چلي


]]


هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه چلي (Republica De Chile) آهـي.
نالو[سنواريو]
هـن مـلڪ تـي هـيءُ نـالـو Tchili تان کنيل آهي، جـنـهـن جـي مـعـنيٰ برف (Snow) آهي.
پکيڙ[سنواريو]
چلي ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ پيرو، اوڀر ۾ بوليويا ۽ ارجنٽينا، ڏکڻ ۽ اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ آهن. چلي پئسفڪ سمنڊ جي ڏکڻ اولاهين ڪناري تي واقع آهي. چلي دنيا جو سڀ کان سنهڙو ۽ ڊگھو ملڪ آهي. چليءَ جي پکيڙ 756626 چورس ڪلوميٽر (292058 چورس ميل) ۽ آبادي هڪ ڪروڙ 60 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. چليءَ جي گاديءَ جو هنڌ سانتياگو (Santiago) آهي ۽ هتي جو سڀ کان مٿانهون هنڌ ’اوجوس ڊل سلاڊو’ (بلندي: 6870 ميٽر) آهي.
ٻولي[سنواريو]
چليءَ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي.
وسيلا[سنواريو]
هتان جي مکيه زرعي پيداوار ۾ ڪڻڪ، بصر، ٻج، پٽاٽا، ميوا، مڪئي، انگور، زيتون، جَوَ، صوف، آڙو اچي وڃن ٿا. هتي جي مکيه صنعتن ۾ مڇيءَ جي پيڪنگ، ڪاٺ جون شيون، لوهه، ڪاغذ، مشينري، ڪيميائي شيون، ڪپڙو اڻڻ شامل آهن.
موسم[سنواريو]
هتان جي موسم خط استوا جي ويجھو آهي، ان ڪري هن جو اتريون علائقو ڏاڍو گرم ۽ ڏاکڻيون حصو ٿڌو آهي. چلي هڪ آزاد جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي.
آزادي[سنواريو]
هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 12 فبروري 1818ع آهي ۽ هن تي گڏيل قومن جي اداري (UNO) ۾ 24 آڪٽوبر 1945ع کان ميمبرشپ حاصل آهي.[1]
حوالو[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012