اسرائيل جي رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ریاست اسرائیل
  • מְדִינַת יִשְׂרָאֵל (ٻولي؟)
  • دَوْلَة إِسْرَائِيل (ٻولي؟)
Centered blue star within a horizontal triband
Centered menorah surrounded by two olive branches
جهنڊو ایمبلم
Location of Israel (in green)
Location of Israel
گادي جو هنڌ یروشلم بین الاقوامي سطح تي تڪراري
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتری ٻوليون عبراني
نسلی گروهه
نام آبادی اسرائیلي
حکومت وحداني پارلیماني جمھوریہ
• صدر
رووین رولین
بنیامین نیتنیاھو
مقننہ اسرائیلي پارلیامنٽ
آزاد
14 مئي 1948
11 مئي 1949
رقبو
• کل
20٬770–22٬072 km2 (8٬019–8٬522 sq mi)[a] (149ھون)
• آبی
440 km2 (170 sq mi)
• آبی (%)
2.12%
آبادی
• 2016 تخمینہ
8,541,000[1] (98واں)
• 2008 مردم شماری
7,412,200[2] (99واں)
• کثافت
387.63 /km2 (1٬004.0 /sq mi) (34واں)
خام ملکی پیداوار (مساوی قوت خرید) 2016[3] تخمینہ
• کل
$297.046 بلین (55واں)
• فی کس
$34,833 (33rd)
خام ملکی پیداوار (برائے نام) 2016[3] تخمینہ
• کل
$311.739 بلین (35th)
• فی کس
$36,556 (23واں)
جینی (2012) 42.8=[4]
متوسط · 1ھون
انسانی ترقیاتی اشاریہ (2014) Increase2.svg 0.894[5]
انتہائی اعلی · 18واں
کرنسی New shekel (‎) (ILS)
منطقۂ وقت IST (متناسق عالمی وقت+2)
IDT (متناسق عالمی وقت+3)
تاریخ ہیئت
  • אא-בב-גגגג (AM)
  • dd-mm-yyyy (CE)
ڈرائیونگ سمت right
کالنگ کوڈ +972
انٹرنیٹ ڈومین ۔il
۔ישראל
  1. ^  20,770 is Israel within the Green Line۔ 22,072 includes the annexed سطح مرتفع گولان اور مشرقی یروشلم۔


اسرائيل  (/ˈɪzreɪəl/ or /ˈɪzriːəl/; Hebrew: יִשְׂרָאֵל‎ Yisrā'el; Arabic: إِسْرَائِيل‎ Isrāʼīl), سرڪاري طور تي اسرائيل جي رياست (Hebrew: מְדִינַת יִשְׂרָאֵל‎ Medīnat Yisrā'el [mediˈnat jisʁaˈʔel] ( listen); Arabic: دولة إِسْرَائِيل‎ Dawlat Isrāʼīl [dawlat ʔisraːˈʔiːl]) بحره روم (ميڊيٽيرين سمنڊ) جي ڏکڻ اوڀر جي ڪناري ۽ بحره احمر (ريڊ سي) جي اتر جي ڪناري تي وچ اوڀر جو هڪ ملڪ آهي. اسرائيل جيِ زميني سرحد ترتيبوار اُتر ۾ لبنان سان، اُتر اوڀر ۾ شام سان، اوڀر ۾ اُردن سان، اولهه جي ڪناري فلسطيني علائقن ۽ عزه جي پَٽيءَ سان ملي ٿي.

Merneptah Stele جي (13 صدي قبل مسيح) هيروغليفس سيٽ جي ريڪارڊ جو ترجمو بائيبل جي آثار قديمه جي اڪثريت اسرائيل ڪيو آهي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

نسبتن ننڍي ايراضي جي باوجود اهو جاگرافيائي طور تي اَنيڪ بناوٽ رکي ٿو. اسرائيل جو مالي ۽ ٽيڪنالوجي جو مرڪز تَل اَويوو آهي. توڻي جو ان جو اعلانيل گاديءَ جو هنڌ يوروشيلم آهي، پر ان تي، بين الاقومي طور تي اسرائيلي خودمختاري مڃيل نه آهي.

ڇا اسرائيل ھڪ مذھبي ملڪ آھي؟[سنواريو]

عالمي سامراجي طاقتن: يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ٻن سببن جي ڪري اسرائيل جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪيو: يھودي مذھب سان تعلق رکندڙ آبادي جيڪا دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل ھئي انھن کي وطن ڏيڻ؛ ۽ وچ اوڀر ۾ طاقت جو اھڙو مرڪز قائم ڪرڻ جنھن ذريعي خطي کي ڪنٽرول ڪري سگھجي. اسان ۾ ھڪ مغالطو عام آهي تہ اسرائيل ھڪ يھودي رياست آھي. در اصل ايئن ناهي . اسرائيل ھڪ سيڪيولر رياست آھي جنھن جو ڪو مذهب ڪونہ ھوندو آھي ۽ ان جو تعليمي نظام مذھبي اثر کان آزاد ھوندو آھي. اسرائيل پاڪستان، سعودي عرب ۽ ايران وانگر مذھبي رياست ناھي پر اھا دنيا اندر يھودي مذھب سان تعلق رکندڙن جي دنيا ۾ واحد رياست آھي. جڏهن اسان يورپ جي رياستن ڊين مارڪ، سوئٽزرلينڊ، اٽلي، جرمني وغيره جو ذڪر ڪنداسين تہ اھي اسان لاءِ عيسائين جا ملڪ آھن پر انھن جون رياستون سيڪيولر آھن . ملائيشيا، ترڪي ، البانيہ ۽ بوسينيا ھرزگوينيہ مسلمانن جا ملڪ آھن پر انھن جون رياستون سيڪيولر آھن. ساڳيو حال اسرائيل جو آھي جتي مسلمان پڻ رھن ٿا ۽ اتان جا رياستي ادارا ۽ تعليمي نظام مذھب جي تعصب کان آزاد آهن. اتان جي يھودين جو اڌ کان وڌيڪَ حصو بہ سيڪيولر خيالن جو اھي رڳو 13 سيڪڙو يھودي ڪٽر مذهبي خيال وارا آھن باقي لبرل آھن . عالمي طاقتن ھن ملڪ جي ھر طرح مالي مدد ۽ ٽيڪنالاجي جي فراهمي سان ھن ملڪ کي ھڪ ترقي يافتہ ملڪ بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسرائيل ھڪ ماڊرن رياست بڻجي وئي. اسلامي دنيا ۾ مذھبي دانشور ھن رياست کي مذھبي رياست متعارف ڪرائي يھوديت ۽ اسلام جي ٽڪراء جو تاثر پيدا ڪندا آهن جيڪو حقيقتن جي منافي آھي. يھودي مذھب ۾ آخرت جي جنت ۽ دوزخ جي دائمي زندگي جو تصور ناھي. توريت ۽ يھودين جي تلمود سميت ٻين صحيفن ۾ جنت جو تہ محدود ذڪر آھي جنھن ۾ آدم ۽ ايو Eve يا حوا کي جنت ۾ رھندي ۽ پوء کين سزا طور نيڪال ٿيندي ڏيکاريو ويو آھي پر انسان حساب ڪتاب کان پوء جنت ۽ دوزخ ۾ دائمي زندگي گذاريندا اھو خيال اسلام جو آھي . يھودي عقيدي مطابق مرڻ کان پوء يارھن مھينا روح جي صفائي ٿيندي آهي جنھن بعد ڀلو روح خدا ۾ ضم ٿي ويندو آهي ۽ بدي وارو ھميشہ لاءِ فنا ٿي ويندو آهي. يھودين جي زندگي سزا جزا جي خيال جي چرخي ۾ ناھي گذرندي پر اھي دنيا اندر زندگي کي جنت بڻائڻ واري خيال وارا آھن. صيھونيت جي تحريڪ بہ اھڙي سيڪيولر ملڪ لاء ھئي جيڪو جديد ۽ ترقي يافتہ سيڪيولر ملڪ جتي يھودي رھي ڪري پنھنجي جنت قائم ڪري ان جا حاڪم ٿين. انھن جو يھوديت جو خيال ھڪ قوم مثل آھي جيئن پاڪستان ٺھڻ ۾ مسلم قوم جو خيال ڏنل ھو تيئن صيھوني سياسي تحريڪ بہ يھودين کي ھڪ قوم تصور ڪندي سوين سال اڳ واري زمين تي آباد ٿي رياست جي قيام لاء جدوجھد جو خيال ڏنو.يھودي مذھب تبليغ جي خلاف آھي ۽ ان ۾ ڪنھن بہ مذھب يا غير يھودي جي داخلا جي ڪا گنجائش ناھي انھن جو مذھب انھن جي نسل تائين محدود آھي جيڪو انھن ۾ پيدا ٿيندو تہ اھو انھن جي مذھب ۾ اچي ويندو .

تاريخ[سنواريو]

سن 1901 ۾ ٿيوڊر ھرزل جيڪو صيھونيت جو باني ھيو

29 نومبر 1947ع تي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ، فلسطين جي لاءِ هڪ لازمي ورهاڱي جي منصوبي جي منظوري ڏني. جنهن ۾ نئين عرب ۽ يهودي رياستن جي مقرر ڪيل سرحدن ۽ يوروشيلم جو انتظام گڏيل قومن جي عالمي عملداري هيٺ ڏيڻ جو ذڪر ٿيل هو. 14 مئي 1948ع تي رات جو وچ ڌاري فلسطين تي برطانوي اختيار جي خاتمي لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان ڏينهن ڊيوڊ بين گوريان، صيهوني (يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪرڻ جو حامي) تنطيم ۽ فلسطين جي يهودي ايجنسي جي انتظامي سربراهه جي طور تي، برطانوي مينڊيٽ جي خاتمي کان پوءِ اسرائيل جي هڪ يهودي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو، جيڪا اسرائيل جي رياست جي نالي سان ڄاتي وڃي ٿي. نئين رياست جي حدن جي اعلان ۾ ڪا به وضاحت نه ڪئي وئي. پاڙيسري عرب لشڪرن ٻئي ڏينهن ختم ٿيل برطانوي مينڊيٽ تي حملو ڪيو ۽ اسرائيلي فوجن سان جنگ ڪئي. 1949 ۾ گڏيل قومن اسرائيل جي رياستي حيثيت کي تسليم ڪندي کيس ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڏني. جنھن بعد يورپ ۽ وچ اوڀر مان وڏي پيماني تي يھودين جي اسرائيل ۾ ھجرت ٿي ۽ اسرائيل جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو.[6]

اسرائيل 1949 ۾ قيام وقت

تڏهن کان پاڙيسري عرب رياستن سان جنگين جي سلسلي ۾ اولهه ڪناري (ويسٽ بينڪ)، سينائي اُپٻيٽ (1956–57، 1967–82) ۽ ڏکڻ لبنان جي ڪجهه حصي (1982–2000)، غزا جي پَٽي (1967–2005); تي قبضو ڪري ورتو، 2005ع کان پوءِ غزا جي پٽيءَ کي ڇڏڻ کان پوءِ به، غزا ۽ گولان جبلن تي ان جو قبضو تصور ڪيو وڃي ٿو. اسرائيل گولان جي جبلن ۽ اوڀر يوروشيلم تائين پنهنجي اختيارن کي وڌائي ڇڏيو آهي پر اولهه جي ڪناري (ويسٽ بينڪ) تي پنهنجي اختيارن کي عمل ۾ نه آندو آهي. اسرائيل فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو ڪڏهن به امن جي صورت ۾ نه نڪتو آهي. تنهن هوندي به اسرائيل ۽ مصر ۽ اردن، ٻنهي سان امن معاهدن تي ڪاميابيءَ سان صحيون ڪري چڪو آهي. غزه، اولهه جي ڪناري ۽ اوڀر يوروشيلم تي اسرائيلي فوجي قبضو، جديد دور جي دنيا جو ڊگهو ترين قبضو آهي.

ازحاڪ رابن، ياسر عرفات ، بل ڪلنٽن، اوسلو اڪارڊ واري تقريب ۾

جاگرافي[سنواريو]

اسرائيل جي دنيا جي نقشي م بيھڪ يا محل وقوع 31 30 N, 34 45 E مڊل ايسٽ ۾ آھي.ان جي پکيڙ 20,770 s ھم چورس ڪ.م.جنھن مان 20,330ھم چورس ڪ.م خشڪي ۽ 440 پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ 154 نمبر تي آهي. ان جي سرحدي ڊيگھ 1,068 km آھي جيڪا 6 ملڪن سان ملي ٿي. جنھن ۾ مصر سان 208 ڪ.م، غزا جي پٽي سان 59 ڪ.م، اردن 307 ڪ.م ، لبنان سان 81 ڪ.م، شام سان 83 ڪ.م، ويسٽ بينڪ سان 330 ڪ.م ۽ سامونڊي ساحل واري سرحد 273 ڪ.م آهي. ان جو سڀ کان ھيٺاھون ھنڌ بحريہ مردار Dead Sea آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 431 ميٽر ھيٺ آھي ۽ اوچو مقام ھار ميرون Har Meron آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 1208 ڪ.م مٿي آهي. اسرائيل جا معدني ذخيرا ڪچو ٽامو، قدرتي گيس، فاسفيٽ، ميگنيشيم برومائيڊ آھن. ھتان جي %23.8 سيڪڙو زمين تي زراعت ٿيندي آهي[7]

آبادي[سنواريو]

اسرائيل جي سينٽرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي اندازي موجب اسرائيل جي آبادي اپريل 2018 ۾ 884200 ھئي جنھن مان 6,589,000 (%74.5) يھودي ۽ 1,849,000 (%20.9) عرب ۽ %4.6 غير عرب عيسائي، بجائي ۽ ٻيا آھن. [8]( سن 2016ع ۾ ان جي آبادي 8،502،900 ھئيجن مان 6,363,700 يعني 74.9 سيڪڙو  يهودي 766,500 دروز ۽ اوڀر يوروشيلم جي عربن سميت عرب ھيا).ھي دنيا جي واحد رياست آهي جتي يھودي مذھب وارا گھڻائي ۾ آھن اسرائيلي عربن جي وڏي اڪثريت سني مسلمانن، نيگرو (Negro) بدوي (Bedouins) ، باقي عيسائي ۽ دَروز آهن. ٻين اقليتن ۾ آرامي، اَشوري، سميري، آرميني، سِرڪاسينس، ڊام آبادي ۽ ويٽنامي اقليت شامل آهي. اسرائيل، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪارن عبراني اسرائيلين سميت، سوڊان، اريٽريا ۽  نيم صحرائي آفريڪا جي غير قانوني مهاجرن، شهريت نه رکندڙ پرڏيهي ڪم ڪندڙن، آفريڪا ۽ ايشيا مان پناهه لاءِ آيلن جي چڱي ڀلي آباديءَ جي پڻ ميزباني ڪري ٿو.

سن 1946 ۾ آبادي جي ورھاست

سياسي انتظام[سنواريو]

