آئس لينڊ

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


آئسلينڊ

Ísland (آئس لينڊڪ ٻولي ۾)
Flag of Iceland
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "Lofsöngur"
Location of Iceland
گادي جو هنڌ ريڪجاويڪ
سڀ کان وڏو شهر ريڪجاويڪ
سرڪاري ٻولي
۽ قومي ٻولي
آئس لينڊڪ
نسلي گروھ (2017)
مذهب آئس لينڊ جو چرچ [2]
مقامي آبادي آئسلينڊڪ
حڪومت وحداني -

پارلياماني

ريپبلڪ
• صدر
گلوني يوحاناسن
ڪترين جيڪبسدوتر
اسٽينگريمر سگفووسن
پورجير اورليگسن
مقننه الٿنگ
قيام جي تاريخ
• آئس لينڊ جي آبادي جو قيام
نائي صدي عيسوي
930–1262
1262–1814
• ڊينمارڪ جي شاھي حاڪميت
1380–1944
5 جنوري 1874
1 ڊسمبر 1918
17 جون 1944
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number] (106th)
• پاڻي (%)
2.7
آبادي
• 31 ڊسمبر 2017 اندازو
348,580 [a] (172nd)
•  گھاٽائي
3.2 /km2 (8.3 /sq mi) (233rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$18 ارب ڊالر[4] (142nd)
• في سيڪڙو
$54,288[4] (16th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$25 ارب ڊالر [4]

آئس لينڊ: آئيس لينڊ:Iceland : (Listeni/ˈslənd/; Icelandic: Ísland, pronounced [ˈistlant])[7] اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ جو ٻيٽ تي مشتمل نورڊڪ ملڪ آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ريڪجاويڪ آهي. ھن ملڪ جي آبادي 356,991 [8] ۽ پکيڙ 103٬000 km2 (40٬000 sq mi) آهي. اھو يورپ جو سڀ کان وڌيڪَ ڇڊي آبادي وارو ملڪ آهي. يورپ ۾ سڀ کان ڇڊي آبادي وارو علائقو گرين لينڊ آھي پر اھو ملڪ ناھي ۽ ڊينمارڪ جو حصو آهي[9]. ملڪ جي 66 سيڪڙو آبادي ريڪجاويڪ شھر ۽ ان جي اردگرد رھي ٿي. ھن ملڪ جو شمار دنيا جي ترقي يافته ۽ اميرترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1994ع ۾ يورپين ايڪانامڪ ايريا ۾ شامل ٿيو. ھن ملڪ جي معيشت ھلڪي ٽيڪس نظام واري آھي[10]. مالياتي لحاظ کان اھا بايوٽيڪنالاجي ۽ مينيوفيڪچرنگ وارن شعبن تي مشتمل آهي. 2018ع ۾ گڏيل قومن جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق آئس لينڊ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ترقي يافته ملڪ ۽ عالمي امن واري اشاريي مطابق دنيا جو پھريون نمبر پرامن ترين ملڪ ھيو[11]. ھي ملڪ نيٽو جو گھٽ ۾ گھٽ آبادي وارو ملڪ آهي. ھي ملڪ دنيا جي انھن چند ملڪن ۾ شامل آهي جن وٽ فوج ڪانه آهي. ھتي رڳو ننڍڙي پيماني تي ڪوسٽ گارڊ موجود آهن[12].

ملڪ جو نالو[سنواريو]

اوڻويھين صديءَ ۾ آسڪر ورگلينڊ جي ٺاھيل پينٽنگ ۾ آئس لينڊ جي سرزمين تي نورس ماڻھن کي لھندي ڏيکاريل

آئس لينڊ جي سگھڙن مطابق آئس لينڊ تي قدم رکندڙ پھريون شخص ناروي جو نورس نسل جو ماڻھو ھو جيڪو نائين صدي عيسويءَ ۾ اتي آيو ۽ ان ھن سرزمين کي سنو لينڊ (snow land) رکيو ڇو ته اتي برفباري ٿي رھي ھئي. بعد ۾ اتي وائڪنگ آيا جن اتي سمنڊ ۾ ترندڙ برفاني ڇپن جي ڪثرت جي ڪري ان کي آئس لينڊ (Ice land) جو نالو ڏنو[13].

تاريخ[سنواريو]

ڪامن ويلٿ جو قيام[سنواريو]

انگولفر ارنارسن آئس لينڊ جو پھريون مستقل اسڪينڊينيوين رھاڪو

سويڊن جي وائڪنگ کوجنا ڪندڙ گورار سواوارسن پھريون شخص ھيو جنھن 870ع ۾ آئس لينڊ جي ٻيٽ جي چوڌاري چڪر لڳايو[14] ھن سيارو اتي ترسي گذاريو. ھن ھيوسيوڪ ۾ گھر تعمير ڪيو. اونھاري جي شروعات ۾ ھي اتان روانو ٿي ويو پر ان جو ھڪ ماڻھو نيٽفاري اتي ٻن غلامن سميت ترسي پيو. اھا جاء ھاڻي نيٽفارويڪ سڏجي ٿي[15][16] 874ع ۾ ناروي جي نورس سردار انگولفر ارنارسن موجوده ريڪجاويڪ واري ھنڌ گھر اڏيو جنھن جي پويان کوڙ ٻيا اتي لڏي آيا جن ۾ اڪثريت اسڪينڊينيويائي ماڻھن جي ھئي ۽ کوڙ آئرش ۽ اسڪاٽش پڻ انھن منجھ شامل ھيا.[17] 930ع تائين انھن ماڻھن اتان جي پوکي لائق سموري زمين قبضي ۾ آندي ۽ ان ريڪجاويڪ واري وسندي ۾ ھڪ قانونساز ۽ عدالتي مجلس قائم ڪيائون جنھن جو نالو الٿنگ رکيائون جنھن ذريعي ان آئس لينڊ جي نئين رياست جو نظام ھلايو ويو جنھن کي مؤرخن ڪامن ويلٿ سڏيو.

الٿنگ آئس لينڊ جي پارليامينٽ جيڪا ريڪجاويڪ ۾ واقع آهي

الٿنگ ان رياست جي پارليامينٽ جو درجو حاصل ڪيو جيڪا اڄ تائين قائم آهي جنھن ڪري ان کي دنيا جي قديم ترين پارليامينٽ سڏيو ويندو آهي. پوکي لائق زمين نون ماڻھن لاء باقي نہ بچڻ ڪري نورس ماڻھن جي آبادڪاري جو رخ 986ع کان آئس لينڊ جي بدران گرين لينڊ طرف ٿي ويو[18] 999 کان 1000ع جي لڳ ڀڳ ھتان جي نورس بت پرست عقيدي وارن ماڻھن جي اڪثريت عيسائيت جو مذھب اختيار ڪيو. نورس بت پرستي وارو مذھب پڻ ننڍڙي پيماني تي ڪافي عرصو موجود رھيو[19]

بَولَنگاروِڪ جي ٻاھران ماھيگيري واري جاء جو ٺاھيل نقل

آئس لينڊ ۾ آباد ٿيندڙن جي قائم ڪيل آئس لينڊ جي ڪامن ويلٿ وارو سياسي نظام تيرھين صدي عيسويءَ ۾ سردارن جي وڌندڙ طاقت سان مطابقت رکي نہ سگھيو چاليھ سالن کان وڌيڪَ عرصي تائين گھرو ويڙھ واري حالت رھي جنھن سبب ان ڪامن ويلٿ جو انت آيو[20]

ناروي ۽ ڊينمارڪ جي تسلط ھيٺ[سنواريو]

1262ع ۾ سردارن ھڪ ايگريمينٽ تي متفق ٿي صحيحون ڪيون جنهن کي اولڊ ڪوويننٽ سڏين ٿا. ان ٺاهه مطابق آئس لينڊ کي ناروي جي شاھي تخت ماتحت آندو ويو. 1415ع ۾ ناروي، سويڊن ۽ ڊينمارڪ کي پاڻ ۾ گڏايو ويو، جنھن تحت ڪالمار يونين وجود ۾ آئي. اھڙي طرح ان سال ناروي جي بادشاھت (872 کان 1397 تائين) کان آئس لينڊ جو قبضو ڪالمار يونين ڏي منتقل ٿيو. 1523ع ۾ ڪالمار يونين ٽٽي وئي جنھن بعد آئس لينڊ ناروي ۽ ڊينمارڪ جي گڏيل قبضي هيٺ رھيو. بنجر زمين، ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ، ٻيلن جي خاتمي ۽ بي رحم موسم آئس لينڊ ۾ انساني زندگيءَ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو هو. آبادي جو گذران گھڻي ڀاڱي زراعت تي رھيو. 1402 کان 1404 تائين ۽ وري 1494 ۽ 1495 ۾ ھتي پلاگ جي وبا ڦھلي جنھن ٻنھي ڀيرن ۾ اڌ انساني آبادي کي ناس ڪيو[21][22]

سورھين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري ڊينمارڪ جي بادشاھ ڪرسچين ٽئين پروٽيسٽنٽ واري اصلاحي تحريڪ تحت لوٿرن ازم فرقي کي رياست جي ھر شھري لاء لازمي ڪيو. 1550ع ۾ اتر آئس لينڊ جي شھر ھولار جي آخري ڪيٿولڪ بشپ جان آراسن ۽ ان جي ٻن پٽن جون منڍيون لاٿيون ويون. آئس لينڊ سرڪاري طور تي لوٿرن فرقي کي مڃيندڙ ٿي ويو ۽ اڄ تائين اھو آئس لينڊ جو اڪثريت جو مذھب آھي.

