ٻہ ڊچيون وسايون. ان کي 7 جون 879ع ۾ ڊيوڪ برانيمر جي حاڪميت ۾ ھڪ خودمختيار رياست طور مڃتا ملي. 925ع ۾ ٽوميسلاف ھن ڪروئيشيا جو پھريون بادشاھ ٿيو جنھن جو خاندان ٻہ سؤ سالن تائين حاڪم رھيو. 1102ع ۾ ھي ملڪ ھنگري جي بادشاھت جو حصو ٿي ويو. 1527 کان ڪروئيشيا ۽ خلافت عثمانيه جي وچ ۾ ڊگھي جنگ جو آغاز ٿيو جيڪا 100 سالن تائين جاري رھي. ڪروئيشيائي پارليامينٽ فرڊيننڊ پھرين کي تخت تي ويھاريو. آڪٽوبر 1918ع ۾ پھرين جنگ عظيم جي پوئين دور ۾ زغرب ۾ سلوويني، ڪروٽ ۽ سربيائي رياست آسٽرو-ھنگري ايمپائر کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڊسمبر 1918ع ۾ ڪنگڊم آف يوگوسلاويا جي قيام جو اعلان ڪيو ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. سانچو:Croatian Census 2011
  2. "Population on 1 January". ec.europa.eu/eurostat. Eurostat. 22 July 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. سانچو:Croatian Census 2011
  4. 1 2 3 4 "World Economic Outlook Database, October 2019 – Croatia". International Monetary Fund. 16 January 2020 تي حاصل ڪيل.
  5. "First Results". 21 July 2017 تي حاصل ڪيل.
  6. "Human Development Report 2019" (PDF) (انگريزي ۾). United Nations Development Programme. 10 December 2019. 10 December 2019 تي حاصل ڪيل.
  7. "Hrvatski sabor – Povijest". اصل نسخو مان 6 مارچ 2018 تي محفوظ ڪيل. 10 مارچ 2018 تي حاصل ڪيل.