سلوواڪيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلوواڪ ريپبلڪ

Flag of سلوواڪيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "Nad Tatrou sa blýska"
(انگريزي ٻولي: "Lightning Over the Tatras")
مڪانيت  سلوواڪيا  (تيز سائي رنگ وارو) – يورپ ۾  (سائي رنگ سان & تيز ڀورو) – in يورپي يونين  (سائي رنگ سان)  –  [Legend]
مڪانيت  سلوواڪيا  (تيز سائي رنگ وارو)

– يورپ ۾  (سائي رنگ سان & تيز ڀورو)
– in يورپي يونين  (سائي رنگ سان)  –  [Legend]

دنيا م سلوواڪيه جو مقام
دنيا م سلوواڪيه جو مقام
گادي جو هنڌ براتسلاوا
48°09′N 17°07′E / 48.150°N 17.117°E / 48.150; 17.117
سڀ کان وڏو شهر گادي وارو هنڌ
دفتري ٻوليون سلوواڪ
نسلي گروھ (2011[1])
مقامي آبادي سلوواڪ
حڪومت وحداني پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
زوزانا ڪئپوٽووا
انگور مئٽووچ [2]
بورس ڪولار
مقننه نيشنل ڪائونسل
آزادي
28 آڪٽوبر 1918
23 نومبر 1938
• پھرين سلوواڪ ريپبلڪ نازي جرمني جي حامي رياست
14 مارچ 1939
1 جنوري 1969
•  سلوواڪ ريپبلڪ چيڪوسلاواڪيہ جي وفاق ۾ نالي جي تبديلي
1 مارچ 1990
• چيڪوسلاواڪيہ جي تحليل
1 جنوري 1993a
• يورپي يونين ۾ شموليت
1 مئي 2004
پکيڙ
• جملي
49٬035 km2 (18٬933 sq mi) (127th)
• پاڻي (%)
0.0789
آبادي
• 2018 اندازو
5,450,421[3] (116th)
• 2011 مردم شماري
5,397,036
•  گھاٽائي
111 /km2 (287.5 /sq mi) (88th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$209.186 ارب ڊالر (68th)
• في سيڪڙو
$38,321 (37th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$111.874 ارب ڊالر (60th)

سلوواڪيا(انگريزي: Slovakia ) جو سرڪاري نالو سلوواڪ ريپبلڪ آھي جيڪو وچ يورپ جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي[6][7]. ان جون سرحدون اتر ۾ پولينڊ سان، اوڀر ۾ يوڪرين سان، ڏکڻ ۾ ھنگري سان، ڏکڻ-اولھ ۾ آسٽريا سان، اتر-اولھ ۾ چيڪ ريپبلڪ سان ملن ٿيون. ملڪ جي پکيڙ 49035 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اڪثر جابلو علائقي تي مشتمل آهي. آبادي جي اڪثريت سلوواڪ نسل جي آھي. ملڪ جو گادي جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھر براتسلاوا آهي.ملڪ جو ٻيون نمبر وڏو شهر ڪوشيتسا آھي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي سلوواڪ آهي.

تاريخ[سنواريو]

ھن ملڪ واري علائقي ۾ سلاوس پنجين ہا ڇھين صدي عيسويءَ ۾ آيا ۽ ستين صدي عيسويءَ م انھن سامو واري ايمپائر جي قيام ۽ پوء نائين صدي عيسويءَ م نترا واري پرنسپلٽي جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جنھن تي پوء موراويا جي پرنسپلٽي قبضو ڪيو. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ موراويا جي ٽٽڻ بعد ھي علائقو ھنگري جي پرنسپلٽي جو حصو ٿي ويو جنھن بعد 1000ع ۾ ھنگري جي بادشاھت جو قيام عمل ۾ آيو[8] 1241ع ۽ 1242ع ۾ منگولن ھن علائقي کي تباھ ڪري ڇڏيو جنھن بعد ھنگري جي بادشاھ بئلا ڇھين جرمن زپسر نسل وارن ماڻھن کي آباد ڪرايو جيڪي اڃان تائين ھن ملڪ جي اوڀر واري پاسي رھندڙ آھن[9]. پھرين جنگ عظيم کان پوء آسٽرو ھنگري ايمپائر جي خاتمي سان چيڪوسلاوڪ نيشنل ڪائونسل چيڪوسلاواڪيہ (1918–1939) قائم ڪيو. ٻين جنگ عظيم جي شروعات ۾ الڳ سلوواڪ ريپبلڪ (1939–1945) قائم ٿي جنھن ۾ جرمني جي حمايت يافتہ فاشسٽ حڪومت قائم رھي. ٻين جنگ عظيم جي خاتمي سان وري چيڪوسلاواڪيہ ريپلڪ قائم ٿي. 1948ع ۾ فوجي انقلاب ذريعي اتي سوشلسٽ حڪومت قائم ٿي ۽ ملڪ سوويت بلاڪ جو حصو ٿي ويو ۽ 1989ع تائين ان بلاڪ ۾ رھيو. 1989 ۾ پرامن مخملي انقلاب ذريعي ھتي اشتراڪيت جي نظام جو خاتمو ٿيو. پھرين جنوري 1993 م چيڪوسلاواڪيہ جي پرامن تحليل سان سلوواڪيا جي موجوده آزاد ريپلڪ قائم ٿي. ورلڊ بئنڪ جي ريٽنگ مطابق سلوواڪيا ھڪ وڏي آمدني وارو ترقي يافتہ ملڪ آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Tab. 10 Obyvateľstvo SR podľa národnosti – sčítanie 2011, 2001, 1991" (PDF). Portal.statistics.sk. حاصل ڪيل 21 February 2016. 
  2. Mrva, Tomas. "'Let's go to battle': New Slovak government takes office amid coronavirus fight". حاصل ڪيل 22 March 2020. 
  3. "Stav obyvateľstva v SR k 31. decembru 2018". slovak.statistics.sk. 
  4. "Gini coefficient of equivalised disposable income - EU-SILC survey". ec.europa.eu. Eurostat. حاصل ڪيل 8 January 2020. 
  5. "2017 Human Development Report". حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  6. "Austrian Foreign Ministry". وقت 16 June 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "UNHCR regional classification". UNHCR. وقت 26 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Dixon-Kennedy, Mike (1998). Encyclopedia of Russian & Slavic myth and legend. ABC-CLIO. p. 375. ISBN 978-1-57607-130-4. https://books.google.com/?id=eD5AkdM83iIC&pg=PA57. Retrieved 23 April 2009. 
  9. Karl Julius Schröer, Die deutschen Mundarten des ungrischen Berglandes (1864)