سترھين صدي عيسويءَ ۾ جيراردوس مرڪيٽر پاران شايع ڪرايل آئس لينڊ جو نقشو

سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ ڊينمارڪ آئس لينڊ تي ڊينش ماڻھن جي واپار جي ھڪھٽي واريون واپاري پابنديون لڳايون. ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽ ۽ بيمارين سميت قدرتي آفتن، سامونڊي ڌاڙيلن جي حملن سان ماڻھن جي غلامي لاء اغوائن سان آئس لينڊ جا حالات خراب ٿي ويا ۽ آبادي گھٽجڻ شروع ٿي وئي[23][24] ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ ماتا جي وبا سان جن ملڪ جي آبادي ٽئين حصي تائين ناس ٿي وئي[25][26] 1783ع ۾ لاڪي ٻرندڙ جبل جي ڦاٽ وڏي تباھي آندي[27] [28] ٻرندڙ جبلن جي تباھي سان ڏڪار آيا جن سان انساني آبادي ۽ چوپائي مال جو وڏو جاني نقصان ٿيو.

ڊينمارڪ کان آزادي ۽ ريپبلڪ جو قيام[سنواريو]

1814ع ۾ نيپولين واري جنگن جي خاتمي بعد ناروي ۽ ڊينمارڪ ڪئيل واري ٺاهه تحت ٽٽي ڌار ٿي ٻہ الڳ بادشاھتون ٿي ويا پر آئس لينڊ ڊينمارڪ جي تسلط ۾ رھيو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھتي سردي ۾ تمام گهڻي واڌَ جي ڪري ھتان جي آبادي اتر آمريڪا ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪئي. اٽڪل 70000 آبادي مان 15000 ماڻھو ڪيناڊا جي صوبي مئنيٽوبا جي شھر جملي منتقل ٿي ويا جيڪو نئون آئس لينڊ سڏجڻ لڳو[29]. اوڻويھين صديءَ جي پھرين اڌ ۾ آئس لينڊ ۾ يورپ جي سرزمين جي قومپرست خيالن کان متاثر ٿيندي قومي شعور بيدار ٿيو. 1850 واري ڏھاڪي ۾ آئيس لينڊ جي آزادي جي تحريڪ جان سگورسن جي قيادت ۾ اڀري آئي جنھن جو بنياد فجولني رسالي وارن چئن ڊينمارڪ مان تعليم حاصل ڪندڙ آئس لينڊڪ دانشورن کان متاثر ٿي ڪري وڌو ويو ھو. 1874ع ۾ ڊينمارڪ محدود مقامي حاڪميت لاء آئس لينڊ جي آئين جي منظوري ڏني. 1904ع ۾ ان جي اختيار ۾ اضافو ڪندي پھريون ڀيرو آئس لينڊ جي سياستدان ھانيس ھيفسٽيئن کي ڊينمارڪ جي ڪابينه ۾ آئس لينڊ مان پھريون وزير بڻايو ويو.

برطانوي بحريه جي جنگي جھاز ايڇ ايم ايس بيروڪ 65 ذريعي برطانيا آئس لينڊ تي حملو ڪيو

ڊينمارڪ ۽ آئس لينڊ وچ ۾ پھرين ڊسمبر 1918ع تي 25 سالن لاء ھڪ ٺاهه عمل ۾ آيو جنھن تحت آئس لينڊ کي ڊينمارڪ جي اتحاد اندر ھڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست طور تسليم ڪيو ويو. آئس لينڊ جي حڪومت ڪوپن هيگن ۾ سفارتخانو قائم ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته ان جا دفاعي ۽ خارجي معاملا الٿنگ جي صلاح واري شرط سان ڊينمارڪ سنڀالي. ڊينمارڪ جي دنيا اندر سمورن سفارتخانن ڊينمارڪ جي بادشاھت ۽ آئيس لينڊ جي بادشاھت لاء ٻہ نسبتي نشانن ۽ ٻہ جھنڊن جي نمائش شروع ڪئي. آئس لينڊ جي قانوني حيثيت جي ڀيٽ قومن جي ڪامن ويلٿ سان ڪئي وئي جيئن ڪيناڊا جو رياستي سربراھ برطانوي ملڪه ايلزبيٿ ٻين ھئي. ٻين جنگ عظيم ۾ آئس لينڊ غيرجانبدار رھڻ واري ڊينمارڪ جي پاليسي ۾ شامل ٿيو. 9 اپريل 1940 تي جرمني ڊينمارڪ تي قبضو ڪيو. آئس لينڊ جي پارليامينٽ الٿنگ بادشاھ جي جاء تي ان جي نائب کي سربراھ بڻائي دفاع ۽ پرڏيهي معاملا آئس لينڊ جي حڪومت جي ذميواري ۾ آندا[30]. مھيني بعد برطانيا آئس لينڊ جي غيرجانبداري جي خلاف ورزي ڪندي آپريشن فورڪ ذريعي آئس لينڊ تي حملو ڪري گھري آيو[31]. 1941ع ۾ آئس لينڊ جي حڪومت جنھن جا برطانيا سان دوستاڻا لاڳاپا ٿي ويا ھئا غيرجانبدار يونائيٽيڊ اسٽيٽس کي آئس لينڊ جي دفاع سنڀالڻ جي گذارش ڪئي تہ جيئن برطانيا پنھنجي فوج آئس لينڊ مان ڪڍي ٻئي پاسي استعمال ڪري سگھي.

مڇي لاء پاڻي تي اختيار واري جنگ دوران ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ برطانوي ۽ آئس لينڊڪ ٻيڙا ٽڪرجندي ڏيکاريل (ساڄي پاسي برطانوي ٻيڙو)

31 ڊسمبر 1944 تي ڊينمارڪ ۽ آئس لينڊ وچ ۾ ٿيل 25 سالن وارو ٺاهه پورو ٿي چڪو ھو. 20 مئي 1944 تي آئس لينڊ ۾ ريفرينڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ سوال پڇيو ويو تہ ڊينمارڪ سان اتحاد ختم ڪجي؟ شاھي راڄ ختم ڪجي؟ ۽ ريپبلڪ قائم ڪجي؟ %97 ووٽ ڏنو تہ ڊينمارڪ سان اتحاد ختم ڪيو وڃي. %95 ووٽ ڏنو تہ شاھي راڄ ختم ڪري نئين ريپپلڪ جي قيام لاء نئون آئين جوڙيو وڃي[32]. 17 جون 1944ع تي آئس لينڊ باقاعدي جمهوريا (ريپبلڪ) بڻيو ۽ سويئن بجورنسن ان جو پھريون صدر ٿيو. 1946ع ۾ يو ايس ڊفينس فورس آئس لينڊ مان واپس ھلي وئي. 30 مارچ 1949ع تي ھي ملڪ باقائدي نيٽو جو رڪن ٿيو. 5 مئي 1951ع تي آمريڪا سان ھڪ دفاعي معاھدو ڪيو ويو جنھن تحت آمريڪي فوج آئس لينڊ واپس اچي آئس لينڊ ڊفينس فورس جي حيثيت اختيار ڪئي. سرد جنگ جي خاتمي تائين اھا فورس قائم رھي. 30 جنوري 2006 تي آخري آمريڪي فوجي جٿو ھتان واپس آمريڪا ھليو ويو. آزادي بعد آئرلينڊ خوشحالي ڏٺي. ھتي مڇي جي صنعت کي وڏو فروغ مليو. آمريڪا جي مالي مدد واري مارشل پلان سان پڻ ترقي ۾ اضافو آيو جنھن تحت ھتان جي شھرين کي في فرد 209 آمريڪي ڊالر جي مدد ملي[33][34] 1970 واري ڏھاڪي ۾ ڪاڊ مڇي واريون جنگون مشھور ٿيون جيڪي آئس لينڊ ۽ برطانيا جي وچ ۾ 200 ناٽيڪل ميلن جي خطي ۾ توسيع جي معاملي تي لڳيون. آئس لينڊ 1986ع ۾ سويت يونين ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس وچ ۾ نيوڪليئر ھٿيارن جي تخفيف لاء گڏجاڻي ڪرائي جنھن ۾ گورباچوف ۽ رونالڊ ريگن شرڪت ڪئي. ڪجهه سال بعد آئس لينڊ پھرين ملڪ ھيو جنھن اسٽونيا ۽ لٿوينيا جي آزادي کي تسليم ڪيو[35]. 1994ع ۾ ھي ملڪ يورپين ايڪانامڪ ايريا جو رڪن ٿيو. 2001 ۾ ھن ملڪ جي ٻن بئنڪن پرڏيھي قرضن جي مد ۾ وڏو نفعو ڪمايو جنھن سان 2002 کان 2007 تائين آئس لينڊ جي قومي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو آيو[36][37]


جاگرافي[سنواريو]

آئس لينڊ جو ٽوپو گرافي وارو نقشو

آئس لينڊ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ آرڪٽڪ سمنڊ جي ميلاپ واري جاء تي واقع آهي. ملڪ جي جاگرافيائي بيھڪ ويڪرائي ڦاڪ °63 ۽ °68 ڊگري اتر طرف ۽ ڊگھائي ڦاڪ ۾ °25 ۽ °13 اولھ طرف آهي. ھي ملڪ اتر آمريڪا جي ڀيٽ ۾ يورپي سرزمين جي وڌيڪ ويجھو آھي. ان جي ابتڙ گرين لينڊ وري اتر آمريڪا جي وڌيڪ ويجھو (290 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي) آهي ان ڪري اھو اتر آمريڪا کنڊ ۾ شمار ٿئي ٿو. آئس لينڊ جاگرافيائي، تاريخي، ثقافتي، ٻولي ۽ کوڙ عملي سببن جي بنياد تي يورپ ۾ شمار ٿيندو رھيو آھي[38][39][40][41]. علم الارض (جاگرافي) مطابق آئس لينڊ ۾ ٻنھي کنڊن يعني يورپ ۽ اتر آمريڪا واريون زميني پليٽون شامل آهن.

