ڊينمارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنگڊم آف ڊينمارڪ

Red with a white cross that extends to the edges of the flag; the vertical part of the cross is shifted to the hoist side
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: Der er et yndigt land
There is a lovely country

Kong Christian stod ved højen mast[N 1]
King Christian stood by the lofty mast
ڊينمارڪ جي بادشاھت گرين لينڊ سميت(سائي رنگ سان ڏيکاريل). دائري ۾ فوري وارا ٻيٽ
ڊينمارڪ جي بادشاھت گرين لينڊ سميت(سائي رنگ سان ڏيکاريل). دائري ۾ فوري وارا ٻيٽ
مڪانيت  ڊينمارڪ  (تيز سائو) – يورپ ۾  (سائو & تيز ڀورو رنگ) – in يورپي يونين  (سائو)
مڪانيت  ڊينمارڪ  (تيز سائو)

– يورپ ۾  (سائو & تيز ڀورو رنگ)
– in يورپي يونين  (سائو)

گادي جو هنڌ ڪوپن هيگن
55°43′N 12°34′E / 55.717°N 12.567°E / 55.717; 12.567
سڀ کان وڏو شهر ڪوپن هيگن
دفتري ٻوليون ڊينش
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون فيروئيس

گرين لينڊڪ

جرمن[2]
مذهب
مقامي آبادي
حڪومت وحداني پارليامينٽري
آئيني بادشاهت

Frederik X

لارس لوڪي راسموسن
مقننه فوڪيٽنگ
ڊينمارڪ جي تاريخ
• ڊينمارڪ جو استحڪام (وچولو دؤر)
اٺين صدي [3]
5 جون 1849
• رياستي اتحاد
24 مارچ 1948[4]
پکيڙ
• ميٽروپوليٽن
42٬933 km2 (16٬577 sq mi)[5] (130th)
• سموري بادشاھت
2٬220.93 km2 (857.51 sq mi)
(12th)
آبادي
• 2018 اندازو
5,806,015[6] (112th)
• فوري وارا ٻيٽ
50,498[7]
• گرين لينڊ
55,860[8]
•  گھاٽائي (Denmark)
134.76 /km2 (349.0 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$299.166 ارب ڊالر[9][N 2] (52nd)
• في سيڪڙو
$51,643[9] (19th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$369.760 ارب ڊالر [9][N 2] (34th)
A labelled map of Denmark
ڊينمارڪ جو نقشو جنھن جا شھري آبادي وارا ٻيٽ پلين سان ڳنڍيل آهن

ڊينمارڪ(انگريزي: Denmark) سانچو:Lang-da, سانچو:IPA-da ˈdanmɑɡ جنھن جو سرڪاري نالو ڪنگڊم آف ڊينمارڪ آھي اسڪينڊينيويا جو ڏکڻ طرف نارڊڪ ملڪ آھي. ھي ھڪ خودمختيار رياست آھي جيڪا سويڊن جي ڏکڻ اولھ ۽ ناروي جي ڏکڻ ۾ واقع آھي[15]. ھن ملڪ جي زميني سرحد ڏکڻ ۾ جرمني سان ملي ٿي. ھن ملڪ م گرين لينڊ ۽ فوري ٻيٽ(انگريزي: Faroe Islands) پڻ شامل آهن جيڪي اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع آھن.

فوري ٻيٽن جو ھڪ ٻيٽ ڪيونوئي

ھي ملڪ دراصل ھڪ اپٻيٽ(انگريزي: peninsula) آھي جنھن جا 443 ٻيٽ پڻ آهي[16] جن ۾ وڏا ٻيٽ زيلينڊ، فونين . بارن ھوم ۽ اتر جوٽلينڊڪ ٻيٽ وڏي سائيز جا آھن.

