مواد ڏانھن هلو

ڊينمارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنگڊم آف ڊينمارڪ

Red with a white cross that extends to the edges of the flag; the vertical part of the cross is shifted to the hoist side
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: Der er et yndigt land
There is a lovely country

Kong Christian stod ved højen mast[N 1]
King Christian stood by the lofty mast
ڊينمارڪ جي بادشاھت گرين لينڊ سميت(سائي رنگ سان ڏيکاريل). دائري ۾ فوري وارا ٻيٽ
ڊينمارڪ جي بادشاھت گرين لينڊ سميت(سائي رنگ سان ڏيکاريل). دائري ۾ فوري وارا ٻيٽ
مڪانيت  ڊينمارڪ  

  (تيز سائو)– يورپ ۾  

  (سائو & تيز ڀورو رنگ)– in يورپي يونين  

  (سائو)
مڪانيت  ڊينمارڪ     (تيز سائو)

 يورپ ۾     (سائو & تيز ڀورو رنگ)
 in يورپي يونين     (سائو)

گادي جو هنڌڪوپن هيگن
55°43′N 12°34′E / 55.717°N 12.567°E / 55.717; 12.567
سڀ کان وڏو شهرڪوپن هيگن
دفتري ٻوليونڊينش
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليونفيروئيس

گرين لينڊڪ

جرمن[2]
مذهب
مقامي آبادي
حڪومتوحداني پارليامينٽري
آئيني بادشاهت

Frederik X

لارس لوڪي راسموسن
مقننه فوڪيٽنگ
ڊينمارڪ جي تاريخ
 ڊينمارڪ جو استحڪام (وچولو دؤر)
اٺين صدي [3]
5 جون 1849
 رياستي اتحاد
24 مارچ 1948[4]
پکيڙ
 ميٽروپوليٽن
42,933 چورس ڪلوميٽر (16,577 چورس ميل)[5] (130th)
 سموري بادشاھت
2,220.93 چورس ڪلوميٽر (857.51 چورس ميل)
(12th)
آبادي
 2018 اندازو
Increase 5,806,015[6] (112th)
 فوري وارا ٻيٽ
50,498[7]
 گرين لينڊ
55,860[8]
  گھاٽائي (Denmark)
134.76/km2 (349.0/sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$299.166 ارب ڊالر[9][N 2] (52nd)
 في سيڪڙو
$51,643[9] (19th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$369.760 ارب ڊالر [9][N 2] (34th)
 في سيڪڙو
$63,829[9] (6th)
جِينِي (2015)Negative increase 28.8[10]
ڪمتر
ايڇ ڊي آء (2017)Increase 0.929[11]
انتهائي اعلیٰ · يارھون نمبر
ڪرنسيڊينش ڪرون[12] (DKK)
معياري وقتسيٽ (متناسق عالمي وقت+1)
سيسٽ (متناسق عالمي وقت +2)
[13]
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو
ڊائلنگ ڪوڊ
3 ڊائلنگ ڪوڊ
  • +45      (ڊينمارڪ )
  • +298    (فوري ٻيٽ )
  • +299    (گرين لينڊ)
انٽرنيٽ ڊومين
3 ٽاپ ليول ڊومين
  • .dk (ڊينمارڪ )[14]
  • .fo  (فوري ٻيٽ)
  • .gl  (گرين لينڊ )
A labelled map of Denmark
ڊينمارڪ جو نقشو جنھن جا شھري آبادي وارا ٻيٽ پلين سان ڳنڍيل آهن

ڊينمارڪ (انگريزي: Denmark)، جنھن جو سرڪاري نالو ڪنگڊم آف ڊينمارڪ آھي، اسڪينڊينيويا جو ڏکڻ طرف نارڊڪ ملڪ آھي. ھي ھڪ خودمختيار رياست آھي جيڪا سويڊن جي ڏکڻ اولھ ۽ ناروي جي ڏکڻ ۾ واقع آھي.[15] ھن ملڪ جي زميني سرحد ڏکڻ ۾ جرمني سان ملي ٿي. ھن ملڪ م گرين لينڊ ۽ فارو ٻيٽ (انگريزي: Faroe Islands) پڻ شامل آهن جيڪي اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع آھن.