ٽي مخصوص آئس لينڊڪ زميني نظارا

آئس لينڊ دنيا جو 18ھون وڏو ٻيٽ ۽ يورپ جو برطانيا کانپوءِ ٻيون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. آئرلينڊ يورپ جو ٽيون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. آئس لينڊ وارو وڏو ٻيٽ پکيڙ ۾ 101٬826 km2 (39٬315 sq mi) آھي جڏھن ته ملڪ جي مڪمل پکيڙ 103٬000 km2 (40٬000 sq mi) ان ايراضيءَ جو 62.7 سيڪڙو علائقو توندرا آھي جنھن ۾ وڻ نہ ٿي سگھندا آهن. آئس لينڊ ملڪ ۾ 30 ننڍڙا ٻيٽ پڻ واقع آهن. ملڪ ۾ 14.3 سيڪڙو زمين ڍنڍن ۽ گليشيئرن تي مشتمل آهي. ملڪ جي پکيڙ جو 23 سيڪڙو علائقو پوکي جي قابل آھي[42]. ھتان جي وڏي ۾ وڏيون ڍنڍون سورسوات ڍنڍ (Þórisvatn)83–88 km2 (32–34 sq mi) ۽ سنگوتلوات ڍنڍ(Þingvallavatn) 82 km2 (32 sq mi) آھن.

علم الارض مطابق[سنواريو]

آئس لينڊ جو ٻيٽ آئس لينڊ واري پليٽو جو سمنڊ کان ٻاھريون ڏيک آھي[43] ۽ اھو زندہ ٻرندڙ جبلن سان ڀريل آھي جن ۾ ھيڪلا، ايلٽڪائو (Eldgjá)، ھردبريئد (Herðubreið) ۽ ايلڊفيل نالي ٻرندڙ جبل شامل آهن. آئس لينڊ جي سرزمين تي کوڙ گيزر (قدرتي گرم پاڻي جي اخراج واري جاء) پڻ واقع آھن جن ۾ ڪيسئر نالي گيزر پڻ شامل آهي. آئس لينڊ جو بلند ترين مقام ڪئاناٽالسنيوڪر (Hvannadalshnúkur) نالي چوٽي آھي جيڪا 2110 ميٽر يا 6930 فٽ بلند آھي.

موسم[سنواريو]

آئس لينڊ جي موسم ڪوپن جي موسمي درجابندي مطابق
اييافياتلائييوڪئت (Eyjafjallajökull) گليشيئر جيڪو آئس لينڊ جي ننڍڙن گليشيئرن مان ھڪ آھي

آئس لينڊ جي ٻيٽ جي آبھوا سب آرڪٽڪ آھي. اتر ائٽلانٽڪ واريون ڪوسيون ھوائون ساڳي ويڪرائي ڦاڪ جي الاسڪا سميت ٻين زميني علائقن جي ڀيٽ ۾ ھتي جي سالياني گرمي پد کي اوچو ڪن ٿيون. آرڪٽڪ سان ويجھڙائپ ھجڻ باوجود سياري ۾ بہ آئس لينڊ جا سامونڊي ڪنارا برف کان پاڪ رھندا آھن[44]. آئس لينڊ ٻيٽ جي مختلف حصن ۾ مختلف موسم ھوندي آھي. عام طور تي ڏکڻ وارو سامونڊي ڪنارو اتر جي ڀيٽ ۾ گرم، گھم وارو ۽ ھوادار رھندو آھي. ٻيٽ جي وچولي حصي جا مٿاهان پٽ سخت سردي وارا ھوندا آھن. اتر جا ھيٺاھان پاسا بنجر زمين تي مشتمل آهن. سياري ۾ برفباري عام طور تي ڏکڻ جي ڀيٽ ۾ اترئين پاسي گھڻي ٿيندي آهي. ھن ٻيٽ جو وڌ کان وڌ گرمي پد °30.5 سينٽي گريڊ ھيو جيڪو 22 جون 1939ع تي ٻيٽ جي ڏکڻ اوڀر واري ھنڌ رڪارڊ ڪيو ويو. گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد منفي °38- رھيو آھي جيڪو 22 جنوري 1918ع ۾ اتر اوڀر واري حصي ۾ رڪارڊ ڪيو ويو ھو. ريڪجاويڪ شھر جو گھٽ ۾ گھٽ ترين ۽ وڌ ۾ وڌ ترين گرمي پد ڪاٽو °24.5- ۽ °26.2 سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو.


موسمي رڪارڊ : ريڪجاويڪ, آئس لينڊ (1961–1990)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
1.9
(35.4)
2.8
(37)
3.2
(37.8)
5.7
(42.3)
9.4
(48.9)
11.7
(53.1)
13.3
(55.9)
13.0
(55.4)
10.1
(50.2)
6.8
(44.2)
3.4
(38.1)
2.2
(36)
7.0
(44.6)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−3.0
(26.6)
−2.1
(28.2)
−2.0
(28.4)
0.4
(32.7)
3.6
(38.5)
6.7
(44.1)
8.3
(46.9)
7.9
(46.2)
5.0
(41)
2.2
(36)
−1.3
(29.7)
−2.8
(27)
1.9
(35.4)
Source #1: آئس لينڊ جو موسميات کاتو[45]

ذريعو #2: آئس لينڊ جي سمورن موسمياتي مرڪزن جا ماھوار ذريعا name="Icelandic weather stations">celandic weather stations from above site</ref>

موسمي رڪارڊ : اڪوريئري, آئس لينڊ (1961–1990)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
0.9
(33.6)
1.7
(35.1)
2.1
(35.8)
5.4
(41.7)
9.5
(49.1)
13.2
(55.8)
14.5
(58.1)
13.9
(57)
9.9
(49.8)
5.9
(42.6)
2.6
(36.7)
1.3
(34.3)
6.7
(44.1)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−5.5
(22.1)
−4.7
(23.5)
−4.2
(24.4)
−1.5
(29.3)
2.3
(36.1)
6.0
(42.8)
7.5
(45.5)
7.1
(44.8)
3.5
(38.3)
0.4
(32.7)
−3.5
(25.7)
−5.1
(22.8)
0.2
(32.4)
Source #1: آئس لينڊ جو موسميات کاتو[45]

ذريعو #2: آئس لينڊ جي سمورن موسمياتي مرڪزن جا ماھوار ذريعا [46]

وڻ ٽڻ ٻوٽا[سنواريو]

نباتاتي جاگرافي مطابق آئس لينڊ جي نباتات ٻوٽن جي بوريئل ڪنگڊم واري سرڪمبوريئل خطي جي آرڪٽڪ صوبي سان تعلق رکندڙ آھي. آئس لينڊ جو ٽي ڀاڱي چار حصو ساوڪ کان خالي بنجر زمين تي مشتمل آهي. باقي زمين گاھ واري آھي جتي وڻ ۽ ٻوٽا ٿين ٿا ۽ جتي چوپايو مال پڻ چرندو آهي. آئس لينڊ جو سڀ کان عام وڻ اتريون بيد (Northern Brich) آهي جنھن جو نباتاتي نالو بيتولا پيوبيسڪنس (Betula pubescens) آھي. ان وڻ جا اتي باقاعده ٻيلا موجود آهن. ٻين عام وڻن ۾ ايسپينس (پاپولس ٽريمولا), روونس (سوربوس آڪيوپاريا)، عام جونيپرس (يونيپروس ڪميونس), ولو ۽ ٻيا ننڍڙا وڻ شامل آهن. انساني آبادي جي ابتدا وقت ھن ٻيٽ جي 30 سيڪڙو زمين ٻيلن تي مشتمل ھئي پر پوء انساني آبادي ماحول کي متاثر ڪيو ۽ باھ ٻارڻ لاء ڪاٺين جي استعمال سان ۽ عمارتسازي ۾ ڪاٺ جي استعمال سان ٻيلن ۾ گھٽتائي اچڻ شروع ٿي[47][48]

جاندار[سنواريو]

اتر قطبي لومڙ واحد مئمل آهي جيڪو انساني آبادي کان اڳ آئس لينڊ ۾ رھندو ھو
آئس لينڊڪ رڍ
آئس لينڊڪ گھوڙو

انساني آمد کان اڳ آئس لينڊ ۾ ھڪڙو مئمل جانور رھندو ھو جنھن جو نالو اتر قطبي لومڙ ھيو[48] اھو ھن ٻيٽ تي برفاني دؤر ۾ برف سان ڄميل سمنڊ مٿان پنڌ ڪري پھتو ھو. ھوائن ذريعي ھتي چمڙا پڻ پھتا پر اتي انھن جي واڌ نہ ٿي سگھي. گرين لينڊ جي پاسي کان ھتي قطبي رڇ پڻ پھتا پر اھي اتي رھي نہ سگھيا[49] ھتي ريڙهيون پائيندڙ ٻئي خشڪي ۽ پاڻي وارا جاندار پڻ وجود نہ ٿا رکن[50] آئس لينڊ جي جانورن ۾ آئس لينڊڪ رڍ، چوپايو مال، ڪڪڙ، ٻڪريون، گھوڙا ۽ ريڍار ڪتو شامل آهن جيڪي سڀ يورپ مان ھتي آندا ويا. جنگلي جانورن ۾ اتر قطبي لومڙ، قطبي رڇ، آبي نور (mink), ڪئا، سيھڙ ۽ ڦاڙھو شامل آهن. قطبي رڇ ڪڏھن ڪڏھن برفاني ڇپن تي گرين لينڊ پاسي کان ايندا آهن. جون 2008 ۾ گرين لينڊ کان ٻہ قطبي رڇ اتي پھتا ھئا[51]. سامونڊي مئمل جانورن ۾ ڀورو ناسي لڌڙو (ھيليڪوئروس گريپوس) ۽ ھاربر لڌڙو (فوڪا وتيولئنا) شامل آهن. پکين ۾ ھتي سامونڊي پکي رھن ٿا جن ۾ ائٽلانٽڪ پيوفن، ڪاري ٽنگن وارو ڪٽيويڪ (kittiwake)، اسڪئا شامل آهن[52] سائنسي مقصدن خاطر وھيل جي شڪار سان گڏوگڏ ھتي وقفي وقفي سان واپاري مقصدن لاء پڻ وھيل جو شڪار ٿيندو آهي[53][54] جيتن ۾ ھن ملڪ ۾ 1300 جنسون مليون آهن. ھي ملڪ مڇرن کان پاڪ آهي[55].