ھموار، پوکي لائق ۽ واري وارا ساحلي علائقن مان ھڪ نڪتل تصوير
ڊينمارڪ جي ساحلي ڪنارن تي وڻ عام آھن

اھي ٻيٽ ھموار زمين، پوکي لائق زمين ۽ وارياسي سامونڊي ڪنارن وارا آھن. سمنڊ کان گھٽ بلندي وارا آھن جن جي موسم ٽيمپريٽ آھي.ملڪ جي پکيڙ 42394 چورس ڪلوميٽر آهي. گرين لينڊ ۽ فوري ٻيٽن سميت ملڪ جي ايراضي 2210579 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جي آبادي 5.8 ملين آھي. [17] ھي ملڪ نيٽو، نارڊڪ ڪائونسل، او.اي.سي.ڊي.، او.ايس.سي.اي. ۽ اقوام متحدہجو باني رڪن آهي. ملڪ شينجين واري خطي جو پڻ حصو آهي. ملڪ جو شمار دنيا اندر معاشرتي ۽ معاشي طور تي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ ھتان جي ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار ھر شعبي ۾ بلند ترين آھي ۽ ھن ملڪ ۾ رشوت خوري سڄي دنيا ۾ سڀ کان ھيٺين سطح تي آهي.

ڊينمارڪ جي تاريخ[سنواريو]

ڊينمارڪ جي متحد رياست ڏھين صدي عيسويءَ ۾ اڀري. ڊينش جھازراني ۾ مھارت رکندڙ قوم بڻجي بالٽڪ سمنڊ ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو.[3] 1397 ۾ ڊينمارڪ، سويڊن، ۽ ناروي گڏجي ھڪ رياست واري ڪلمار يونين قائم ڪئي جيڪا 1523 ۾ سويڊن جي علحدگي جي ڪري ٽٽي وئي پر ناروي ۽ ڊينمارڪ وارو علائقو 1814 تائين ساڳي بادشاھت ھيٺ متحد رھيو جيڪو ڊينو- نارويئن يا ڊينمارڪ-ناروي خطو سڏبو هو.

ڊيمو نارويئن خطو جنھن ۾ ناروي، ڊينمارڪ، گرين لينڊ ۽ آئيس لينڊ ڏيکاريل

نيپولين واري جنگن ۾ ناروي سويڊن جو حصو ٿي ويو ۽ ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ فوري ٻيٽ، گرين لينڊ ۽ آئس لينڊ رھيا. سترھين صدي ۾ ھن ملڪ جون سويڊن سان ڪافي تباھ ڪن جنگيون لڳيون جن جي نتيجي ۾ ھن ملڪ جو وڏو حصو سويڊن ايمپائر جي قبضي ۾ ھليو ويو.اڻوھين صدي ۾ قومي تحريڪن جي لھر ھلي پر 1864 ۾ ٻين شليسوگ جنگ ۾ قومپرستن کي شڪست سان ختم ٿيون. پھرين جنگ عظيم ۾ ڊينمارڪ غيرجانبدار رھيو. اپريل 1940 ۾ جرمني فوجون مختصر چڪرين سان ملڪ ۾ گھري قبضو ڪيو. 1943 کان جرمن فوج خلاف منظم مزاحمت جي شروعات ٿي وئي جيڪا مئي 1945 تائين جرمني جي شڪست تائين جاري رھي. اڻويھين صدي جي ٻئي اڌ ۾ ڊينمارڪ زرعي صنعت جو وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ ٿي ويو ھو. ويھين صديءَ ۾ ھن ملڪ ڪينسلرگڊ ايگريمنٽ ذريعي معاشرتي ۽ مزدوري متعلق معاشي سڌارا آندا جن موجودہ فلاحي رياست جو بنياد فراهم ڪيو ۽ نارڊڪ قومن ۾ ھي ملڪ مثال بڻجي وڏي پيماني تي مخلوط معيشيت (سرڪاري ۽ خانگي معيشت) (انگريزي: mixed economy) وارو ترقي يافتہ ملڪ بڻجي ويو. ڊينمارڪ جي آئين جي توثيق 5 جنوري 1849 ۾ ٿي جنھن سان ھتي مطلق بادشاھت جو خاتمو ۽ آئيني بادشاهت جي پارلياماني نظام سميت جي شروعات ٿي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪوپن هيگن رھيو جيڪو ھن ملڪ جو معاشي مرڪز آهي. 1948 ۾ فوري ٻيٽن ۾ مقامي ماڻھن کي پنھنجي حڪومت ٺاھڻ جو حق مليو. گرين لينڊ جي ماڻھن کي اھو حق 1979 ۾ مليو.2008 ۾ گرين لينڊ ۾ خودمختياري جي لاءِ ريفرنڊم ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ 2009 ۾ گرين لينڊ خودمختيار ٿي ويو.1973 ۾ ڊينمارڪ يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي جو رڪن ٿيو.

