اظهار جي آزادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راءِ جي آزادي __(Freedom of opinion):

راءِ جي آزاديءَ جا ڪيترائي ذريعا آهن. جيئن تقرير، ووٽ ڏيڻ، صحافت، انٽرويو، گڏيل يا اڪيلو احتجاج ۽ ادب وغيره. انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو اظهار ادب ۾آهي. ڇو جو ادب همعصر حالتن جو امين هوندو آهي. هر ملڪ جو قانون ، پنهنجي رهواسين کي آزاديءَ جي اظهار راءِ جي اجازت ڏئي ٿو. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اڪثر شخصي حڪومتن ۾ان قانون تي عمل نه ٿيندو آهي.[1]

تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته ڄاڻ ملي ٿي ته ڪهري حڪمران قوتن ڪيترائي ڀيرا وقت جي بادشاهن سچ لکڻ وارن جا هٿ ڪپرائي ڇڏيا، انهن کي مارايو ويو، بندشون وڌيون ويون ۽ جلاوطن ڪيو ويو. انساني تاريخ اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جي رت سان رڱيل آهي جن جو ڏوهه رڳو اهو هيو ته هنن سچ ۽ سچائي کي عوام اڳيان آڻڻ پئي گهريو. نه رڳو لکندڙن سان عقوبتون ٿيون، بلڪ لکتون پڻ تباهه ڪيون ويون. انساني تاريخ ۾ وڏي پيماني تي لکتن کي تباهه ڪرڻ جي ڄاڻ تاريخ مان ملي ٿي. جڏهن 206 ق. م ۾ ”چن“ خاندان جي شهنشاهه“ شي هوانگ ٽي“ حڪم ڏنو ته ”چن خاندان“ جي دستاويزن ۽ لکيتن کان سواءِ ٻيون سڀ لکيتون ساڙيون وڃن ته جيئن تاريخ جي شروعات رڳو ”چن“ خاندان سان ٿئي. ان کان سواءِ ”جوليس سيزر“ جڏهن 47 قبل مسيح ۾ مصر تي حملو ڪري ”اسڪندريه“ تي قبصو ڪيو ته اتان جي مشهور ڪتبخاني کي ساڙائي ڇڏيو. ”هالي ووڊ“ جي مشهور فلم ”ڪلوپيٽرا“ ۾ پڻ ”جوليس سيزر“ جي حڪم تي انهيءَ ڪتب خاني کي سڙندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کان سواءِ بغداد تي حملي ۾ ”هلاڪو خان“ طرفان لکين ڪتاب، دجله درياهه ۾ اڇلايا ويا، جن جي مس سبب درياهه جي پاڻي جو رنگ ڪارو ٿي ويو ۽ ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن.

ڪتابن، اخبارن، ٻين لکيتن تي بندشون وجهڻ، ليکڪن دانشورن ۽ صحافين خلاف ڏاڍ ڪرڻ ۽ جيلن ۾ وجهڻ ۽ انهن جي زبان بندي ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ ڪڏهن مذهب، ڪڏهن اخلاق ۽ ڪڏهن سياست کي بنياد بنايو ويو آهي ۽ انهن مٿان فحاشي، ڪفر، سازش، ملڪ دشمني ۽ قوم دشمني يا غداري وغيره جھڙا الزام پئي لڳايا ويا آهن پر اها هڪ حقيقت آهي ته جن به انسانن کي سندن لکڻين سبب صليبن تي چاڙهيو ويو، جيئرو ساڙيو ويو، ڦاهين تي لڙڪايو ويو، جلا وطن ڪيو ويو ۽ قيد ڪري ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو. پنهنجي موت کان پوءِ اهي انسان دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ اهي ڪتاب ۽ لکتون جيڪي بندشن ۽ پابندين جو شڪار ٿيون، اڄ جي دور ۾ اهي ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون.

سنڌ ۾ زوال پذير جاگيرداري جيڪا پنهنجي جوهر ۾ رجعت پرست، فاشسٽ ۽ مدي خارج آهي. سنڌ جي آواز، سنڌي پرنٽ ميڊيا کي ڌمڪي، ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي ماٺ ڪرائڻ گهري ٿي. سنڌي صحافين خلاف تشدد ڪيو وڃي ٿو، اخبارن کي ساڙيو وڃي ٿو، بندوق جي نالي تي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته فلاڻي خبر هلڻ گهرجي، فلاڻي خبر نه هلڻ گهرجي.

تشدد جي ان رجحان سان صحافت جي آزادي جيڪا اصل ۾ راءِ جي اظھار جي آزادي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي هر دؤر ۾ اهڙيون قوتون ۽ ٽولا موجود رهيا آهن جن راءِ جي اظھار ۽ ابلاغ جي سمورن وسيلن ۽ ذريعن کي پنهنجي ڪنٽرول ۽ هٿ ۾ رکڻ پئي گهريو ته جيئن پنهنجي حڪمراني ۽ ڦرلٽ کي قائم رکڻ ۽ غلط ڳالهين کي درست ڪري پيش ڪرڻ ۽ ناجائز عملن کي جائز ڪري پيش ڪرڻ لاءِ محڪوم ۽ مظلوم جنتا کي غلط ۽ اڌوري ڄاڻ ۽ معلومات ڏني وڃي. پر انهن کان اها ڳالهه شايد وسري وئي آهي ته ”توهان پنهنجي تلوار سان دانشورن، ليکڪن، مصنفن ۽ صحافين کي قتل ته ڪري سگهو ٿا، پر انهن جي فڪر ۽ تحرير جي قوت جو رستو نٿا روکي سگهو.“ [2] [3] [4]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-28 
  3. روزاني عوامي آواز 22 آڪٽوبر 1997ع
  4. ڪتاب: سياست، سماج ۽ آزادي