سياسي نظام[سنواريو]

ھن ملڪ ۾ کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر وارو ڪثيرالجماعت سياسي نظام آھي. 2017ع جي آئس لينڊ جي عام چونڊن ۾ وڏين جماعتن ۾ انڊپينڊنس پارٽي, ليفٽ گرين موومينٽ ۽ پروگريسو پارٽي، سوشل ڊيموڪريٽڪ الائنس، سينٽر پارٽي، پائريٽ پارٽي، پيپلز پارٽي شامل ھيون. آئس لينڊ دنيا جو پھريون ملڪ آھي جنھن ۾ عورتن جي سياسي پارٽي ٺاھي وئي جنھن جو نالو وومينز الائنس رکيو ويو ۽ جنھن جي سموري سرواڻي عورتن مان ھئي[56] ان جماعت جو قيام 1983ع ۾ عورتن جي سماجي، سياسي ۽ معاشي ضرورتن خاطر ٿيو. پارلياماني اليڪشن ۾ ان جماعت جي شموليت سان پارليامينٽ ۾ عورتن جي تعداد ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو[57]. 1999 ۾ ان جماعت کي ٽوڙي سوشل ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ ضم ڪيو ويو پر ان جون اڌ عورت رڪن ليفٽ گرين موومينٽ ۾ شامل ٿي ويون. ان پارٽي جي ڪري پارليامينٽ ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافو ٿيو ۽ ھر وڏي جماعت عورتن لاء 40 سيڪڙو ڪوٽا رکي. 2009 جي پارليامينٽ ۾ ھر ٽيون رڪن عورت ھئي[58] 2016 جي چونڊن بعد پارليامينٽ ۾ %48 ميمبر عورتون آھن[59]2016ع ۾ آئس لينڊ دنيا جي اندر جمھوري ادارن جي مضبوطي ۾ ٻئين نمبر تي ھيو[60] حڪومتي شفافيت ۾ دنيا ۾ 13 نمبر تي ھيو[61] ملڪ جي سياسي عمل شرڪت بہ تمام اوچي آھي. گذريل چونڊن (2013) ۾ ووٽن پوڻ جو ٽرن آئوٽ %81.4 ھيو[62]

تصوير ۾ آئس لينڊ جي ڪامن ويلٿ جي الٿنگ اجلاس ۾ ڏيکاريل

آئس لينڊ ۾ پارلياماني جمھوريت وارو نظام آھي ۽ اھو ملڪ ھڪ پارلياماني ريپبلڪ آھي. موجوده پارليامينٽ الٿنگ (Alþingi) جو بنياد 1845ع ۾ بطور ڊينمارڪ جي شاھي حڪمران جي صلاحڪاري اداري جي پيو. اھا اصل ۾ 930ع ۾ آئس لينڊ جي ڪامن ويلٿجي پارليامينٽ طور قائم ٿي ھئي ۽ 1799ع تائين ڪم ڪندي رهي. جنھن کي 1845ع ۾ ٻيھر قائم ڪيو ويو. وچ وارا 46 سال اھا معطل رھي. الٿنگ کي دنيا جي قديم ترين پارليامينٽ سڏيو وڃي ٿو ۽ آئس لينڊ جي پارلياماني جمهوريت پڻ دنيا جي قديم ترين پارلياماني نظامن ۾ شمار ٿئي ٿي[63] الٿنگ جا 63 رڪن آھن جيڪي چئن سالن جي مدي لاء چونڊجندا آھن[64]. حڪومت جو سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي جيڪو ڪابينه ۽ اگزيڪيوٽو جو پڻ سربراھ ھوندو آھي. صدر جي چونڊ سڌي سنئين عام ماڻھن جي ووٽ سان چئن سالن لاءِ ٿيندي آهي. ميونسپل ڪائونسل جي چونڊ پڻ چئن سالن جي مدي لاء ٿيندي آهي[65]. ملڪ جو صدر رياست جو سربراھ ھوندو آھي ۽ کيس پارليامينٽ جي ھر قانون کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو جنھن جي توثيق لازمي طور تي ريفرنڊم ذريعي ٿيندي آهي[66]. ڪابينا کي صدر الٿنگ جي عام چونڊن کان پوءِ مقرر ڪندو آهي. ان لاء صدر کي سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان مذاڪرات ڪرڻا پوندا آهن ۽ اھڙي طرح خبر پوندي آهي ته ڪھڙي جماعت ڪابينا ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ آھي ۽ اھو بہ طئي ٿي ويندو آهي تہ ڪھڙي جماعت کي ڪابينا ۾ ڪيتريون سيٽون ملڻ کپن. جيڪڏهن مذاڪرات ۾ سياسي جماعتن جا اڳواڻ مناسب وقت اندر ڪنھن بہ نتيجي تي نہ پھچي سگھن تہ پوء صدر پاڻ ڪابينا جي مقرري ڪندو پر ريپبلڪ جي 1944ع ۾ قيام کان وٺي اڃان اھڙي نوبت ڪانه آئي آھي. ريپپلڪ جي قيام کان وٺي ڪڏھن بہ ڪا جماعت واضع اڪثريت سان کٽي نہ سگھي آھي جنھن ڪري ريپپلڪ واري دؤر ۾ برڳو مخلوط حڪومتون اقتدار ۾ رھيون آھن. 1980ع ۾ وگدس فنبوگاداتر (Vigdís Finnbogadóttir) ملڪ جي صدر چونڊجي آئي جيڪا دنيا جي پھرين سڌي طرح چونڊجي آيل رياستي سربراھ ھئي ۽ 1996ع تائين صدر جي عھدي تي فائز رھي. 2009ع ۾ يوھانا سيگورادرداتر (Jóhanna Sigurðardóttir) ملڪ جي وزيراعظم جي چونڊ ٿي جيڪا اللاعلان ھم جنس پرست ھئي[67]

انتظامي ورهاست[سنواريو]

انتظامي طور تي آئس لينڊ خطن يا ريجنن، سياسي تڪن ۽ ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي. ملڪ ۾ ڪل 8 ريجن يا خطا آھن[68] آئس لينڊ ۾ 74 ميونسپالٽيون آھن جن جو ڪم اسڪولن، ٽرانسپورٽ، صفائي ۽ ٻيا معاملا سنڀالڻ آھي[69]. تڪن جي ورھاست رڳو چونڊن متعلق ھوندي آھي. سڀ کان وڏي آبادي واري ميونسپالٽي ريڪجاويڪ آھي ۽ ٻئي نمبر تي ڪوپاووگور آھي پر ريڪجاويڪ جي آبادي ڪوپاووگور کان چئوڻي وڏي آھي[68].

گيلري[سنواريو]

پرڏيهي پاليسي[سنواريو]

نورڊڪ وزيراعظمَ ۽ فن لينڊ جو صدر 2016ع ۾ وائيٽ هائوس ۾. آئس لينڊ جو وزيراعظم سگوردور کاٻي پاسي کان ٻئي نمبر تي

آئس لينڊ يونائيٽيڊ نيشنز، نيٽو، يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن يا ايفٽا ، يورپ جي ڪائونسل، ۽ معاشي سھڪار ۽ ترقي جي تنظيم (OECD) جو رڪن ملڪ ھجڻ سميت دنيا جي سمورين قومن سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا رکندڙ ملڪ آهي. ان جا تعلق نسبتن نورڊڪ ملڪن، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، جرمني، ڪيناڊا ۽ نيٽو جي ٻين رڪن ملڪن سان وڌيڪَ ويجھا آھن. ثقافتي، معاشي ۽ ٻولين ۾ ھڪجھڙائي ڪري تاريخي طور تي آئس لينڊ ھڪ نورڊڪ ملڪ آھي ۽ نورڊڪ ڪائونسل ذريعي ھي ملڪ انھن ملڪن جي باھمي حڪومتي سھڪار ۾ شامل رھندو آھي. آئس لينڊ يورپين ايڪانامڪ ايريا (EEA) جو پڻ رڪن آهي جنھن ذريعي ان کي يورپي يونين جي واحد مارڪيٽ ۾ پھچ آھي. اھو ملڪ يورپي يونين جو رڪن نہ ھيو پر جولاءِ 2009 ۾ آئس لينڊ جي پارليامينٽ : الٿنگ يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ لاء درخواست ڏيڻ جي منظوري ڏني[70] ۽ سرڪاري طور تي 17 جولاءِ 2009ع تي اھا درخواست يورپي يونين کي ڏني وئي[71] 2013 جي چونڊن ۾ ظاهر ٿيو ته آئس لينڊ جا ماڻھو يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ نہ ھئا. نئين حڪومت ريفرينڊم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو[72][73].

