جرمني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جرمني
Federal Republic of Germany
Bundesrepublik Deutschland
جهنڊو
نشان
جرمن صدر: فرينڪ-والٽر
جرمن چانسلر: انجيلا مرڪل
دارالحڪومت: برلن
محل وقوع: 357,021 km²
آبادی: 82,800,000 (2016ع)
سرڪاري ٻولي: جرمن[1]
ڪرنسي: يورو
قومي ترانو:

جرمني، سرڪاري نالو فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني يا وفاقي جمهوريه جرمني، يورپ کنڊ ۾ ھڪ ملڪ آھي.(جرمن: Bundesrepublik Deutschland, About this sound ٻُڌڻ ),[lower-alpha 1][2] ھي وچ اولھ يورپ جي وفاقي پارلياماني جمھوريت وارو ملڪ آهي. ان جي وفاق ۾ 16 آئيني رياستون شامل آھن. ان جي پکيڙ 357022 ھم چورس ڪلوميٽر (137847 ھم چورس ميل) آھي, جنھن ۾ 348672 ھم چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 8350 ھم چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي.ان جي ساحلي سرحد 2389 ڪلوميٽر آهي. روس کانپوءِ آبادي ۾ ھي يورپ جو ٻيون وڏو ملڪ آهي. ھن جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 8،05،94،017 ھئي. ھن جي موسم زياده تر ٽيمپريٽ يا معتدل يا گھٽ گرميءَ واري آھي. ھن جو وڏي ۾ وڏو شهر ء گاديءَ جو هنڌ برلن آهي. ھن جو سڀ کان وڏو ڳتيل آباديءَ وارو علائقو رھر (Ruhr) آهي جتان جا مرڪزي شهر ڊارٽمنڊ ۽ آئسن آھن. جرمني يورپي يونين جو سڀ کان وڏو آبادي وارو ملڪ آهي. ان جا ٻيا وڏا شھر ھئمبرگ(شھر)، ميونخ، ڪولون ، فرينڪفرٽ، اسٽٽگارٽ، ڊزلڊورف، ليپزگ، بريمن، ڊريسڊن، ھنور ۽ نورمبرگ آھن.

معني ۽ مطلب[سنواريو]

جرمني انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو لاطيني لفظ جرمنيا مان نڪتل آهي.اھو نالو درياء رائن جي اوڀر واري علائقي ۾ هندڙ ماڻهن کي جوليس سيزر ڏنو ھو.[3]

تاريخ[سنواريو]

The Nebra sky disk, c. 1700 BC

1907 ۾ مئوئر ڪميونٽي پاران واري جي کوٽائي مان ملندڙ انساني کاڏي جي ھڏي مان خبر پئي ته جرمني ۾ ڇھ لک سال اڳ قديم انسان موجود ھيا.[4] دنيا جو قديم ترين ثابت شڪار جو ھٿيار 380000 سال پراڻو ڪاٺيء جو ڀالو آھي جيڪو اسڪوننگن (Schöningen) شھر جي ڪوئلي جي کاڻ مان دريافت ٿيو.[5]موجوده انسان کان مختلف پھريون انساني فاسل جرمنيء جي نيئندرتال ماٿري مان دريافت ٿيو. انسان جي ھن نئين جنس کيس نيئندرٿال نالو ڏنو ويو. نيئندرٿال جا اھي فوسل 40000 ھزار سال پراڻا آهن.

جرمنيءَ جا قبيلا ۽ فرينڪ بادشاھت[سنواريو]

يورپ ۾ ھجرتون(100–500 AD)

خيال ڪيو ٿو وڃي ته جرمن قبيلا نارڊڪ برانز دؤر جا پري-رومن آئرن دؤر جي وقت جا آهن. پھرين صدي قبل مسيح ۾ اھي ڏکڻ اسڪينڊينيويا ۽ اتر جرمنيءَ کان ڏکڻ ۽ اولھ-اوپر طرف ڦھليا ۽ وڃي گال جي ڪيلٽڪ قبيلن ۽ وچ يورپ ۽ اوڀر يورپ جي ايراني، بالٽڪ ۽ سليوڪ قبيلن سان رليا.[6]آگسٽسجي دؤر ۾ روم جرمنيا تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. سن 9 عيسوي ۾ جنرل ورووس جي ڪمان ۾ ٽن رومي لئجن چروشي (Cherusci) قبيلي جي سردار آرمينئس کان شڪست کاڌي.سن 100 عيسوي ۾ جڏهن رومي مؤرخ ٽيسيٽس ڪتاب جرمنيا لکيو، جرمن قبيلا رائن ۽ ڊينيوب ندين جي ٻنھي پاسن تي آباد ٿي چڪا هئا.ٽين صدي عيسويءَ ۾ جرمن قبيلن جو وڏو تعداد ظاھر ٿي چڪو ھو جن ۾ الميني، فرئنڪ، چئٽي، سئڪسن، فريشياء (Frisii)، سئڪيمبري (Sicambri) ۽ ٿيورئنجي (Thuringi) قبيلا شامل ھئا. سن 260 عيسويءَ ۾ جرمن قبيلائي ماڻھو رومي تسلط وارن علائقن ۾ گھري پيا.[7][8][9][10][11]

