مواد ڏانھن هلو

فجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمهوريه فجي
Republic of Fiji

  • Matanitu Tugalala o Viti (فجي ٻولي)
  • फ़िजी गणराज्य (فجي هندي)
Flag of فجي
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"خدا کان ڊڄو ۽ راڻي کي عزت ڏيو"
"Rerevaka na Kalou ka Doka na Tui"
[1]}}
A
A
B
B
گادي جو هنڌسووا[2]
18°10′S 178°27′E / 18.167°S 178.450°E / -18.167; 178.450
سڀ کان وڏو شهرسووا، راڄڌاني شهر
تسلیم ٿيل قومي ٻوليA, B, C
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليونD
سرڪاري ٻوليون[3]
نسلي گروھ (2016ع)
  • 56.8% فجي جا اصلوڪا
  • 37.5% ھندوستاني 1.2% روٽومان 4.5% ٻيا (يورپي، چيني، ٻيٽ وارا)
مذهب (2018ع)
مقامي آباديفجيئن يا فجيائي
حڪومتوحداني پارلياماني جمهوريه
 صدر
نائڪاما لالا بالاوو
 وزيراعظم
سيٽني رابوڪا
 نائب وزيراعظم
  1. وليم گاووڪا
  2. بمن پرساد
  3. منواڪامي ڪميچا
 چيف جسٽس
سيلسي ٽيمو
 پارليامينٽ جو اسپيڪر
فيليمون جتوڪو
مقننه پارليامينٽ
آزادي
10 آڪٽوبر 1970
 ريپبلڪ
7 آڪٽوبر 1987
 C
3
 D
4
 E
5
پکيڙ
 جملي
18,274 چورس ڪلوميٽر (7,056 چورس ميل) (151st)
 پاڻي (%)
نا هئين جي برابر
آبادي
 2018ع اندازو
9,26,276[4] (161هون)
 2017ع مردم شماري
884,887[5]
  گھاٽائي
46.4/km2 (120.2/sq mi) (148هون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2018ع لڳ ڀڳ
 ڪل
9.112 ارب آمريڪي ڊالر[6]
 في سيڪڙو
10,251 آمريڪي ڊالر[6]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018ع لڳ ڀڳ
 ڪل
5.223 ارب آمريڪي ڊالر[6]
 في سيڪڙو
5,876 آمريڪي ڊالر[6]
جِينِي (2013ع)36.4[7]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2017)Increase 0.741[8]
اعلیٰ · 92هون
ڪرنسيفجي جو ڊالر (FJD)
معياري وقتFJT (متناسق عالمي وقت+12)
FJST[9] (متناسق عالمي وقت +13[10])
ڊائلنگ ڪوڊ+679
انٽرنيٽ ڊومين.fj

فجي(انگريزي: Fiji )، سرڪاري طور تي "فجي جي جمهوريه" ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾، اوشينيا جي ذيلي علائقي، ميلانيشيا ۾ هڪ ٻيٽ وارو ملڪ آهي. اهو نيوزي لينڊ جي اتر واري ٻيٽ جي اتر-اوڀر ۾ تقريباً 2,000 ڪلوميٽر (1,300 ميل) تي آهي. ھن جي سڀ کان ويجھي ملڪن ۾؛ اولھه طرف وانوآتو، ڏکڻ اولھه ۾ نيو ڪئليڊونيا، ڏکڻ اولھه ۾ نيوزيلينڊ، اوڀر ۾ ٽونگا، اتر اوڀر م ساموآ ٻيٽ ۽ اتر ۾ تووالو واقع آھن. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سووا شھر آھي، جيڪو ويٽي ليوو ٻيٽ تي واقع آھي.

اها 330 کان وڌيڪ ٻيٽن، جن مان تقريباً 110 مستقل طور تي آباد آهن ۽ 500 کان وڌيڪ ننڍي ٻيٽن تي مشتمل آهي، ڪل زميني ايراضي تقريباً 18,300 چورس ڪلوميٽر (7,100 چورس ميل) ۽ آبادي 9,50,000 آهي. سڀ کان ٻاهرين ٻيٽن جو گروپ "اونو-آءِ-لاؤ" آهي. ڪل آبادي جو تقريباً %87 ٻن وڏن ٻيٽن؛ "ويٽي ليوو" ۽ "وانوا ليوو"، تي رهي ٿو. فجي جا لڳ ڀڳ ٽي-چوٿو ماڻهو ويٽي ليوو جي ساحلن جي ويجهو، سووا شهر يا ننڍن شهري مرڪزن ۾ رھڻ ٿا. ملڪ جي تفريحي ٻيـڙين (Cruiseship) جو سڀ کان وڏو مرڪز ويٽي ليوو ٻيٽ تي واقع آھي. ٻيئن ننڍي شهري مرڪزن ۾؛ نادي، جتي سياحت وڏي مقامي صنعت آهي يا لاوٽوڪا، جتي ڪمند جي صنعت غالب آهي، شامل آهن. ويٽي ليوو جو اندرين علائقو، ان جي خراب زمين جي ڪري گهٽ آبادي وارو آهي.

جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف فجي آھي. اھو ميلنيشيا جو ٻيٽن تي مشتمل پيسيفڪ سمنڊ ۾ اوشنيا کنڊ جو نيوزيلينڊ جي اتر واري ٻيٽ جي اتر-اوڀر ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جنھن جي پکيڙ 1,100 nautical miles (2,000 ڪلوميٽر; 1,300 mi) آھي. . فجي جا 330 ٻيٽ آھن جن مان 110 ٻيٽن تي ماڻھن جي مستقل رھائش آھي. ان کان سواءِ اٽڪل 500 ننڍڙا ٻيٽڙا اٿس انھن سميت پکيڙ 18,300 چورس ڪلوميٽر (7,100 چورس ميل) اٿس. ملڪ جا سڀ کان وڏا ٻيٽ اونو آء لائو (Ono-i-Lau) ان کان سواءِ ٻہ وڏا ٻيٽ وٽي ليوو ۽ وينوئا ليوو آھن. فجي جو %87 سيڪڙو آبادي انھن ٻيٽن م رھائش پذير آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سووا شھر آھي جيڪو وٽي ليوو تي واقع آھي جتي ملڪ جو ڪروز بحري ٻيڙن جو سڀ کان وڏو بندر واقع آھي.[11]

خيال آهي ته پندرھن ڪروڙ سال اڳ ڌرتي تي ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سان آيل تبديلين ھنن ٻيٽن کي وجود ۾ آندو ھيو. زميني تبديليون اڃان بہ وينوئا ليوو ۽ ٽيويئوني ٻيٽن تي عمل ۾ اچن پيون.[12] فجي کي 1874 ۾ برطانيا ڪالوني بڻايو ۽ 1970 تائين برطانيا جي تخت ھيٺ رھيو ۽ ان سال ھن ملڪ برطانيا جي شاھي حڪمراني ماتحت آزادي ماڻي. 1987 م ھتي فوجي بغاوت ذريعي قائم ٿيندڙ حڪومت ھن ملڪ کي ريپبلڪ جو درجو ڏنو. 2006 م وري ھتي فوجي بغاوت ذريعي ڪوموڊور فرينڪ بئنيمارما جي حڪومت قائم ٿي جنھن کي 2009 م ملڪ جي ھاء ڪورٽ غيرقانوني قرار ڏنو. [13] 17 سيپٽمبر 2014 ۾ ھتي عام چونڊون ٿيون جنھن م بئنيمارما جي پارٽي 59.2 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.[14] فجي جي معيشت علائقي جي اندر وڌيڪ ترقي يافتہ آھي. ان جي ڪرنسي فجي وارو ڊالر آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "About Fiji – History, Government and Economy". www.fijihighcommission.org.uk.
  2. Although Suva is the largest population center that is classified as a "city", the town of Nasinu has a population that is slightly higher than Suva's. See "Age, Sex and Marital Status by Urban and Rural Enumeration, Fiji 2007". statsfiji.gov.fj. Fiji Bureau of Statistics. 5 June 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. Compare: "Constitution of the Republic of Fiji". fiji.gov.fj. The Fijian Government. 14 March 2017 تي حاصل ڪيل. Subsection 3(3) reads: "This Constitution is to be adopted in the English language and translations in the iTaukei and Hindi languages are to be made available." Subsection 31(3) clarifies that Fiji Hindi is the intended meaning of "Hindi".
  4. "World Population Prospects 2017". United Nations-Population Division. 1 July 2017. 4 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. Government of Fiji (10 January 2018). "Fiji Bureau of Statistics Releases 2017 Census Results". 3 November 2018 تي حاصل ڪيل.
  6. 1 2 3 4 "Fiji". International Monetary Fund.
  7. "Gini Index". World Bank. 5 November 2017 تي حاصل ڪيل.
  8. "Human Development Indices and Indicators 2018 Statistical Update" (PDF). United Nations Development Programme. 2018. ص. 9. 22 January 2019 تي حاصل ڪيل.
  9. "FJST – Fiji Summer Time". timeanddate.com. 24 October 2012 تي حاصل ڪيل.
  10. "Fiji Reignites Daylight Saving Time on November 29". timeanddate.com. 10 November 2009. 2 May 2010 تي حاصل ڪيل.
  11. Fiji Cruises Destination Topics آرڪائيو ڪيا ويا 2016-04-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Retrieved 23 March 2016.
  12. "Fiji Geography". fijidiscovery.com. 2005. اصل نسخو مان 23 February 2011 تي محفوظ ڪيل. 15 September 2010 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  13. "Fiji's president takes over power". BBC. 10 April 2009. اصل نسخو مان 13 April 2009 تي محفوظ ڪيل. 15 September 2010 تي حاصل ڪيل.
  14. Perry, Nick; Pita, Ligaiula (29 سيپٽمبر 2014). "Int'l monitors endorse Fiji election as credible". Associated Press. اصل نسخو مان 21 September 2014 تي محفوظ ڪيل. 25 September 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)