معيشت[سنواريو]

اڪوريئري آئس لينڊ جي گادي واري علائقي کان ٻاھر واقع ھڪ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ٻھراڙيءَ وارن شھرن جي معيشت تقريبن ماھيگيري واري صنعت آھي جنھن جو ملڪي برآمدن ۾ %40 حصو آهي

2007ع ۾ في ڪس پيدوار ۾ دنيا جي اندر ستين نمبر تي ھيو ان جي پيدوار في ڪس 54,858 آمريڪي ڊالر ھئي. مساوي قوت خريد ۾ دنيا جي اندر پنجين نمبر تي ھيو ۽ ان جي في ڪس قوت خريد 40,112 ڊالر ھئي. ملڪ ۾ توانائي جي رسد جو 85 سيڪڙو مقامي سطح تي تيار ڪيل قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان ھو[74] [75] قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ترقي جي ڪري 2016ع جي عالمي سبز معيشت جي اشاريي مطابق آئس لينڊ دنيا جي ڏھين وڏي سبز معيشيت ھيو[76]. تاريخي طور تي آئس لينڊ جي معيشت ماھيگيري رھي آھي. اھا ملڪي برآمدن جو 40 سيڪڙو آھي ۽ ملڪ جا 7 سيڪڙو ملازم ان صنعت ۾ ڪم ڪندڙ آھن.[68] 1960واري ڏھاڪي ۾ ماھيگيري جو ملڪي برآمدن ۾ حصو 90 سيڪڙو ھيو جيڪو مڇي جي گھٽجڻ ۽ ان جي قيمتن ۾ لاٿ جي ڪري گھٽجي 2006ع ۾ 40 سيڪڙو تي پھتو آھي جيڪو ظاھر ڪري ٿو تہ آئس لينڊ ۾ ماھيگيري جي صنعت خطري ۾ آھي[77]. ويھين صديءَ جي آغاز کان اڳ ھي ملڪ ھڪ غريب ترين ھيو پر پوء دنيا جو ترقي يافته ملڪ ٿي ويو. ان جي مضبوط معاشي واڌ 2007 ۽ 2008 ۾ گڏيل قومن جي انساني ترقي جي اشاريي ۾ دنيا ۾ پھرين نمبر تي شمار ڪيو[11]. 2011ع ۾ معاشي بحران جي ڪري ان جو نمبر 14 ٿي ويو ھو پر پوء بہ ساڳي سال ايڪانامسٽ انٽيليجنس انڊيڪس مطابق ان سال ھي ملڪ تمام اعلي معيار زندگي ۾ دنيا ۾ ٻئين نمبر تي شمار ڪيو ويو[78]. جيني ڪوئفيشنٽ مطابق ھي ملڪ دنيا جي اندر آمدني جي نابرابري ۾ گھٽ ترين شرح تي آھي[79][80]

ٽرانسپورٽ[سنواريو]

آئس لينڊ جو رنگ روڊ ۽ ان تي واقع ڪجهه شھر 1. ريڪجاويڪ, 2. بورگرنيس, 3. بلندئوس, 4. اڪوريئري, 5. ايجلسٽاڊر, 6. ھب, 7. سيلفوس

في ڪس گاڏين جي مالڪي ۾ آئس لينڊ مٿين سطح تي آھي. آبادي جي لحاظ کان ھتي ھر 1.5 فردن کي ھڪ گاڏي جي ملڪيت آهي. ذاتي گاڏيون ھتي ٽرانسپورٽ جو سڀ کان وڏو ذريعو آھن[81]. آئس لينڊ ۾ 13٬034 km (8٬099 mi) روڊ آھن جن مان 4٬617 km (2٬869 mi) روڊ تي فٽ پاٿ موجود آهي ۽ 8٬338 km (5٬181 mi) تي فٽ پاٿ موجود ناھي. شھرن اندر روڊ جي رفتار 30 km/h (19 mph) ۽ 50 km/h (31 mph) آھي ۽ شھرن کان ٻاھر ٻھراڙيءَ واري پٿريلي روڊ تي 80 km/h (50 mph) ۽ شھرن کان ٻاھر پڪن روڊن تي 90 km/h (56 mph) آھي[82]. 1974ع ۾ آئس لينڊ ۾ رنگ روڊ جي تڪميل ٿي جيڪو آئس لينڊ جو سڀ کان وڏو روڊ آھي ۽ پوري ملڪ جي آبادي وارين وسندين کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. اھو 1٬332 km (828 mi) ڊگھو آھي[83] ريڪجاويڪ شھر کان 49 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ڪيفليوڪ بين الاقوامي ايئرپورٽ[84] ملڪ جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آھي جيڪو کوڙ بين الاقوامي ۽ ملڪي ايئرلائن ڪمپنين کي خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ اھو ملڪ جي شھري ھوابازي جو ھڪ وڏو مرڪز آهي[85] [86] آئس لينڊ ۾ مسافرن لاء ريلوي سروس ڪانہ آھي. ريڪجاويڪ شھر وارو ايئرپورٽ ملڪ جو ٻيون نمبر وڏو ايئرپورٽ آھي جيڪو شھر کان ڏيڍ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي[87] [88] ھن ايئرپورٽ تان باقاعده ملڪ جي 12 شھرن تائين روزاني گھرو ھوائي سروس ميسر آهي.


تعليم ۽ سائنس[سنواريو]

ريڪجاويڪ جونيئر ڪاليج شھر جي مرڪز ۾ واقع آهي جيڪو آئس لينڊ جو سڀ کان پراڻو جمنازيم آھي

ملڪ جي تعليمي پاليسي ۽ تعليمي نصاب ملڪ جي تعليم ۽ سائنس واري وزارت جوڙيندي آھي. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول جو انتظام ۽ مالي مدد ميونسپالٽيون فراھم ڪنديون آهن[89] نرسري واري تعليم ڇھن سالن جي عمر تائين لازمي ھوندي آھي. ملڪي قانون مطابق 6 کان 16 سالن جي عمر تائين ٻارن لاء تعليم لازمي آهي. سڀني اسڪولن ۾ عيسائيت جي تعليم لازمي آهي ان لاء استثنیٰ رڳو ملڪ جي تعليم ۽ سائنس جي وزارت کان ملي سگهي ٿي[90]. سيڪنڊري تعليم ٻن حصن ۾ ورھايل آھي پھريون لوئر سيڪنڊري ۽ پوء اپر سيڪنڊري تعليم ڏني ويندي آهي. اھا تعليم ڏيندڙ اسڪول جمنازيم اسڪول سڏبا آهن. سڀني اسڪولن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي تعليم حاصل ڪندا آھن. اعلیٰ تعليم جو ملڪ اندر سڀ کان وڏو ادارو آئس لينڊ يونيورسٽي آھي جنھن جو مکيه ڪيمپس ريڪجاويڪ شھر جي وچ ۾ واقع آهي. ٻيا ادارن ۾ ريڪجاويڪ يونيورسٽي، اڪوريئري يونيورسٽي، اگريڪلچرل يونيورسٽي آف آئس لينڊ ۽ بيوراسٽ يونيورسٽي شامل آهن. معاشي سھڪار ۽ ترقي جي تنظيم مطابق آئس لينڊ جا 25 کان 64 سالن جي عمر جا %64 ماڻھو اعلیٰ تعلیم يافته آھن. ان تنظيم مطابق سراسري شرح 73 سيڪڙو ھجڻ کپي. 25 کان 34 سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ ھاء اسڪول جي ڊگري برابر تعليم 69 سيڪڙو آھي جڏھن تہ ان تنظيم مطابق اھا سراسري شرح 80 سيڪڙو ھجڻ گھرجي. ان ھوندي بہ آئس لينڊ جو تعليمي نظام عمدو سمجھيو ويندو آھي. 2013 جي يورپي ڪميشن طرفان جاري ڪيل يورو اسٽيٽ رپورٽ مطابق آئس لينڊ. پنھنجي جي ڊي پي جو 3.11 سيڪڙو سائنسي تحقيق ۽ ترقي تي خرچ ڪري ٿو ۽ 2020ع ۾ ان لاء ٽارگيٽ 4 سيڪڙو رکيو ويو آهي[91] 2010ع ۾ يونيسڪو سائنس تي ساليانو 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪَ خرچ ڪندڙ 72 ملڪن جي فھرست جاري ڪئي جن ۾ آئس لينڊ جو شمار نائين نمبر تي ھيو ۽ ان ساڳي نمبر تي يونائيٽيڊ ڪنگڊم، فرانس، تائيوان، جرمني، ڪيناڊا ۽ سوئيٽزرلينڊ پڻ ان جي برابر ھيا[92].

صحت[سنواريو]

آئس لينڊ ۾ يونيورسل ھيلٿ ڪيئر نظام ڪم ڪري ٿو جنھن کي اتان جي وزارت بھبود سنڀالي ٿي[93] جنھن جا خرچ 85 سيڪڙو ٽيڪس مان ۽ 15 سيڪڙو خدمتي فيئن مان پورا ڪيا وڃن ٿا. ھن ملڪ ۾ ڪابہ پرائيويٽ اسپتال ڪانھي ۽ نہ ئي وري پرائيويٽ انشورنس ھوندي آھي[94] سرڪاري بجيٽ جو وڏو حصو صحت جي سنڀال لاء مخصوص ڪيو وڃي ٿو[94] ملڪ جي جي ڊي پي جي خرچن جي شرح ۾ صحت جي شعبي ۾ يارھين نمبر تي آهي[95] ۽ صحت تي في ڪس خرچ ۾ دنيا ۾ 14 نمبر تي آهي[96] عالمي صحت جي اداري مطابق ھن ملڪ جو صحت جو نظام دنيا اندر بھترين نظامن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ دنيا جي اندر ان جو شمار 15ھين نمبر تي آهي[97]. ھن ملڪ ۾ ھڪ ھزار ماڻھن جي آبادي لاء 3.7 ڊاڪٽر، 15.3 نرسون آھن[98]. ھن ملڪ جا ماڻهو دنيا ۾ صحتمند ترين ماڻھو آھن. اتان جي 81 سيڪڙو ماڻھو بھترين صحت وارا آھن. ھي ملڪ ۾ دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڄمندڙ ننڍڙن ٻارن جي موت جي شرح تمام گھٽ سطح تي آھي[99] ۽ سگريٽ نوشي ۾ پڻ تمام گھٽ شرح تي آھي[98] متوقع حياتي جي شرح ھن ملڪ ۾ 81.8 سال آھي ۽ ان شرح مطابق ھي ملڪ دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي[100].

مذھب[سنواريو]

مذھبي تحريڪ ذريعي وابستگي (1 جنوري 2018) [101]
وابستگي % آبادي
عيسائيت 78.78 78.78
 
آئس لينڊ جي ڪليسا 67.22 67.22
 
ٻيون لوٿرن ڪليسائون 5.70 5.7
 
رومن ڪيٿولڪ ڪليسا 3.85 3.85
 
ايسٽرن آرٿوڊڪس ڪليسا 0.29 0.29
 
ٻيا عيسائي فرقا 1.72 1.72
 
ٻيا مذھب 14.52 14.52
 
ھيدنئزم 1.19 1.19
 
ھيومنسٽ ايسوسيئيشن 0.67 0.67
 
زوئزم 0.55 0.55
 
ٻڌازم 0.42 0.42
 
اسلام 0.30 0.3
 
بھائي مذھب 0.10 0.1
 
ٻيا ۽ اڻڄاتل 11.29 11.29
 
غيروابستگي 6.69 6.69
 
آئس لينڊ جي اتراولھ واري ڪليسا

آئس لينڊ جي ماڻھن کي آئين ذريعي مذھبي آزادي جي ضمانت مليل آهي. آئس لينڊ جي ڪليسا لوٿرن چرچ آھي ۽ اھو آئين مطابق رياست جو چرچ قرار ڏنل آھي

انجيلي بشارت واري لوٿرن ڪليسا آئس لينڊ ۾ رياست جي ڪليسا ھوندي ۽ اھڙي طرح ان جي رياست مدد ۽ تحفظ ڪندي.

— آرٽيڪل 62, حصو چوٿون آئس لينڊ جو آئين[102]

آئس لينڊ جا رجسٽرار آئس لينڊ جي شھرين جي مذھبي وابستگي کي رڪارڊ ۾ درج ڪندا آهن. 2017ع ۾ آئس لينڊ جي ماڻھن کي ٻن ھيٺ ڄاڻايل مذھبي گروھن ۾ ورھايو ويو:

آئس لينڊ ٻين نورڊڪ ملڪن وانگر ھڪ سيڪيولر ملڪ آھي جتي ڪليسا يا چرچ ۾ ماڻھن جي حاضري تمام گھٽ ھوندي آھي[103] [104] مذھبي وابستگي جو اھو رڪارڊ ماڻھن جي عقيدي جي عڪاسي ڪندڙ ناھي. 2001 جي ھڪ تحقيق مطابق ملڪ جا 23 سيڪڙو ماڻھو يا تہ دھريا يا ملحد آھن يا وري اگنانواد آھن[105] 2012ع جي ھڪ گيلپ سروي مطابق 52 سيڪڙو آئسلينڊر پاڻ کي مذھبي ۽ 31 سيڪڙو پاڻ کي غير مذھبي قرار ڏنو ۽ 10 سيڪڙو پاڻ کي سوچي سمجهي ملحد قرار ڏنو. ان مطابق آئس لينڊ دنيا جي انھن ڏھن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ملحدن جو تعداد نسبتن تمام گھڻو آھي[106]. آئس لينڊ جي ڪليسا ۾ ماڻھن جي رجسٽريشن ھر سال ھڪ سيڪڙو جي شرح سان گھٽجي رھي آھي.

ثقافت[سنواريو]

آئس لينڊ جي ثقافت جون جڙون اتر جرمني جي روايتن ۾ کتل آهن. صدين کان ٻيٽ واري اڪيلائي ھتان جي نورڊڪ ثقافت کي ٻاھرين اثرن کان محفوظ رکيو. ان جو سڀ کان وڏو مثال آئس لينڊڪ ٻولي آھي جيڪا پراڻي ڻورس ٻولي سان ٻين جديد نورڊڪ ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجھو آھي[107]. آئس لينڊڪ ماڻھو محنتي ۽ جفاڪش آھن ۽ آزادي ۽ خودانحصاري کي پسند ڪندڙ آھن[108][109]. 1996ع ۾ ھن ملڪ جي پارليامينٽ شادي جي قانونن ۾ ترميم آڻي ھم جنسن کي رجسٽرڊ پارٽنرشپ جي طريقي سان گڏ رھڻ جو اختيار ڏنو. 2006ع ۾ پارليامينٽ وڌيڪَ ترميمون منظور ڪندي ھم جنس جوڙن کي ٻار بطور اولاد اختيار ڪرڻ جو حق ڏنو. 2010 ۾ پارليامينٽ شادي جي قانون ۾ ترميم آڻي شادي کي ٻن فردن وچ ۾ رشتو قرار ڏئي دنيا اندر پھريون ڀيرو ھم جنسن وچ ۾ شادي کي قانوني حيثيت ڏني. ان قانون تي عمل جي شروعات 27 جون 2010ع ۾ ٿي[110] ان نئين قانون سان رجسٽرڊ پارٽنرشپ وارو طريقو ختم ٿي ويو ۽ ھم جنس پرستن لاء واحد قانوني رستو شادي ٿي ويو[110]. آئس لينڊ جا ماڻھو ڪميونٽي واري ماحول ۽ سماجي رابطن کي شدت سان پسند ڪندڙ آھن.

ادب[سنواريو]

2011ع ۾ يونيسڪو پاران ريڪجاويڪ شھر کي ادب جو شھر قرار ڏنو[111].

مدرووالابڪ جي نيالس سرگذشت جو ھڪ صفحو. سرگذشتون آئس لينڊڪ ادبي ورثي جو اھم حصو آھن

آئس لينڊ ڪلاسيڪي ادب جي لکڻين ڪري گھڻو مشھور آھي جن ۾ آئس لينڊ جي آباد ٿيڻ واري دؤر جون آئس لينڊ جي ماڻھن جون سرگذشتون، نثر، رزميه داستان شامل آهن جن مان تمام مشھور نيالس سرگذشت آھي جنھن ۾ ھڪ خوني تڪرار جو جنگي داستان بيان ٿيل آهي. ٻيون مشھور لکڻيون گرينلينڊنگا سرگذشت ۽ ڳاڙھي ايرڪ جي سرگذشت آھي جن ۾ گرين لينڊ ۽ نيو فائونڊ لينڊ جي دريافت ۽ اتي جي آبادڪاري جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه اَيگِلس سرگذشت، لڪسڊائلا سرگذشت، گرھتيسا سرگذشت، گسلا سرگذشت ۽ گنلاگس سرگذشت پڻ مشھور آئس لينڊڪ سرگذشتون آھن. سورھين صدي عيسويءَ ۾ بائيبل جو آئس لينڊڪ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو ويو. موجوده دور جي آئس لينڊ وڏا ليکڪ پيدا ڪيا جن ۾ وڏي ناليوارو ھلتر لڪسنيس آھي جنھن کي 1955ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز مليو. شاعري ۾ جديد دؤر جو ويھين صديءَ جو مشھور شاعر اسٽيئن اسٽيئنر ھيو. ھتان جا ماڻھو ڪتابن رکڻ جا شوقين آھن ۽ دنيا ۾ في ڪس سڀ کان وڌيڪ ڪتابن جا دڪان پڻ ھن ملڪ ۾ آھن. ھي ملڪ جا ماڻهو دنيا جي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ عالمي ادب جا نسبتن وڌيڪَ ڪتاب درآمد ڪندڙ ۽ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ آھن. ھي ملڪ في ڪس تناسب جي لحاظ کان دنيا ۾ وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا شايع ڪندڙ ملڪ آھي[112] ملڪ جي آبادي جو ڏھ سيڪڙو ماڻھو پنھنجي زندگي م ھڪ ڪتاب شايع ڪندڙ آھن.

کاڌا ۽ طعام[سنواريو]

ٿورماتر کاڌي جي ترتيب

آئس لينڊ جا کاڌا گھڻي ڀاڱي مڇي، ريڍي گوشت ۽ کير وارين شين جا ھوندا آھن جن ۾ اھي مصالحن ۽ جڙي ٻوٽين جو استعمال ڪانہ ڪن. ٻيٽ جي آبھوا جي لحاظ کان ھتي ميون ۽ ڀاڄين جو کاڌن ۾ استعمال تمام گھٽ ٿيندو آهي. گرين هائوس جي ٽيڪنالاجي سان ھاڻي انھن جو استعمال وڌي رھيو آھي. ٿورماتر ھتان جو ھڪ روايتي طعام آھي جنھن ۾ کوڙ کاڌا شامل ھوندا آھن. روايتي طعامن ۾ اسڪير (ڏھي وانگر پنير)، ھائوڪرٽ (پچايل شارڪ)، پچايل گھٽي جو گوشت، باھ تي پچايل رڍ جي منڍي ۽ ڪاري پڊنگ، فليٽڪاڪا (سڌي ماني)، گرم زمين ۾ پچايل سڪل مڇي ۽ رائي واري ماني شامل آهن[113]. باھ تي پچايل پيوفن پکي پڻ مقامي لذيذ کاڌي ۾ شمار ٿئي ٿو. ھتان جو ناشتو عام طور تي مالپڙي، اناج، ميون ۽ ڪافي تي مشتمل ھوندو آھي. مانجھاندو ھتي سمورگسبورڊ جي صورت ۾ ٿيندو آهي. آئيس لينڊ جي ماڻھن جي اھم ماني رات واري ھوندي آھي جنھن ۾ عام طور تي مڇي ۽ ريڍو گوشت شامل ھوندو آھي. آئس لينڊرز جي زندگي ۾ سامونڊي کاڌا مرڪزي حيثيت رکن ٿا خاص طور تي ڪاڊ مڇي، حدوڪ مڇي، سئمن مڇي، ھيرنگ مڇي ۽ ھاليبٽ مڇي مشھور آھن. انھن کي مختلف نمونن سان رڌيو يا پچايو ويندو آهي. ٻاڦ تي، کثاڻ ذريعي، اٻاري، يا خشڪ ڪري تيار ڪيو ويندو آهي. گوشت ۾ ريڍو گوشت شوق سان کاڌو ويندو آهي. ان کي لوڻ لڳائي محفوظ پڻ ڪيو ويندو آهي. ان جي سجي پڻ مشهور آهي. پراڻي دور کان وٺي رڍ جي ھر حصي جا کاڌا پڻ ٺھندا آھن. اُٻاريل يا ڀُڳَل پٽاٽا، کٽاڻ واري بند گوبي، ساوا مٽر، ۽ رائي جي ماني پڻ ھتي عام کاڌا آھن. آئس لينڊ جو عام مشروب ڪافي آھي. 2016ع ۾ دنيا ۾ ڪافي جي گھڻي استعمال ۾ ھن ملڪ جو ٽيون نمبر ھو.[114] اھا ناشتي ۾ لازمي پيتي ويندي آهي. ان کان سواءِ ھر وقت جي ماني بعد يا شام جو ھلڪي ڦلڪي خوراڪ وٺڻ بعد اڪثر پيتي ويندي آهي. ڪوڪا ڪولا جو استعمال پڻ تمام گھڻو ٿيندو آهي. دنيا ۾ في ڪس سڀ کان وڌيڪَ ڪوڪا ڪولا آئس لينڊر پيئندا آهن[115]. شراب ۾ ھتان جو پسنديده مشروب بِرَانِيوِن وائين آھي. اھو وائين پٽاٽن مان ٺھندو آھي جن ۾ زيري جي ٻجن يا انجيليڪا (عربي: حشيشة الملاك) جو ذائقو وڌو ويندو آهي. تيز الڪوحل وارو بيئر 1989ع تائين بندش ھيٺ رھيو ۽ ھاڻي اھڙا ڪيترائي بيئر ھتي ڪارخانن ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا.

رانديون[سنواريو]

آئس لينڊ نيشنل ھينڊ بال ٽيم 2008ع جي اونھاري واري اولمپڪ جي مقابلي ۾ چاندي جو ٻل حاصل ڪندي

رانديون آئسلئنڊرن جي زندگي جو اھم حصو آھن[116] ھتان جي اھم روايتي راند گليما آھي جيڪا ڪشتي جو ھڪ قسم آھي.

فٽبال جا مداح آئسلينڊر روس ۾ 2018 واري فيفا ورلڊڪپ ۾

ھتان جي ھردلعزيز راندين ۾ فٽبال، ايٿليٽڪس جي ٽريڪ اينڊ فيلڊ ۽ ھينڊبال شامل آهن. ھينڊبال کي ھتان جي قومي راند پڻ سڏيو ويندو آهي[117]. ھتي جا ماڻھو ڪوھ پيمائي ۽ ھائڪنگ (پيدل سفر) ۾ پڻ دلچسپي رکندا آهن. ھي ملڪ اسڪئنگ ۽ مڇي جي شڪار لاء پڻ مشهور آهي. ھتي ڪيترائي گولف ڪورس موجود آهن ۽ ملڪ ۾ 17000 رجسٽرڊ گولفر آھن [118].

حوالا[سنواريو]

  1. "Population by country of citizenship, sex and age 1 January 1998–2016". Reykjavík, Iceland: Statistics Iceland. حاصل ڪيل 27 January 2017. 
  2. "Constitution of Iceland". Government of Iceland. حاصل ڪيل 14 October 2014.  Section VI deals with religion and Article 62 states "The Evangelical Lutheran Church shall be the State Church in Iceland and, as such, it shall be supported and protected by the State". In English, this church is commonly called the Church of Iceland.
  3. "Ísland er minna en talið var" (ٻولي ۾ Icelandic). RÚV. حاصل ڪيل 10 March 2015. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "Iceland". International Monetary Fund. 
  5. "Gini coefficient of equivalised disposable income (source: SILC)". Eurostat Data Explorer. حاصل ڪيل 7 January 2013. 
  6. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  7. Interinstitutional Style Guide of the European Union guidance on Iceland reading "Do not use 'Republic of Iceland'. Although this name is found in some documents, it does not have official status."
  8. "Population by municipality, age and sex 1998-2020 - Division into municipalites as of 1 January 2020". www.hagstofa.is. Statistics Iceland. حاصل ڪيل 12 May 2019. 
  9. "Statistics Iceland" Check |url= value (مدد). Government. The National Statistical Institute of Iceland. حاصل ڪيل 14 September 2008. 
  10. "OECD Tax Database". Oecd.org. وقت 25 January 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 January 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. 11.0 11.1 "2017 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  12. The Military Balance 2014. The International Institute of Strategic Studies (IISS). 2014. 
  13. Evans, Andrew. "Is Iceland Really Green and Greenland Really Icy?", National Geographic (30 June 2016).
  14. The History of Viking Iceland آرڪائيو ڪيا ويا 3 February 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Ancient Worlds, 31 May 2008. Retrieved 10 November 2013.
  15. Iceland and the history آرڪائيو ڪيا ويا 10 November 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The Gardarsholm Project, 29 July 2012. Retrieved 10 November 2013.
  16. Hvers vegna hefur Náttfara ekki verið hampað sem fyrsta landnámsmanninum?, University of Iceland: The Science Web, 7 July 2008. Retrieved 10 November 2013.
  17. Historical Dictionary of the Vikings By Katherine Holman p252 scarecrow press 2003 discusses that both Scottish and Irish slaves were in Iceland
  18. Kudeba, N. (19 April 2014). Chapter 5 – Norse Explorers from Erik the Red to Leif Erikson – Canadian Explorers. Retrieved from The History of Canada: "Archived copy". وقت 8 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 April 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. Michael Strmiska. Modern Paganism in World Cultures: Comparative Perspectives. ABC-CLIO. p. 138. https://books.google.com/books?id=qx7Tvd99xVAC&pg=PAPA138. 
  20. "The History of Iceland (Gunnar Karlsson) – book review". Dannyreviews.com. حاصل ڪيل 10 February 2010. 
  21. Pulsiano, Phillip and Wolf, Kirsten (1993) Medieval Scandinavia: An Encyclopedia. Taylor & Francis. p. 312. ISBN 0-8240-4787-7
  22. Maddicott, J.R. (2 June 2009). "6th–10th century AD". Findarticles.com. p. 14. http://findarticles.com/p/articles/mi_m2279/is_n156/ai_20059971/pg_14. 
  23. Davis, Robert C. (2003). Christian Slaves, Muslim Masters: White Slavery in the Mediterranean, the Barbary Coast, and Italy, 1500–1800. Palgrave Macmillan. pp. 7–. ISBN 978-0-333-71966-4. https://books.google.com/books?id=5q9zcB3JS40C&pg=PA7. 
  24. One slaving expedition is inaccurately termed the Turkish Abductions in Icelandic historiography. This was an expedition conducted by a Dutch convert, Murat Reis, and the captives were taken to the Barbary Coast to sell.
  25. "Iceland: Milestones in Icelandic History". Iceland.vefur.is. حاصل ڪيل 10 February 2010. 
  26. Crosby Alfred W. (2004) Ecological imperialism: the biological expansion of Europe, 900–1900. Cambridge University Press. p. 52. ISBN 0-521-54618-4
  27. "When a killer cloud hit Britain". BBC News. January 2007.
  28. "How volcanoes can change the world". CNN. حاصل ڪيل 27 October 2014. 
  29. "For Iceland, an exodus of workers". The New York Times. وقت 11 December 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  30. "Icelandic Roots | Post". Icelandic Roots | Genealogy Ancestry. حاصل ڪيل 2019-04-05. 
  31. "History: British forces occupy Iceland". Iceland Monitor. وقت 3 December 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-04-05.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  32. سانچو:Cite video
  33. "Vísindavefurinn: Hversu há var Marshallaðstoðin sem Ísland fékk eftir seinni heimsstyrjöld?". Vísindavefurinn. حاصل ڪيل 27 October 2014. 
  34. Müller, Margrit; Myllyntaus, Timo (2007). Pathbreakers: Small European Countries Responding to Globalisation and Deglobalisation. Peter Lang. pp. 385–. ISBN 978-3-03911-214-2. https://books.google.com/books?id=zdXTV8xO3xQC&pg=PA385. 
  35. Wilcox and Latif, p. 29
  36. Robert Jackson (15 November 2008). "The Big Chill". Financial Times. 
  37. "Home – Hagstofa". Hagstofa. 
  38. Christine IngebritStates and European Unity (2000). Cornell University Press. p. 129. ISBN 978-0-8014-8659-3. https://books.google.com/books?id=NU0pOfTUdvEC&pg=PAPA129. 
  39. Pertti Joenniemi; Marko Lehti (2003). "On the Encounter Between the Nordic and the Northern: Torn Apart But Meeting Again?". in Marko Lehti, David James Smith. Post-Cold War Identity Politics: Northern and Baltic Experiences. Psychology Press. p. 135. ISBN 978-0-7146-5428-7. https://books.google.com/books?id=wnO5AMBP01oC&pg=PAPA135. 
  40. Gunnar Helgi Kristinsson (28 June 2005). "Iceland and the European Union". in Lee Miles. The European Union and the Nordic Countries. Routledge. p. 150. ISBN 978-1-134-80405-4. https://books.google.com/books?id=uHmJAgAAQBAJ&pg=PAPA150. 
  41. Pieter Dhondt (25 November 2011). National, Nordic Or European?: Nineteenth-Century University Jubilees and Nordic Cooperation. BRILL. p. 7. ISBN 978-90-04-21694-5. https://books.google.com/books?id=gwz-wPTpeiwC&pg=PAPA7. 
  42. "Iceland in statistics". Landmælingar Íslands [National Land Survey of Iceland]. وقت 6 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  43. Bott, Martin H. P.; Saxov, Svend; Talwani, Manik; Thiede, Jörn (1983). Structure and Development of the Greenland-Scotland Ridge: New Methods and Concepts. Springer Science+Business Media. p. 464. ISBN 978-1-4613-3487-3. 
  44. Lamb H. (1995). Climate, History and the Modern World. Routledge. ISBN 978-0415127356. 
  45. 45.0 45.1 Icelandic Climatic Data (English introduction), Veðurstofa Íslands (Icelandic Meteorological Office)
  46. celandic weather stations from above site
  47. David R. Montgomery (2007). Dirt: The Erosion of Civilisations. University of California Press. pp. 224–225. 
  48. 48.0 48.1 "Wildlife". Iceland Worldwide. Iceland Whale Watching. وقت 14 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  49. "Polar bears". Nordic Adventure Travel. وقت 16 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 November 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  50. "Wild Mammals in Iceland". Nordic Adventure Travel. وقت 16 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 November 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  51. "Second polar bear killed in Iceland". IceNews. وقت 27 September 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  52. Wilcox and Latif, pp. 14–15
  53. "Hvalveiðiákvörðun stendur í ár" (ٻولي ۾ Icelandic). Amx.is. وقت 21 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2010. 
  54. "Hvalveiðarnar hefjast í júníbyrjun" (ٻولي ۾ Icelandic). Fiskifréttir. وقت 22 July 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  55. "Vísindavefurinn: Af hverju lifa ekki moskítóflugur á Íslandi, fyrst þær geta lifað báðum megin á Grænlandi?" (ٻولي ۾ Icelandic). Visindavefur.hi.is. وقت 2 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 October 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  56. Wilcox and Latif, p. 34
  57. "The Icelandic Experience" (PDF). Chumirethicsfoundation.ca. وقت 13 May 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 November 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  58. "Women in national parliaments". Ipu.org. 
  59. "The Tiny Nation of Iceland Is Crushing the U.S. in Electing Female Politicians". Fortune. 
  60. The EIU. "Democracy Index 2016 – Economist Intelligence Unit". حاصل ڪيل 25 January 2017. 
  61. Corruption Perceptions Index: Transparency International آرڪائيو ڪيا ويا 10 August 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Cpi.transparency.org (25 November 2011). Retrieved 28 April 2012.
  62. Balazs Koranyi and Robert Robertson: Iceland set for coalition talks after government ousted آرڪائيو ڪيا ويا 2013-04-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Reuters, 28 April 2013
  63. Del Giudice, Marguerite (March 2008) "Power Struggle". National Geographic. p. 85.
  64. "Government & Politics". Iceland.is. وقت 18 January 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  65. "Local Government". Iceland.is. وقت 15 October 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  66. "What Type of Government Does Iceland Have?". WorldAtlas. http://www.worldatlas.com/articles/what-type-of-government-does-iceland-have.html. 
  67. "Iceland passes gay marriage law in unanimous vote". Retrieved 30 March 2012
  68. 68.0 68.1 68.2 [ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ic.html آرڪائيو ڪيا ويا 2020-05-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  69. Iceland in figures 2016. Statistics Iceland. p. 33.
  70. Associated Press in Reykjavík (16 July 2009). "Icelandic parliament votes for EU membership". The Guardian (London). https://www.theguardian.com/world/2009/jul/16/iceland-parliament-votes-eu-membership. 
  71. "Iceland applies to join European Union". CNN. 17 July 2009. http://edition.cnn.com/2009/WORLD/europe/07/17/iceland.eu.application/index.html. 
  72. "Icelanders to get a referendum on joining the EU". BBC News. 22 May 2013. https://www.bbc.co.uk/news/world-europe-22624110. 
  73. "Iceland has a new government, and it could result in the country joining the EU" (en-GB ۾). The Independent. 10 January 2017. https://www.independent.co.uk/news/world/europe/icleand-new-government-centre-right-coalition-conservative-prime-minister-bjarni-benediktsson-a7519691.html. 
  74. "Energy Data". Askja Energy – The Independent Icelandic Energy Portal. 
  75. "World's largest Electricity Producer per Capita". Icelandic Energy Portal. Askja Energy. حاصل ڪيل 4 August 2013. 
  76. "Global Green Economy Index" (PDF). Dual Citizen LLC. حاصل ڪيل 19 September 2016. 
  77. "Trade and Economy, Embassy of Iceland, Undated. Retrieved 24 March 2010". Iceland.org. وقت 15 October 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 November 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  78. News – Iceland second in the world's quality of life index آرڪائيو ڪيا ويا 21 December 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Invest.is. 5 September 2007. Retrieved 28 April 2012.
  79. OECD. "Income distribution – Inequality". حاصل ڪيل 27 October 2014. 
  80. "Inequality-adjusted Human Development Index (IHDI)". Hdr.undp.org. 
  81. "Inhabitants per passenger car, in 2008". Statistics Iceland. حاصل ڪيل 10 February 2010. 
  82. "Driving in Iceland: Iceland Driving Tips for Visitors – How to Drive in Iceland – Driving Tips for Iceland Travelers – Driving Cars in Scandinavia". Goscandinavia.about.com. حاصل ڪيل 8 July 2009. 
  83. "Vegalengdir". حاصل ڪيل 19 January 2017. 
  84. "Keflavíkurflugvöllur, Komur og brottfarir, Flugáætlun, Ferðaveður, Bílastæði við Keflavíkurflugvöll – Kefairport.is". www.kefairport.is. وقت 26 March 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 August 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  85. "tripsta". وقت 21 September 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 October 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  86. "Brottfararstaður Flugstöð Leifs Eiríkssonar". 
  87. "Airport Shuttle from Keflavik Airport, Iceland - Keflavik International Airport - Kefairport.com". www.kefairport.is. 
  88. "Reykjavík International Airport". www.isavia.is. 
  89. "ReadArticle / Mayor Does Not Feel School Should Be Mandatory" (ٻولي ۾ Icelandic). Grapevine.is. وقت 1 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 September 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  90. Fox, Jonathan (2008). A World Survey of Religion and the State (Cambridge Studies in Social Theory, Religion and Politics). Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-70758-9. https://books.google.com/?id=rE0NcgxNaKEC&pg=PA118. "All public schools have mandatory education in Christianity. Formally, only the Minister of Education has the power to exempt students from this but individual schools usually grant informal exemptions." 
  91. "Research and innovation in Iceland, country profile" (PDF). European Commission. حاصل ڪيل 24 March 2015. [مئل ڳنڍڻو]
  92. "UNESCO science report, 2010: the current status of science around the world; 2010" (PDF). 
  93. Information about the Icelandic Health Care System. Ministry of Health, Iceland
  94. 94.0 94.1 Gunnlaugsson, Gunnar H.; Oddsdottir, M; Magnusson, J (2006). "Surgery in Iceland". Arch Surg 141 (2): 199–203. doi:10.1001/archsurg.141.2.199. PMID 16490899. 
  95. Retrieved 27-4-2012 آرڪائيو ڪيا ويا 4 May 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Nationmaster.com. Retrieved 28 April 2012.
  96. OECD Health Data 2011. Oecd.org (30 June 2011). Retrieved 28 April 2012. آرڪائيو ڪيا ويا 13 April 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  97. World Health Organization: Health Report 2010
  98. 98.0 98.1 OECD Health Data 2011. oecd.org
  99. World Population Prospects, the 2010 Revision آرڪائيو ڪيا ويا 3 June 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Esa.un.org (28 June 2011). Retrieved 28 April 2012.
  100. World Population Prospects The 2006 Revision. United Nation (2007)
  101. "Populations by religious and life stance organisations 1998–2018". Reykjavík, Iceland: Statistics Iceland. 
  102. "Constitution of Iceland". Government of Iceland. حاصل ڪيل 14 October 2014. 
  103. "University of Michigan News Service". Umich.edu. حاصل ڪيل 26 January 2010. 
  104. "Religion < People and Society < Iceland.is – Gateway to Iceland". Iceland.is. وقت 1 March 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 January 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  105. Froese, Paul (2001). "Hungary for Religion: A Supply-Side Interpretation of the Hungarian Religious Revival". Journal for the Scientific Study of Religion 40 (2): 251–268. doi:10.1111/0021-8294.00054. 
  106. "Global index of religion and atheism" (PDF). وقت 21 October 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 October 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  107. "Hvert norðulandamálanna fimm líkist mest frumnorrænu?". Vísindavefurinn (ٻولي ۾ Icelandic). حاصل ڪيل 12 September 2017. 
  108. Social values, Science and Technology analysis. European Commission Eurobarometer. June 2005. p. 35. http://ec.europa.eu/public_opinion/archives/ebs/ebs_225_report_en.pdf. 
  109. Wilcox and Latif, pp. 65, 70.
  110. 110.0 110.1 "Iceland parliament votes for gay marriage". Icenews.is. حاصل ڪيل 9 July 2010. 
  111. "Literary Iceland Revels in Its Annual 'Christmas Book Flood'". NPR.org. https://www.npr.org/2012/12/25/167537939/literary-iceland-revels-in-its-annual-christmas-book-flood. 
  112. "Cultural Achievements". State.gov. حاصل ڪيل 12 October 2012. 
  113. Thorkelsdottir, Nina. "The ultimate guide to Icelandic delicacies, part one". Travelade. Nina Thorkelsdottir. حاصل ڪيل 18 April 2017. 
  114. Jones, Lora (13 April 2018). "Coffee: Who grows, drinks and pays the most?" (en-GB ۾). BBC News. https://www.bbc.com/news/business-43742686. 
  115. Wilcox and Latif, p. 126
  116. Wilcox and Latif, p. 109
  117. Wilcox and Latif, p. 110
  118. "Tee Off in the Midnight Sun of Reykjavík". 25 June 2013. http://www.thejournal.co.uk/sport/other-sport/golf/tee-midnight-sun-reykjavik-4449000.