سوئيزرلينڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سوئٽزرلينڊ کان چوريل)
سوئس ڪنفيڊريشن

Flag of سوئٽزرلينڊ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '(traditional)
"Unus pro omnibus, omnes pro uno" (ٻولي؟)
"ھڪ سڀن لاء، سڀ ھڪ لاءِ"
ترانو: "Swiss Psalm"
سويٽذرلينڊ جي نقشي ۾ مقام
سويٽذرلينڊ جي نقشي ۾ مقام
گادي جو هنڌ ڪوبہ نہ (قانون تحت)
برن (درحقيقت)
46°57′N 7°27′E / 46.950°N 7.450°E / 46.950; 7.450
سڀ کان وڏو شهر زيورخ
دفتري ٻوليون جرمن ٻولي
فرانسيسي ٻولي
اطالوي ٻولي
رومانش ٻولي
مقامي آبادي انگريزي ٻولي: سوئس ماڻھو سوئس,
جرمن: شوزر يا شوزرن ,
فرينچ: سوئسس,
سانچو:Lang-it
حڪومت فيڊرل يا وفاقي نيم سڌي جمهوريت جي هيٺ ملٽي-پارٽي پارلیمانی نظام ڊائريڪٽوريل انتظامي نظام ريپبلڪ
والٽر ٿورنهير
مقننه وفاقي اسيمبلي
رياستن جي ڪائونسل
نيشنل ڪائونسل
اِتهاسُ
1 آگسٽ 1291
24 آڪٽوبر 1648
7 آگسٽ 1815
12 سيپٽمبر 1848
پکيڙ
• جملي
41٬285 km2 (15٬940 sq mi) (132nd)
• پاڻي (%)
4.2
آبادي
• 2016 اندازو
8,401,120 (99th)
• 2015 مردم شماري
8,327,126
•  گھاٽائي
202 /km2 (523.2 /sq mi) (63rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$517 سؤ ملين (بلين) (39th)
• في سيڪڙو
$61,360 (9th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$681 سؤ ملين (بلين) (19th)

سويٽذرلينڊ (جرمن ٻولي: دي شوايدز، فرانسيسي ۾ لا سويسي ۽ ايثاليائي ۾ لا سويزي را ) سڏيو ويندو آهي.

سويٽذرلينڊ هڪ يورپي ملڪ آهي جيڪو جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان هڪ پاسي الپس جبل جي خوبصورت وادين ۽ ٻئي طرف ايورہ جي هيٺانهين مٿانهين جبلن ۾ واقع هڪ ملڪ آهي. هي ملڪ 21 هزار 265 چورس ڪلو ميٽر يا 15 هزار 940 چورس ميل جي ايراضي تي پکڙيل آهي. گهڻو علائقو الپس (ALPS) جي وڻدڙ منظر جبلن ۾ گهيريل آهي. ملڪ جي مجموعي آبادي 2015 ۾ هڪ اندازي مطابق تقريباً 8 ملين آهي. آباديءَ جو گهڻو حصو مٿاهون پٽ تي قائم وڏي شهرن ۾ رهندو آهي. بين الاقوامي شهرت ماڻيل ٻن شهرن يعني زيورخ ۽ جنيوا کي ملڪ جو اقتصادي مرڪز جي حيثيت حاصل آهي. ملڪ جو قومي ڏينهن هر سال پهرئين آگسٽ تي ملهايو ويندو اهي، جيڪو روايتي طور تي رياست جي قائم ٿيڻ جو ڏينهن سمجهيو ويندو آهي يعني سوئس ڪنفيڊريشن جو قيام پهرئين آگسٽ 1291 تي عمل ۾ آيو، تنهنڪري پهرئين آگسٽ ملڪ جو قومي ڏينهن بڻيو آهي. سوئٽزرلينڊ في ماڻهو آمدني Per capita income جي لحاظ کان دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو آهي.

معيشت

مجموعي ملڪي پيداوار جي لحاظ کان سوئٽزرلينڊ دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو آهي زيورخ ۽ جنيوا جهڙا بين الاقوامي شهرت رکندڙ شهرن کي ملڪي معيشت ۾ گهڻو اهم مقام حاصل آهي. سوئٽزرلينڊ 20هين صدي عيسوي جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ (ايڪسپورٽر) ۽ 18هين صدي عيسوي جو سڀ کان وڏو درآمد ڪندڙ ملڪ رهيو آهي.

ٻوليون

سوئٽزرلينڊ ۾ جرمن، فرانسيسي ۽ اطالوي ٻوليون رائج آهن تنهن هوندي رومانين ڳالهائيندڙ پڻ گهٽ ناهين. اِنهن مختلف لساني ۽ ثقافتي ايڪائين جي هوندي سوئس قوم جي اتحاد جو وڏو ڪارَڻُ هڪ گڏيل شاندار تاريخي پس منظر آهي.

ڊيووس

سوئزرلينڊ جي اوڀرندي سرحد جي ويجهو آلپس جي جبلن ۾ Davos نالي هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي آبادي 2017 تائين يارنهن هزار ماڻهو (فرد) کان گهٽ هئي. هي شهر سامونڊري سطح کان لڳڀڳ پنج هزار فٽ جي مٿانهينءَ (بلندي) تي واقع آهي ۽ هڪ مشہور ski resort آهي.
هر سال ورلڊ اڪنامڪ فورم World Economic Forum جي سالياڻي محفل هِن ننڍڙي پِتڪڙي شهر ۾ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سموري دينا جا امير ترين ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. ان مجلس ۾ اڳئين سال جي لاءِ دنيا جي قسمت جا فيصلا ڪيا ويندا آهن.[1][2] جنوري 2019 ۾ ٿيندڙ اهڙي هڪ محفل ۾ دسموري نيا منجهان 1500 کان وڌيڪ مهمان پنهنجي ذاتي جيٽ جهاز ۾ چڙهي آيا هيا.[3]

مسجدن تي پابندي

تفصيل جي لاءِ ڏسو سويٽزر لينڊ ۾ مينارن تي پابندي

شهر برن ويجهو هڪ مسجد جنهن جي مينار جو 6 ميٽر بلند هيو، اڏاوت ڪرڻ جي اجازت اهو چئي نہ ڏني وئي تہ مينار سياسي اسلام جي علامت بڻجندو ۽ ان لاءِ سيڪولر معاشري ۾ ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هاڻي هڪ جماعت پاران تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي تہ مسجدن جي مينارن تي مستقل پابندي لڳائي وڃي.[4]

وڌيڪ ڏسو

حوالا

  1. DAVOS, AND ITS INFAMOUS PARTIES, RETURNS THIS WEEK
  2. "It's A Reunion For People Who Broke The World"
  3. 1,500 Private Jets To Descend On Davos This Week, Up 50% From Last Year
  4. تنهن هوندي آئيني طور تي مذهبي آزادي بنيادي حق هئڻ جي سبب اهو نقطو اختيار ڪيو ويو تہ اسلام جي ڪنهن ڪتاب ۾ مينار جي مسجد سان گڏ هئڻ جو ذڪر ناهي ۽ اصل ۾ اهو ثقافتي معاملو آهي. زمان، 7 جون 2007ء آرڪائيو ڪيا ويا 2007-09-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Switzerland mulls banning minarets

سانچو:يورپي ملڪ سانچو:فرانڪوفوني