ٽوگو
ٽوگوليز ريپبلڪ Togolese Republic | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت ٽوگو
(تيز نيرو رنگ) | |||||
| گادي جو هنڌ | لومئ 6°8′N 1°13′E / 6.133°N 1.217°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | لومئ | ||||
| دفتري ٻوليون | فرانسيسي | ||||
| تسلیم ٿيل قومي ٻولي | ايو ٻولي • ڪابيي ٻولي | ||||
| نسلي گروھ | 99% ايو، ڪانيي، ٽيم ۽ گوئرما ماڻھو 33% ٻيا آفريڪي ماڻهو | ||||
| مقامي آبادي | ٽوگوليز | ||||
| حڪومت | وحداني غالب پارٽي صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر | فئوري نيسنگي | ||||
• وزيراعظم | ڪومي سيلوم ڪلاسوء | ||||
• | A | ||||
| مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
| آزادي | |||||
• فرانس کان | 27 اپريل، 1960ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 56,785 چورس ڪلوميٽر (21,925 چورس ميل) (123هون) | ||||
• پاڻي (%) | 4.2 | ||||
| آبادي | |||||
• 2017ع اندازو | 7,965,055[2] (99هون) | ||||
• 2010ع مردم شماري | 6,337,000 | ||||
• گھاٽائي | 125.9/km2 (326.1/sq mi) (93هون) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | 12.433 ارب آمريڪي ڊالر[3] (150هون) | ||||
• في سيڪڙو | 1,468 آمريڪي ڊالر[3] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | 4.797 ارب آمريڪي ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | 621 آمريڪي ڊالر | ||||
| جِينِي (2011) | اعلیٰ | ||||
| ايڇ ڊي آء (2017) | ڪمتر · 165th | ||||
| ڪرنسي | ويسٽ آفريڪن سي ايف اي فرئنڪ (XOF) | ||||
| معياري وقت | GMT (متناسق عالمي وقت+0) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄي | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +228 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .tg | ||||
ٽوگو (Togo)، سرڪاري نالو "ٽوگاليز ريپبلڪ"، اولھه آفريڪا جو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي جنھن جون سرحدون اولھه م گھانا، اوڀر ۾ بينن، اتر ۾ برڪينا فاسو ۽ ڏکڻ ۾ گني جي نار سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ لومي شھر آھي جيڪو گني جي نار تي واقع آهي. ٽوگو جي پکيڙ 57,000 چورس ڪلوميٽر آهي اھڙي طرح آفريڪا جي ننڍڙن ملڪن ۾ شامل آھي جنھن جي آبادي اٽڪل ڏھه لک جي لڳ ڀڳ آهي.
ھن ملڪ واري خطي ۾ يارھين کان سورھين صديءَ دوران مختلف قبيلا لڏي ڦھلجندا ويا. ملڪ جو ساحلي علائقو غلامن جي خريد۽ فروخت جو مرڪز ھيو جتي يورپي واپاري اچي خريداري ڪندا هئا. ان واپار ھن ملڪ جي ساحل کي غلامن جي ساحل طور مشھوري ڏني. سال 1884ع ۾ جرمني ھن علائقي کي "ٽوگولينڊ" جي نالي سان پنھنجو زير نگراني علائقو (Protectorate) بڻائي ڇڏيو. پھرين مهاڀاري جنگ ۾ ھن ملڪ جي حاڪميت فرانس جي حوالي ٿي. سال 1960ع ۾ ھن ملڪ فرانس کان آزادي ورتي. سال 1967ع ۾ ڪميونسٽ مخالف، نيسنگبي آياديما فوجي بغاوت ذريعي ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ھڪ جماعتي ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي. سال 1993ع م ھتي گھڻ جماعتي صدارتي چونڊون ٿيون جن م ھي ڌانڌلي جي الزامن ۾ کٽي آيو ۽ اھڙي طرح ملڪ جو لاڳيتو ٽي ڀيرا صدر رھيو ۽ مرڻ تائين ملڪ جو صدر رھيو. ان وقت ھن جو صدارتي عھدي جو لاڳيتو ڪل مدو 38 سال ھجڻ جي ڪري آفريڪا جو سڀ کان گھڻي دير تائين صدر رھڻ جو اعزاز رکندڙ حاڪم ھيو.[6] سال 2005ع م سندس پٽ، فوري نيسنگبي (Faure Gnassingbé) صدر چونڊجي آيو.
ٽوگو جو موسم گرم آھي ۽ ھتان جا ماڻھو صحارا جي قوم سڏبا آهن جن جي معيشت زراعت تي دارومدار رکندڙ آھي ۽ اھا موسم سندن پوکن ۾ فائدو پھچائيدڙ آهي. ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ يا فرانسيسي آھي. ماڻھن جو مذھب روايتي آفريڪي عقيدي تي مشتمل آهي پر عيسائي ۽ مسلمان بہ ھتي نمايان اقليتون آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑
"Constitution of Togo". 2002. اصل نسخو مان 14 فيبروري 2012 تي محفوظ ڪيل. 20 نومبر 2011 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - 1 2 "Togo". CIA World Factbook. Central Intelligence Agency. 26 October 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Togo". International Monetary Fund.
- ↑ "Gini Index". World Bank. 2 March 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2018. 14 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Obituary: Gnassingbe Eyadema". (5 February 2005). BBC News. Retrieved 22 May 2007.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| او آءِ سي | |
| افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان | |