برازيل

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

مڪانيت: 10°S 52°W / 10°S 52°W / -10; -52

وفاقي جمھوريہ برازيل
República Federativa do Brasil
Flag سرڪاري مھر
Motto: 
Anthem: 

National seal
Capital ''برازيليا''
15°47′S 47°52′W / 15.783°S 47.867°W / -15.783; -47.867
Largest city São Paulo
23°33′S 46°38′W / 23.550°S 46.633°W / -23.550; -46.633
Official languages پرتگالي[2][3]
Ethnic groups (2010[4])
Demonym برازيليائي
Government وفاقي صدري آئيني جمھوريت
 •  صدر Michel Temer
 •  نائب صدر Vacant[5]
 •  President of the
Chamber of Deputies
Rodrigo Maia
 •  President of the Federal Senate Renan Calheiros
 •  President of the Supreme Federal Court Cármen Lúcia
Legislature National Congress
 •  Upper house وفاقي سينيٽ
 •  Lower house Chamber of Deputies
آزادي from the United Kingdom of Portugal, Brazil and the Algarves
 •  Declared 7 September 1822 
 •  Recognized 29 August 1825 
 •  Republic 15 November 1889 
 •  ھاڻوڪو آئين 5 آڪٽوبر 1988ع 
Area
 •  Total 8,515,767 km2 (ستون)
3,287,597 sq mi
 •  Water (%) 0.65
Population
 •  2016 estimate 206,440,850[6] (پنجون)
 •  Density 23.8/km2 (190 ھون)
62/sq mi
GDP (PPP) 2016 estimate
 •  Total $3.101 trillion (ستون)
 •  Per capita $15,048[7] (77 ھون)
GDP (nominal) 2016 estimate
 •  Total $1.534 trillion (9 نائون)
 •  Per capita $7,447[7] (69 ھون)
Gini (2014) positive decrease 51.5[8]
high
HDI (2014) Increase2.svg 0.755[9]
high · 75 ھون
Currency Real (R$) (BRL)
Time zone BRT (UTC−2 to −5)
 •  Summer (DST) BRST (UTC−2 to −5)
Date format dd/mm/yyyy (CE)
Drives on the right
Calling code +55
Internet TLD .br

برازيل (انگريزي ٻولي: Brazil) ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ ھڪ ملڪ آھي جنھن جو سرڪاري نالو وفاقي جمهوريه برازيل (Republica Federative Dobrasil) آهي، برازيل ڏکڻ آمريڪا جو اهم ملڪ آهي ۽ آباديءَ ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جي پنجن وڏن ملڪن مان هڪ آهي ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڪل پکيڙ جو اڌ حصو هن ملڪ ۾ شامل آهي. هن جي اتر ۾ وينزويلا، گويانا، سورنيام، فرني گيانا ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ يوراگوئي، اولهه ۾ ارجنٽينا، پيراگوئي، بوليويا ۽ پيرو، اتر اولهه ۾ ڪولمبيا آهن.[10]

تاريخ[سنواريو]

برازيل ۾ ڪيترائي هزار سال اڳ قديم انڊين قبيلا گوراني ۽ ٽوپي نامبا آباد هئا، اسپيني جهازران وسنٽ يانيزپنيزون پهريون يورپي هو، جيڪو 26 جنوري 1500ع تي برازيل جي ڪناري تي لٿو، پر برازيل کي ڳولڻ جو ڪريڊٽ پرتگالي سامونڊي ڪمانڊر پيڊرو الوانس (Pedro Allvanes Caberel) ڪيبرل ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو 22 اپريل 1500 ع تي اوڀرين برازيل جي ڪناري تي لنگر انداز ٿيو ۽ پرتگال جي ملڪيت تي دعويٰ ڪيائين، 1530ع ۾ شاهه پرتگال جان III هتي آبادگاريءَ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن هيٺ شاهه، برازيل کي 15 ضلعن ۾ ورهايو. هتي آفريقي شيدين جي 16 صدي عيسويءَ ۾ آبادڪاري ٿي. 1699ع ۾ هتي سون ۽ 1721ع ۾ هيرا لڌا، جنهن کان پوءِ يورپي نون آبادگارن جي هڪ وڏي کيپ هتي پهتي.1727ع ۾ هتي پهريون ڀيرو ڪافيءَ جي پيداوار ٿي.[10]

