بوليويا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڳوڻو بوليويائي صدر گونزالو سانچيز ڊي لوزاڊا
پلوري نئشنل اسٽيٽ آف بوليويا

Estado Plurinacional de Bolivia  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])

Tetã Hetãvoregua Mborivia  (Guaraní)
Puliwya Mamallaqta  (ٻولي؟)
Wuliwya Suyu  (ٻولي؟)
Flag of بوليويا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"La Unión es la Fuerza" (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
"Unity is Strength"[1]
ترانو: Himno Nacional de Bolivia  (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
مڪانيت  بوليويا  (تيز سائو) نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)
مڪانيت  بوليويا  (تيز سائو)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)

جو مقامبوليويا
گادي جو هنڌ سڪري (آئيني )
لا پاز (حقيقت ۾ ) [1]
سڀ کان وڏو شهر سانتاڪروز ڊي لا سائيرا
17°48′S 63°10′W / 17.800°S 63.167°W / -17.800; -63.167
سرڪاري ٻوليون
نسلي گروھ (2018[2])
مقامي آبادي بوليوين يا بوليويائي
حڪومت وحداني رياست صدارتي نظام آئيني ريپبلڪ
• صدر
ايوو موراليس
ايلويرو گريشيا
مقننه پليوري نيشنل ليجسليٽو اسيمبلي
سينيٽ
چيمبر آف ڊيپوٽيز
آزادي جو اعلان اسپين کان
• اعلان
آگسٽ 6, 1825
• تسليم ڪيو ويو
جولاءِ 21, 1847
• گڏيل قومن جي اداري پاران تسليم ڪيو ويو
نومبر 14, 1945
• موجوده آئين
فبروري 7, 2009
پکيڙ
• جملي
1٬098٬581 km2 (424٬164 sq mi) (27th)
• پاڻي (%)
1.29
آبادي
• 2018 اندازو
11,248,864[3] (83rd)
•  گھاٽائي
10.2 /km2 (26.4 /sq mi) (224th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$89.352 ارب ڊالر [3] (92nd)
• في سيڪڙو
$7,943[3] (125th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$41.833 ارب ڊالر [4] (95th)

'بوليويا(انگريزي: Bolivia) Listeni/bəˈlɪviə/ جنھن جو سرڪاري نالو پليوري نيشنل اسٽيٽ آف بوليويا(انگريزي: Plurinational State of Bolivia)آھي.[7][8] ھڪ زمين سان گھيريل ملڪ آھي جيڪو ڏکڻ آمريڪا جي وچ اولھ ۾ واقع آهي. ان جي گاديءَ جو هنڌ سڪري(انگريزي: Sucre) پر اصل ۾ حڪومت جو صدر مقام لاپاز شھر ۾ آھي.ھي ملڪ گڏيل قومن جي اداري جو چارٽرڊ ميمبر آهي.ان کان علاوه بين الاقوامي مالياتي فنڊ، غيرجانبدار تحريڪ، آمريڪي رياستن جي تنظيم، اميزون ڪوآپريشن ٽريٽي جو پڻ رڪن ملڪ آهي.[9]

نالو[سنواريو]

بوليويا جو نالو آزادي جي جنگ وڙھندڙ سائمن بوليوار(انگريزي: Simon BOLIVAR) جي نالي تي پيو جيڪو 1825 ۾ اسپيني حڪومت کان ڌار ٿي ويو ھو

تاريخ[سنواريو]

سورج گيٽ (پيورٽا ڊيل سول) ھڪ آرڪيالاجيڪل مقام

thumbتواناڪو وسعت جي عروج وقت 950 عيسويءَ ۾

بوليويا جي تاريخ بغاوتن تي مشتمل آھي. ھڪٻئي پٺيان بغاوتون ٿينديون رھيون آھن ۽ آخري دفعو ھن ملڪ ۾ بغاوت 1978 ۾ ٿي ھئي. ھن ملڪ ۾ جمھوري عوامي حڪومت 1982 ۾ قائم ٿي ھئي پر ملڪي قيادت غربت ، سماجي بيچيني ۽ غيرقانوني منشيات جي پيدوار جي ڪري ڏکي صورتحال ۾ رهي[10].

انڪا جي توسيع (1438–1533)
بوليويا جيڪي علائقا وڃايا (1867–1938)

جاگرافي[سنواريو]

ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ برازيل جي ڏکڻ اولھ۾ واقع ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 17 00 S, 65 00 W آھي. ان جي پکيڙ 1,098,581 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 1,083,301 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 15,280 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي. پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا جي ملڪن ۾ 29 نمبر تي آهي. ھي ملڪ چوڌاري خشڪي سان گھيريل آھي ۽ ان جي زميني سرحد 7,252 ڪلوميٽر آهي ۽ اھا سرحد پنجن ملڪن سان ملي ٿي جن مان ارجنٽائينا سان 942 ڪلوميٽر، برازيل سان 3403 ڪلوميٽر، چلي سان 942 ڪلوميٽر، پيراگوئي سان 753 ڪلوميٽر ۽ پيرو سان 1212 ڪلوميٽر آهي.ھن ملڪ جي سراسري بلندي 1192 ميٽر آھي. سڀ کان ھيٺاھون مقام ريئو پيراگوئي آھي جيڪو 90 ميٽرن تي آھي ۽ سڀ کان اوچو مقام نيواڊو سجاما آھي جنھن جي اوچائي 6542 ميٽر آھي[10].