يورپي معاشي ڪميونٽي جي باني ميمبر جي حيثيت سان ڊينمارڪ 2007 ۾ يورپي يونين جي لزبن واري معاهدي جي توثيق ڪئي

ڊينمارڪ جو نالو[سنواريو]

ھن ملڪ جو نالو ڪنگڊم آف ڊينمارڪ آھي پر مختصرن ڊينمارڪ سڏبو آهي. مقامي ٻوليء ۾ کيس ڪانگريس ڊينمارڪ(انگريزي: Kongeriget Danmark) سڏيندا اٿس. لفظ ڊينمارڪ ٻن لفظن ڊين ۽ مارڪ جو سنگم آھي ڊين ھتان جي ماڻھن جو نالو آهي ۽ مارڪ لفظ مارچ جي بگڙيل صورت آهي جنھن جي معني آھي سرحد واري زمين يا ٻيلو. اھڙي طرح ڊينمارڪ جي معني آهي ڊين ماڻھن جو سرحدي يا ٻيلي وارو ملڪ [10].

ڊينمارڪ جو سياسي نظام[سنواريو]

ھتان جو رياستي نظام پارلياماني آئيني بادشاهت آهي ۽ حڪومت جي گادي ڪوپن هيگن ۾ آھي. ملڪ ۾ پھرين 271 ميونسپالٽيون ھيون جن کي پھرين جنوري 2007 ۾ گھٽائي 98 ڪيو ويو. پھرين ملڪ 13 ڪائونٽين ۾ ورھايل ھيو جيڪي ختم ڪري ملڪ جي انتظامي تقسيم پنجن خطن ۾ ڪئي وئي جن کي ريجن چيو ويندو آهي[10]:

  • ھوويسٽن(ڊچ اچار) (انگريزي: Hovedstaden)(ڪوپن هيگن واري ريجن)
  • مجيلنڊ(انگريزي: Midtjylland)(سينٽرل جوٽ لينڊ)
  • نارجيلينڊ(انگريزي: Nordjylland)(نارٿ جوٽ لينڊ)
  • شي لينڊ (زيلينڊ)
  • شوڊ ڊينمارڪ (سائوٿ ڊينمارڪ)



ڊينش نالو انگريزي نالو انتظامي مرڪز وڏو شھر
(آبادي ۾)
آدمشماري
(جنوري 2017)
جملي پکيڙ
(km²
ھوويسٽن ڊينمارڪ جي ڪيپيٽل ريجن ھلرڊ ڪوپن هيگن 1,807,404 2,568.29
مجيلينڊ سينٽرل ڊينمارڪ ريجن وائبورگ آرھوس 1,304,253 13,095.80
نارجيلينڊ اتر ڊينمارڪ ريجن آلبورگ آلبورگ 587,335 7,907.09
شي لينڊ زيلينڊ ريجن سورو راسڪيلڊ 832,553 7,268.75
شوڊ ڊينمارڪ ڏکڻ ڊينمارڪ ريجن وائيل(انگريزي: Vejle) اوڊينس 1,217,224 12,132.21