1750ع ۾ پرتگال ۽ اسپين ميڊرڊ ٺاهه هيٺ ڏکڻ آمريڪا کنڊ کي هڪ ٻئي ۾ ورهائي ڇڏيو، 1807ع ۾ فرانس جي شهشاهه نيپولين بوناپارٽ پرتگال تي قبضو ڪيو ته 7 مارچ 1808ع تي شاهي خاندان برازيل ۾ پناهه ورتي. 1815ع ۾ پورچو گالي بيٺڪن کي ”پورچو گال جي گڏيل بادشاهت“ جو نالو ڏنو ويو. 1821ع ۾ بادشاهه جان ڇهين پنهنجي پٽ جان پيڊرو کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. 3 جون 1822ع تي پيڊرو اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪيو، تنهنڪري 7 سيپٽمبر 1822ع تي پيڊرو، برازيل جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين ڊسمبر 1822ع تي ڊام پيڊرو برازيل جو شهنشاهه ٿيو، انهيءَ نئين مملڪت کي سڀ کان اڳ آمريڪا 1824ع ۾ قبول ڪيو، 24 سيپٽمبر 1834ع تي پيڊرو پهرئين جي انتقال کان پوءِ 23 جولاءِ 1840ع تي آئين ساز اسيمبليءَ پيڊرو ٻئي کي بادشاهه مقرر ڪيو، جنهن 14 جولاءِ 1841ع تي برازيل جو تاج سنڀاليو. مئي 1888ع ۾ شاهه پيڊرو ٻئي غلاميءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو.[10]

15 نومبر 1889ع تي خوني انقلاب کان پوءِ شاهه پيڊرو ٻئي کي تخت تان لاٿو ويو، انقلاب جو ليڊر ڊيوڊوروڊ افونسڪا هيو، ملڪ کي جمهوريه بنائي، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف برازيل جو نالو ڏنو ويو، 24 فيبروري 1891ع تي هتي آمريڪي طرز جو آئين نافذ ٿيو، فونسڪا جي حڪومت صرف 20 ڏينهن رهي، پهرين عالمي جنگ دوران جرمنيءَ برازيل جي سامونڊي ٻيڙين تي حملو ڪيو ته هن آگسٽ 1917ع ۾ جرمنيءَ سان سڀ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ۽ 26 آڪٽوبر 1917ع تي جرمنيءَ خلاف جنگ جوٽي ڇڏي، ٻي عالمي جنگ دوران 22 آگسٽ 1942ع تي جنرل فيٽوليو ورگس (Fetuleo Vergas) جرمنيءَ ۽ اٽليءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ورگس 3 آڪٽوبر 1950ع جي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر صدر ٿي آيو، پر آگسٽ 1954ع ۾ ورگس مخالف اخبار جي ايڊيٽر جي قتل کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون، فوج صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، تنهن ڪري 24 آگسٽ 1954ع تي ورگس استعيفيٰ ڏني ۽ ترت ئي خودڪشي ڪري ڇڏي. 21 اپريل 1960ع تي ريوڊي جنيرو جي جاءِ تي برازيليا کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو، 1983ع ۾ برازيل دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قرضي ملڪ ٿي ويو، جنهن تي 100 بلين ڊالرن جو قرض واجب الادا هو، آگسٽ 2000ع ۾ شديد بارش ۾ سوين ماڻهو مري ويا ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا.[10]

جاگرافي[سنواريو]