فوري ٻيٽن جو ھڪ ٻيٽ ڪيونوئي

ھي ملڪ دراصل ھڪ اپٻيٽ(انگريزي: peninsula) آھي جنھن جا 443 ٻيٽ پڻ آهي[16] جن ۾ وڏا ٻيٽ زيلينڊ، فونين . بارن ھوم ۽ اتر جوٽلينڊڪ ٻيٽ وڏي سائيز جا آھن.

ھموار، پوکي لائق ۽ واري وارا ساحلي علائقن مان ھڪ نڪتل تصوير
ڊينمارڪ جي ساحلي ڪنارن تي وڻ عام آھن

اھي ٻيٽ ھموار زمين، پوکي لائق زمين ۽ وارياسي سامونڊي ڪنارن وارا آھن. سمنڊ کان گھٽ بلندي وارا آھن جن جي موسم ٽيمپريٽ آھي.ملڪ جي پکيڙ 42394 چورس ڪلوميٽر آهي. گرين لينڊ ۽ فوري ٻيٽن سميت ملڪ جي ايراضي 2210579 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جي آبادي 5.8 ملين آھي. [17] ھي ملڪ نيٽو، نارڊڪ ڪائونسل، او.اي.سي.ڊي.، او.ايس.سي.اي. ۽ اقوام متحدہجو باني رڪن آهي. ملڪ شينجين واري خطي جو پڻ حصو آهي. ملڪ جو شمار دنيا اندر معاشرتي ۽ معاشي طور تي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ ھتان جي ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار ھر شعبي ۾ بلند ترين آھي ۽ ھن ملڪ ۾ رشوت خوري سڄي دنيا ۾ سڀ کان ھيٺين سطح تي آهي.

ڊينمارڪ جي تاريخ

[سنواريو]

ڊينمارڪ جي متحد رياست ڏھين صدي عيسويءَ ۾ اڀري. ڊينش جھازراني ۾ مھارت رکندڙ قوم بڻجي بالٽڪ سمنڊ ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو.[3] 1397 ۾ ڊينمارڪ، سويڊن، ۽ ناروي گڏجي ھڪ رياست واري ڪلمار يونين قائم ڪئي جيڪا 1523 ۾ سويڊن جي علحدگي جي ڪري ٽٽي وئي پر ناروي ۽ ڊينمارڪ وارو علائقو 1814 تائين ساڳي بادشاھت ھيٺ متحد رھيو جيڪو ڊينو- نارويئن يا ڊينمارڪ-ناروي خطو سڏبو هو.

ڊيمو نارويئن خطو جنھن ۾ ناروي، ڊينمارڪ، گرين لينڊ ۽ آئيس لينڊ ڏيکاريل

نيپولين واري جنگن ۾ ناروي سويڊن جو حصو ٿي ويو ۽ ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ فوري ٻيٽ، گرين لينڊ ۽ آئس لينڊ رھيا. سترھين صدي ۾ ھن ملڪ جون سويڊن سان ڪافي تباھ ڪن جنگيون لڳيون جن جي نتيجي ۾ ھن ملڪ جو وڏو حصو سويڊن ايمپائر جي قبضي ۾ ھليو ويو.اڻوھين صدي ۾ قومي تحريڪن جي لھر ھلي پر 1864 ۾ ٻين شليسوگ جنگ ۾ قومپرستن کي شڪست سان ختم ٿيون. پھرين جنگ عظيم ۾ ڊينمارڪ غيرجانبدار رھيو. اپريل 1940 ۾ جرمني فوجون مختصر چڪرين سان ملڪ ۾ گھري قبضو ڪيو. 1943 کان جرمن فوج خلاف منظم مزاحمت جي شروعات ٿي وئي جيڪا مئي 1945 تائين جرمني جي شڪست تائين جاري رھي. اڻويھين صدي جي ٻئي اڌ ۾ ڊينمارڪ زرعي صنعت جو وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ ٿي ويو ھو. ويھين صديءَ ۾ ھن ملڪ ڪينسلرگڊ ايگريمنٽ ذريعي معاشرتي ۽ مزدوري متعلق معاشي سڌارا آندا جن موجودہ فلاحي رياست جو بنياد فراهم ڪيو ۽ نارڊڪ قومن ۾ ھي ملڪ مثال بڻجي وڏي پيماني تي مخلوط معيشيت (سرڪاري ۽ خانگي معيشت) (انگريزي: mixed economy) وارو ترقي يافتہ ملڪ بڻجي ويو. ڊينمارڪ جي آئين جي توثيق 5 جنوري 1849 ۾ ٿي جنھن سان ھتي مطلق بادشاھت جو خاتمو ۽ آئيني بادشاهت جي پارلياماني نظام سميت جي شروعات ٿي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪوپن هيگن رھيو جيڪو ھن ملڪ جو معاشي مرڪز آهي. 1948 ۾ فوري ٻيٽن ۾ مقامي ماڻھن کي پنھنجي حڪومت ٺاھڻ جو حق مليو. گرين لينڊ جي ماڻھن کي اھو حق 1979 ۾ مليو.2008 ۾ گرين لينڊ ۾ خودمختياري جي لاءِ ريفرنڊم ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ 2009 ۾ گرين لينڊ خودمختيار ٿي ويو.1973 ۾ ڊينمارڪ يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي جو رڪن ٿيو.

يورپي معاشي ڪميونٽي جي باني ميمبر جي حيثيت سان ڊينمارڪ 2007 ۾ يورپي يونين جي لزبن واري معاهدي جي توثيق ڪئي

ڊينمارڪ جو نالو

[سنواريو]

ھن ملڪ جو نالو ڪنگڊم آف ڊينمارڪ آھي پر مختصرن ڊينمارڪ سڏبو آهي. مقامي ٻوليء ۾ کيس ڪانگريس ڊينمارڪ(انگريزي: Kongeriget Danmark) سڏيندا اٿس. لفظ ڊينمارڪ ٻن لفظن ڊين ۽ مارڪ جو سنگم آھي ڊين ھتان جي ماڻھن جو نالو آهي ۽ مارڪ لفظ مارچ جي بگڙيل صورت آهي جنھن جي معني آھي سرحد واري زمين يا ٻيلو. اھڙي طرح ڊينمارڪ جي معني آهي ڊين ماڻھن جو سرحدي يا ٻيلي وارو ملڪ [10].

ڊينمارڪ جو سياسي نظام

[سنواريو]

ھتان جو رياستي نظام پارلياماني آئيني بادشاهت آهي ۽ حڪومت جي گادي ڪوپن هيگن ۾ آھي. ملڪ ۾ پھرين 271 ميونسپالٽيون ھيون جن کي پھرين جنوري 2007 ۾ گھٽائي 98 ڪيو ويو. پھرين ملڪ 13 ڪائونٽين ۾ ورھايل ھيو جيڪي ختم ڪري ملڪ جي انتظامي تقسيم پنجن خطن ۾ ڪئي وئي جن کي ريجن چيو ويندو آهي[10]:

  • ھوويسٽن(ڊچ اچار) (انگريزي: Hovedstaden)(ڪوپن هيگن واري ريجن)
  • مجيلنڊ(انگريزي: Midtjylland)(سينٽرل جوٽ لينڊ)
  • نارجيلينڊ(انگريزي: Nordjylland)(نارٿ جوٽ لينڊ)
  • شي لينڊ (زيلينڊ)
  • شوڊ ڊينمارڪ (سائوٿ ڊينمارڪ)
  1. Kong Christian has equal status as a national anthem but is generally used only on royal and military occasions.[1]
  2. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "denonly group=N".
حوالي جي چڪ: "N" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="N"/> نہ مليو