ڄاڻ جو ذريعو: ريجنل ۽ ٻي اھم ڄاڻ لاء ڏسو

ملڪ 965 ۾ ھڪ متحد رياست بڻيو ھيرالڊ I گورمسن جي سربراهي ۾ عيسائيت ۾ داخل ٿيو ۽ 5 جنوري 1849 ۾ پارلياماني آئيني بادشاهت بڻيو. 5 جون 1849 ۾ ملڪ جو آئين ٺھيو. ملڪ جو جھنڊو دنيا جو قديم ترين جھنڊو آھي ملڪ ۾ ڄمڻ جي بنياد تي شھريت نہ ملندي آهي ۽ والدين مان ڪو ھڪ ھتان جو شھري ھجڻ لازم آھي. شھرين کي ووٽ ڏيڻ جو حق 18 سالن جي عمر کان ملندو آھي. ملڪ جي رياست جي سربراھ ھن وقت راڻي مارگريٿ II جنھن جي تاجپوشي 14 جنوري 1972 ۾ ٿي ۽ ان جو ولي عھد سندس وڏو پٽ شھزادو فريڊرڪ آهي جيڪو 26 مئي 1968 ۾ پيدا ٿيو. ملڪ جي حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي ۽ 28 جنوري 2015 کان ان عھدي تي لارس لوڪي راسموسن فائز آھي[10].

ڪوپن هيگن ۾ ڪرسچين بورگ محل جنھن ۾ ڊينمارڪ جي پارليامينٽ، حڪومتي آفيسون ۽ سپريم ڪورٽ واقع آھن

ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن کي پيپلز اسيمبلي چوندا آهن ۽ ڊينش ٻولي ۾ فوڪيٽنگ چئبو آهي جنھن جون 179 سيٽون آھن جن ۾ 2 گرين لينڊ ۽ 2 فوري ٻيٽن جون سيٽون پڻ شامل آهن ۽ ميمبرن جي چونڊ چئن سالن لاءِ ٿيندي آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪورٽ سپريم ڪورٽ آھي جنھن ۾ ڪورٽ جي پريزيڊنٽ سميت 19 جج آھن. انھن جي مقرري ججن ۽ وڪيلن جي 6 رڪني خودمختيار ڪائونسل جي صلاح تي وزير انصاف پاران سفارش ڪرڻ تي شاھي سربراھ ڪندو آھي جيڪي ستر سالن تائين ان عھدي تي رھي سگھندا آهن. ملڪ ۾ 2 ھاء ڪورٽون ۽ ماتحت عدالتون پڻ آھن جن ۾ مختلف خاص عدالتون پڻ شامل آهن[10].

ڊينمارڪ جي جاگرافي[سنواريو]

Satellite image
جوٽ لينڊ ۽ ٻين ڊينش ٻيٽن جي سيٽلائيٽ مان نڪتل تصوير

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 56 00 N, 10 00 E آھي ء نقشي ۾ ان جو مقام يورپ کنڊ ۾ آھي. ملڪ جي پکيڙ 43094 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 42434 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 660 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي. ان پکيڙ ۾ ان جو ٻيٽ بورن ھوم(انگريزي: Bornholm) پڻ شامل آهي جيڪو بالٽڪ سمنڊ ۾ واقع آهي. ان کان سواءِ سيئلنڊ(انگريزي: Sjaelland)، فين وارا ٻيٽ ۽ جوٽ لينڊ وارو اپٻيٽ پڻ شامل آهن پر فوري ٻيٽ ۽ گرين لينڊ شامل ناھن.پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 134 نمبر تي آهي. ملڪ جي خشڪي واري سرحد 140 ڪلوميٽر آهي جيڪا جرمني سان ملي ٿي. ساحلي سرحد 7314 ڪلوميٽر اٿس.ملڪ جي سامونڊي علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل، ان سان لاڳيتو زون 24 ناٽيڪل ميل ۽ معاشي زون جي سمنڊ اندر دعویٰ 200 ناٽيڪل ميلن تائين اٿس[10]. ھتان جي موسم ٽيمپريٽ، گھميل ۽ اڪثر جھڙ واري آھي. ھتي جو سيارو ھلڪو ء ھوادار ھوندو آھي ۽ اونھارو ٿڌو ھوندو آھي. ملڪ جي سراسري بلندي 34 ميٽر آھي ۽ سڀ کان بلند ترين مقام موليھوج آهي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 171 ميٽر بلند آھي. ھتي جا قدرتي وسيلا پيٽرول، قدرتي گيس، مڇي، زرعي زمين، لوڻ، لائم اسٽون، چاڪ، بجري ۽ واري آھن. ھتان جي 63.4 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 58.9 سيڪڙو پوکي لائق آھي جنھن جو وري 0.1 سيڪڙو مستقل پوک ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 4.4 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 12.9 سيڪڙو مستقل ٻيلا اھن. 2011 ۾ ھتان جي زمين دنيا جي زرخيز ترين زمين ھئي. ھتي جي آبپاشي واري زمين 4350 چورس ڪلوميٽر آهي[10].