هن ملڪ جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهه 4350 ڪلوميٽر (2700 ميل) آهي، هن جي اتر ۾ ايميزون نالي وڻن جا گهاٽا ٻيلا آهن، جن ملڪ جي اڌ ايراضيءَ کي گهيري ورتو آهي. برازيل جي ڪل پکيڙ 8511965 چورس ڪلوميٽر (3285618 چورس ميل) ۽ آبادي 17 ڪروڙ 50 لک آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ برازيليا (Brasilia) آهي، جيڪو انتهائي جديد طرز تي آباد شهر آهي، جنهن کي 1956ع کان تعمير ڪيو هو ۽ 1968ع ۾ هن شهر جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو هو، اسلام آباد ۽ برازيليا جي تعمير جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. هن جو سڀ کان مٿانهون هنڌ نبلينا (Niblina) آهي، جيڪو سمنڊ کان 3014 ميٽر بلند آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي پرتگالي آهي، جڏهن ته هتي انگريزي، اطالوي ۽ اسپيني پڻ ڳالهائجن ٿيون، هن ملڪ جي موسم ايميزون وارن حصن ۾ سدائين گرم ۽ گهميل هوندي آهي، باقي جابلو علائقن جي موسم خوشگوار هوندي آهي.[10]

معيشت[سنواريو]

برازيل جي مکيه زرعي پيداوار ۾ ڪافي، ڪپهه، تماڪ، سويابين، ڪوڪو، چانور، مڪئي، ميوا، رٻڙ ۽ ڪيلو آهي، هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، موٽرگاڏيون، سامونڊي جهاز، مشينري، پيٽرول ڪيميڪل، ڪاغذ، پلاسٽڪ، پروڊڪٽس شراب، سيمينٽ، ڪپڙو، دوائون ۽ سياحت شامل آهي ۽ مکيه معدنيات ۾ لوهه، هيرا، سون، ٽين، باڪسائيٽ، تيل، يورينيم، ڪوئلو اچي وڃي ٿو. برازيل جو سڪو ڪروزيرو (Cruzeiro) آهي.[10]

سياسي نظام[سنواريو]

برازيل وفاقي جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي، صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. صدر ۽ نائب صدر سڌو سنئون عوام جي ووٽن سان 4 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. برازيل جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 07 سيپٽمبر 1822ع آهي، جڏهن ته ان کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.[10]

حوالا[سنواريو]

  1. Exército Brasileiro. "Hino à Bandeira Nacional" (Portuguese میں). http://www.eb.mil.br/web/midia-eletronica/hino-a-bandeira-nacional. Retrieved January 29, 2014. 
  2. "Demographics". Brazilian Government. Archived on 17 November 2011. خطا error: حوالا ساچن جي استعمال دوران If you specify |archivedate=, you must also specify |archiveurl= . https://web.archive.org/web/20111117051415/http://www.brasil.gov.br/sobre/brazil/brazil-in-numbers/demographics. Retrieved 8 October 2011. 
  3. Libras, Brazilian Portuguese sign language, is officially recognized as a legal means of communication in "Lei 10.436". Brazilian Government. Archived on 10 September 2010. خطا error: حوالا ساچن جي استعمال دوران If you specify |archivedate=, you must also specify |archiveurl= . https://web.archive.org/web/20100910070529/http://www.planalto.gov.br/ccivil_03/LEIS/2002/L10436.htm. Retrieved 23 July 2015. 
  4. "Caracteristicas da População e dos Domicílios do Censo Demográfico 2010 – Cor ou raça" (PDF). http://www.ibge.gov.br/home/estatistica/populacao/censo2010/caracteristicas_da_populacao/tabelas_pdf/tab3.pdf. Retrieved 7 April 2012. 
  5. Jonathan Watts & Donna Bowater. "Dilma Rousseff impeached by Brazilian senate". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/2016/aug/31/dilma-rousseff-impeached-president-brazilian-senate-michel-temer. Retrieved 31 August 2016. 
  6. "Brazil". IBGE population estimates.
  7. 7.0 7.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named imf
  8. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. http://data.worldbank.org/indicator/SI.POV.GINI?locations=BR. Retrieved 9 November 2016. 
  9. "2015 Human Development Report Summary". United Nations Development Programme. 2015. http://hdr.undp.org/sites/default/files/hdr_2015_statistical_annex.pdf. Retrieved 14 December 2015. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 10.6 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.