فرينڪش علائقو ۽ ان ۾ توسيع. فرينڪش علائقو 843 ۾ ورھائجي ويو.اولھ فرينڪيا نيري رنگ ۾، اوڀر فرينڪيا ڳاڙهي رنگ ۾ ٻئي ھرھڪ فرانس ۽ جرمني جا پيشرو بڻيا

ميروونجين دؤر جي وڏن علائقن جيڪي آسٽريشيا، نيوسٽريا ۽ ايڪوٽئن جي نالن سان مشهور ھئا اھي فرينڪ قبيلي جي ماڻهن فتح ڪيا جن فرينڪش بادشاھت قائم ڪئي، ۽ اوڀر طرف پري تائين وڌي سئڪسني ۽ بويريا جي علائقن تائين غلبو حاصل ڪيو. ھاڻوڪي جرمنيءَ جي اوڀر واري علائقي کي سوربس، ويليٽي ۽ اوبوٽرائٽ ڪنفيڊريشن جي اولھ وارن سليوڪ قبيلن جي ماڻهن آباد ڪيو..[8]

آئيني رياستون[سنواريو]

جرمنيءَ ۾ سورنھن آئيني رياستون آھن.
1. بيڊن ورٽمبرگ (Baden-Württemberg)--
2.بويريا (Bavaria)--
3.برلن (Berlin)--
4.برانڊن برگ (Brandenburg)__
5. بريمن (Bremen)--
6. ھيمبرگ (Hamburg )--
7. ھيسن (Hesse)
8. لوئر سئڪسني (Lower Saxony)
9. ميڪلن برگ فرو پامرن (Mecklenburg-Vorpommern)
10.نارٿ رائن وستڦيليا(North Rhine Westphalia)
11. رائن لينڊ پئليٽينيٽ (Rhineland Palatinate)
12. سارلنڊ (Saarland)
13.سئڪسني (Saxony)
14. سئڪسني اينھالٽ (Saxony-Anhalt)
15. شليس وگ ھوليسٽن (Schleswig-Holstein)
16. ٿرينجيا (Thuringia)

حوالا[سنواريو]

  1. IPA transcription of "Bundesrepublik Deutschland": [ˈbʊndəsʁepuˌbli:k ˈdɔʏtʃlant]
  1. "World Factbook". CIA. Retrieved 26 March 2011.
  2. Mangold, Max, ed (1995) (German ۾). Duden, Aussprachewörterbuch (6th ed.). Dudenverlag. pp. 271, 53f. ISBN 978-3-411-20916-3. 
  3. Schulze, Hagen (1998). Germany: A New History. Harvard University Press. p. 4. ISBN 0-674-80688-3. 
  4. Wagner, G. A; Krbetschek, M; Degering, D; Bahain, J.-J; Shao, Q; Falgueres, C; Voinchet, P; Dolo, J.-M et al. (27 August 2010). Radiometric dating of the type-site for Homo heidelbergensis at Mauer, Germany. 107. pp. 19726–19730. doi:10.1073/pnas.1012722107. Bibcode2010PNAS..10719726W. http://www.pnas.org/content/107/46/19726.full. Retrieved 27 August 2010. 
  5. "World's Oldest Spears". archive.archaeology.org. وقت 8 February 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 August 2010. 
  6. Claster, Jill N. (1982). Medieval Experience: 300–1400. New York University Press. p. 35. ISBN 0-8147-1381-5. 
  7. Bowman, Alan K.; Garnsey, Peter; Cameron, Averil (2005). The crisis of empire, A.D. 193–337. The Cambridge Ancient History. 12. Cambridge University Press. p. 442. ISBN 0-521-30199-8. 
  8. 8.0 8.1 Fulbrook, Mary (1991). A Concise History of Germany. Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-36836-0, pp. 9–13.
  9. Fichtner, Paula S. (2009). Historical Dictionary of Austria. Volume 70 (2nd ed.). Scarecrow Press. ISBN 978-0810863101. https://books.google.com/books?id=ilyK1_1f0zYC: "When the Romans began to appear in the region, shortly before the beginning of the Christian era, they turned Noricum into an administrative province, which encompassed much of what today is Austria." 
  10. Modi, J. J. (1916). "The Ancient Germans: Their History, Constitution, Religion, Manners and Customs". The Journal of the Anthropological Society of Bombay 10 (7). https://archive.org/stream/TheJournalOfTheAnthropologicalSocietyOfBombay/The-Journal-of-the-Anthropological-society-of-Bombay#page/n651/mode/2up. "Raetia (modern Bavaria and the adjoining country)". 
  11. Rüger, C. (2004) [1996]. "Germany". in Bowman, Alan K.; Champlin, Edward; Lintott, Andrew. The Cambridge Ancient History: X, The Augustan Empire, 43 B.C. - A.D. 69. Volume 10 (2nd ed.). Cambridge University Press. ISBN 0-521-26430-8. https://books.google.com/books?id=JZLW4-wba7UC&pg=PA528.