انتظامي طور تي اسرائيل 6 ضلعن م ورھايل آهي:مھوزوت (mehozot) يا مھوز، سينٽرل، حائفہ، جيروسلم، نادرن، سدرن ۽ تل ابيب Tel) Aviv).[9] صدر جي چونڊ ستن سالن کان پوءِ ٿيندي آهي.پنهنجي بنيادي قانون ۾، اسرائيل پاڻ کي يهودي ۽ جمهوري رياست جي وصف طور بيان ڪري ٿو. اسرائيل، متناسب نمائندگي ۽ ووٽ جي ذريعي راءِ ڏيڻ تحت نمائينده پارلياماني جمهوريت آهي. وزير اعظم حڪومت جي سربراهه ۽ ڪنيسٽ (Knesset) قانون ساز مجلس جي طور ڪم ڪري ٿي جنھن جا 120 ميمبر آھن ۽ عام چونڊن ذريعي ٿيندا آهن.[10] اسرائيل جي گاديءَ جو ھنڌ تل ابيب آھي پر اسرائيل بعد ۾ گاديءَ جو هنڌ بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنھن جي عالمي برادريءَ مذمت ڪندي رھي آھي.ڊسمبر 2017 ۾ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جي گذريل ستر سالن جي پاليسي تبديل ڪندي بيت المقدس کي اسرائيل جو گاديءَ جو هنڌ تسليم ڪندي پنھنجي انتظاميه کي ھدايت ڪئي تہ آمريڪا جو سفارت خانو تل ابيب مان بيت المقدس منتقل ڪن. آمريڪا جي ان اعلان جي عالمي برادريءَ سخت مذمت ڪئي.[11]چيڪ ريپبلڪ[12] ۽ گوئيٽيمالا[13] وينو آٽو.[14] پيراگوئي، ھونڊوراس ۽ رومانيہ[15] بہ آمريڪا جي پيروي ڪئي.ان جي قانوني نظام ۾ انگلش ڪامن لا سسٽم، برٽش مينڊيٽ، يھودين، عيسائين ۽ اسلام جا شرعي قانون شامل آهن.ووٽ جو حق بلدياتي چونڊن ۾ 17 سالن جي عمر کان ۽ عام چونڊن م 18 سالن جي عمر کان اٿن.[16]. ھتان جي وڏي۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن ۾ چيف جسٽس ۽ 14 جج اچي وڃن ٿا. ٻيون ڪورٽون ماتحت ضلعي عدالتون ۽ ماجسٽريٽ جون آھن .[17]

معيشت[سنواريو]

اسرائيل، 2015ع جي مجموعي قومي پيداوار تحت دنيا جي 35 وڏي معشيت سان OECD جي جو ميمبر ۽ ترقي ڪيل ملڪ آهي. اسرائيل وڏي هنرمند افرادي قوت مان فائدا ماڻيندڙ ۽ تمام گهڻي تعيلم پرايل ملڪن ۾ سڀني کان اوچي تناسب جي حساب سان تعليم جي ڊگريون رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي.ھي ٽيڪنالاجي وارو ايڊوانسڊ فري ايڪانامي وارو ملڪ آهي.

بين الاقوامي تعلقات[سنواريو]

|

اسرائيل جا دنيا سان سفارتي ناطا
     سفارتي تعلقات وارا ملڪ     جن سان سفارتي لاڳاپا ناھن      جن سان سفارتي لاڳاپا ختم ٿي ويا

|}

اسرائيلي پاسپورٽ
  1. "Population, by Population Group" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. 2016. Retrieved 14 آگسٽ 2016.  Check date values in: |access-date= (help)
  2. "The 2008 Israel Integrated Census of Population and Housing" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. 28 ڊسمبر 2008. Retrieved 17فيبروري 2012.  Check date values in: |access-date=, |date= (help)
  3. 3.0 3.1 "Report for Selected Countries and Subjects". International Monetary Fund. اکتوبر 2016. Retrieved 21 اکتوبر 2016.  Check date values in: |access-date=, |date= (help)
  4. "Distribution of family income – Gini index". The World Factbook. Central Intelligence Agency. Retrieved 18 فروری 2016.  Check date values in: |access-date= (help)
  5. "2015 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. 2015. Retrieved 14 دسمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (help)
  6. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}
  7. {cite web|url= https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}
  8. {cite web|url=http://www.jewishvirtuallibrary.org/israel-at-64- statistical-glimpse}
  9. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}
  10. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}
  11. {cite web|url=https://mobile.nytimes.com/2017/12/06/world/middleeast/trump-jerusalem-israel-capital.html}
  12. {cite web|url=https://m.jpost.com/Breaking-News/Czech-Republic-announces-it-recognizes-West-Jerusalem-as-Israels-capital-517241}
  13. {cite web|url=https://www.infobae.com/america/mundo/2017/12/24/guatemala-se-suma-a-eeuu-y-tambien-trasladara-su-embajada-en-israel-a-jerusalen/}
  14. {cite web|url=http://www.israelhayom.com/2017/07/10/island-nation-vanuatu-recognizes-jerusalem-as-israels-capital/}
  15. {cite web|url=https://www.timesofisrael.com/paraguay-becomes-third-country-to-open-embassy-in-jerusalem/}
  16. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}
  17. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}