معدني ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

ٽين، قدرتي گئس، پيٽروليم، جست، ٽنگسٽن، سرمو، چاندي، لوھ، شيھو، سون، عمارتي ڪاٺ، ھائڊرو پاور ھن ملڪ ۾ ملن ٿا[10].

زراعت[سنواريو]

ھن ملڪ جي زرعي زمين ملڪ جي زمين جو 34.3 سيڪڙو آھي. ان ۾ پوکي لائق زمين 3.6 سيڪڙو آھي ۽ مستقل پوکي 0.2 سيڪڙو تي ٿئي ٿي. مستقل چراگاھون 30.5 سيڪڙو، ٻيلا 52.5 سيڪڙو آھي[10].

بوليويائي ماڻھو[سنواريو]

لا پاز، بوليويا

بوليويا جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 11,138,234 آھي ۽ آبادي م جي ملڪ دنيا جي ملڪن م 81 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي بوليوين چوندا آهن. ھتان جي آبادي جو وڏو حصو ميسٽيزو نسل جا ماڻهو آھن جيڪي ڪل آباديءَ جو 68 سيڪڙو آھن.

بوليويائي ٻار تارڪا نالي بئنسري نما ساز وڄائيندي

آبادي جو 60 سيڪڙو ماڻهو اسپينش ٻولي ڳالھائن ٿا جيڪا ملڪ جي سرڪاري ٻولين مان ھڪ آھي ٻئين نمبر تي ڪئيچوئا ٻولي آھي جيڪا 21.2 سيڪڙو ماڻهو ڳالھائن ٿا ۽ اھا پڻ سرڪاري ٻولي آھي. 14.6 سيڪڙو آبادي ايمارا ٻولي ڳالھائن ٿا جيڪا پڻ سرڪاري ٻولي آھي.ھتان جي 76.8 سيڪڙو ماڻھو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آهن 7.9 سيڪڙو پروٽسٽنٽ آھن[10].

بوليويائي ماڻھو لا پاز جي بازار ۾

سياسي ۽ حڪومتي انتظام[سنواريو]

ھتان جي رياست صدارتي ريپبلڪ آھي. ملڪ جو حڪومتي گاديءَ جو هنڌ لاپاز آھي پر ، آئيني، قانونسازي ۽ عدالتي صدرمقام سڪري آھي. ھتي صوبي کي ڊپارٽمينٽ چوندا آهن ملڪ ۾ ڪل 9 ڊپارٽمينٽ آھن جن ۾ : بيني، چوڪئيساڪا، چوڪاباما، لا پاز، اورورو، پئنڊو، پوٽوسي، سانتا ڪروزر ۽ ٽاريجا شامل آهن. ملڪ 6 آگسٽ 1825 ۾ اسپين کان آزاد ٿيو جيڪو ڏينھن ملڪ جو عام موڪل جو ڏينهن آهي. ھن ملڪ ديواني يا سول قانون جو نظام رومن ، اسپيني۽ فرينچ قانوني نظام مان ورتل آهي جن ۾ مذھبي اصول ۽ مقامي ماڻھن جا قانون بہ شامل آهن. ھن ملڪ ۾ ٻٽي شھريت جي اجازت آھي.ملڪ ۾ ووٽ جو حق ارزھن سالن جي عمر ۾ ملندو آھي[10]

نمبر ڊپارٽمينٽ
(صوبو)
گادي جو هنڌ
Territorial division of Bolivia
1 پانڊو ڪوبجا
2 لا پاز لا پاز
3 بيني ٽرائنيڊاڊ
4 اورورو اورورو
5 ڪوچابامبا ڪوچابامبا
6 سانتا ڪروز سانتا ڪروز ڊي لا سائيرا
7 پوٽوسي پوٽوسي
8 چوڪئائيساڪا سڪري
9 تاريجا تاريجا

حوالا[سنواريو]

  1. "Moneda de 10 Centavos" (ٻولي ۾ Spanish). Central Bank of Bolivia. وقت 28 April 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 January 2014. 
  2. "South America :: Bolivia". The World Factbook. Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 25 March 2017. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Report for Selected Countries and Subjects". International Monetary Fund. 
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named if
  5. "Gini index". World Bank. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  6. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  7. "Bolivia (Plurinational State of)". Who.int. حاصل ڪيل 30 August 2010. 
  8. "Bolivia (Plurinational State of)". UNdata. حاصل ڪيل 30 August 2010. 
  9. International Monetary Fund. "List of South American countries by GDP per capita". World Economic Outlook. International Monetary Fund. حاصل ڪيل September 25, 2017. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي آء اي فيڪٽس بڪ__