ڊينش ماڻهو[سنواريو]

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 5605948 ھئي۽ دنيا ۾ ھن ملڪ جو ابادي ۾ 116 نمبر ھيو. ھتان جي ماڻھن کي ڊينش يا ڊين سڏيو ويندو آهي.ڊينش نسل جا ماڻهو ڊينمارڪ ۾ گرين لينڊ ۽ فوري ٻيٽن سميت 86.7 سيڪڙو آھن.، ترڪ 1.1 سيڪڙو ۽ باقي ٻيا 12.2 سيڪڙو آھن جن ۾ پولش، شامي، جرمن، عراقي ۽ رومانين شامل آهن.ھتان جي ماڻھن جي ٻولي ڊينش، فوريسي، گرين لينڊڪ ۽ ڪجهه ماڻهن جي ٻولي جرمن پڻ آهي. انگريزي ھتان جي ماڻھن جي ھر مادري ٻولي کان پوءِ ٻين ٻولي آھي. ھتان جو سرڪاري مذھب انجيلي لوٿرن آھي ۽ 76 سيڪڙو آبادي ان مذھب سان تعلق رکندڙ آهي. مسلمان ھتي 4 سيڪڙو باقي ٻيا مذھب ھڪ سيڪڙو آھن[10].

حوالا[سنواريو]

  1. "Not one but two national anthems". Ministry of Foreign Affairs of Denmark. حاصل ڪيل 18 May 2014. 
  2. {Faroese is co-official with Danish in the Faroe Islands. Greenlandic is the sole official language in Greenland. German is recognised as a protected minority language in the South Jutland area of Denmark.}
  3. 3.0 3.1 Stone 200831.
  4. {The Faroe Islands became the first territory to be granted home rule on 24 March 1948. Greenland also gained autonomy on 1 May 1979.}
  5. "Area by region – StatBank Denmark – data and statistics". 
  6. "Population and population projections". Statistics Denmark. حاصل ڪيل 12 November 2018. 
  7. "Keyfigures by Statistics Faroe Islands". Hagstova Føroya. حاصل ڪيل 25 February 2018. 
  8. "2017 Population". Statistics Greenland. حاصل ڪيل 30 August 2017. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 "Denmark". International Monetary Fund. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 10.6 10.7 https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/da.html(سي[مئل ڳنڍڻو] آء اي فيڪٽس بڪ)
  11. "2017 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  12. {In the Faroe Islands the currency has a separate design and is known as the króna, but is not a separate currency.}
  13. {Other time zones used in Greenland and the Faroe Islands include: ويٽ, EGT, WGT and AST.
    Marginal DST time zones, offset by one hour, include: GMT, EGST, WGST, ADT}
  14. {The TLD .eu is shared with other European Union countries. Greenland (.gl) and the Faroe Islands (.fo) have their own TLDs.}
  15. {The island of Bornholm is offset to the east of the rest of the country, in the Baltic Sea}
  16. "Denmark in numbers 2010" (PDF). Statistics Denmark. حاصل ڪيل 2 May 2013. 
  17. "Population at the first day of the quarter by municipality, sex, age, marital status, ancestry, country of origin and citizenship"Retrieved 13 February 2017. January 2017


حوالي جي چڪ: "N" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="N"/> نہ مليو