مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

جاپان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رياست جپان

日本国
Nippon-koku نپن-ڪوڪو
Centered deep red circle on a white rectangle[1]
Golden circle subdivided by golden wedges with rounded outer edges and thin black outlines
جھنڊو شاھي مھر
ترانو: 

"His Imperial Majesty's Reign"[2][3]
جاپاني سرڪاري مھر
  • Seal of the Office of the Prime Minister and the Government of Japan
  • Go-Shichi no Kiri (五七桐)
Projection of Asia with Japan's Area coloured green
گادي جو هنڌ ٽوڪيو[4]
35°41′N 139°46′E / 35.683°N 139.767°E / 35.683; 139.767
دفتري ٻوليون ڪا بہ نہ [5]
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
قومي زبان جاپاني زبان [5]
نسلي گروھ (2011[7])
مذهب
مقامي آبادي جيپنيز
حڪومت يونيٽري پارلياماني سسٽم ۽ آئيني بادشاهت
Naruhito
شينزو ابئي
تارو آسو
مقننه نيشنل ڊائٽ
ھائوس آف ڪائونسلرز
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
چاپاني تاريخ
February 11, 660 BCE[9]
November 29, 1890
May 3, 1947
April 28, 1952
پکيڙ
• جملي
377٬972 km2 (145٬936 sq mi)[10] (61st)
• پاڻي (%)
0.8
آبادي
• 2017 مردم شماري
126,672,000[11] (10th)
•  گھاٽائي
336 /km2 (870.2 /sq mi) (36th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$5.420 trillion[12] (4th)
• في سيڪڙو
$44,246[12] (27th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.841 trillion[12] (3rd)
Japan
لغوي معنیٰ State of Japan
جاپانی نام
کانجی 日本国
Hiragana にっぽんこく
にほんこく
Kyūjitai 日本國

جاپان (انگریزي: Japan؛ (جاپاني:日本)، اڀرندڙ سج جي زمين جي نالي سان مشهور، اهو ايشيا جي بلڪل اوڀر ۾ هڪ ڊگهي لڪير، جيڪا اتر کان ويندي ڏکڻ ۾ ختم ٿي تي، وانگر واقع، هڪ ٻيٽ ملڪ آهي. اھو اتر اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ اولهه ۾ جاپان جي سمنڊ سان لڳل آهي، اتر ۾ اوخوٽسڪ سمنڊ کان فلپائن سمنڊ، اوڀر چين سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ تائيوان تائين پکڙيل آهي. جاپان رنگ آف فائر Ring of Fire جو هڪ حصو آهي ۽ 14,125 ٻيٽن تي مشتمل هڪ آرڪيپيلاگو تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ پنج مکيه جزائر هوڪيدو، هونشو، شيڪوڪو، ڪيوشو ۽ اوڪيناوا آهن. ٽوڪيو ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي، جنهن کانپوءِ يوڪوهاما، اوساڪا، ناگويا، ساپورو، فوڪوڪا، ڪوبي ۽ ڪيوٽو آهن.

جاپان جي آبادي ساڍا 12 ڪروڙ (125 ملین) آهي ۽ دنيا جو 11هون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي. اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گنجان آبادي واري ملڪ مان هڪ آهي. ملڪ جي ايراضيءَ جو اٽڪل ٽي چوٿون حصو جبلن تي مشتمل آهي، جنهن جي تمام گهڻي شهري آبادي تنگ ساحلي ميدانن تي آهي. جاپان 47 انتظامي صوبن ۽ اٺ روايتي علائقن ۾ ورهايل آهي. گريٽر ٽوڪيو ايريا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ميٽروپوليٽن علائقو آهي. جاپان ۾ دنيا جي بلند ترين زندگي جي اميد آهي. جيتوڻيڪ، ان جي تمام گهٽ ڄمڻ جي شرح جي ڪري آبادي جي گهٽتائي جو تجربو آهي.

جاپان اپر پيلو ليٿڪ (Paleolithic) دور (30,000 ق.م) کان وٺي آباد آهي. چوٿين ۽ نائين صدي عيسوي جي وچ ۾، جاپان جون سلطنتون هڪ شهنشاهه جي ماتحت ٿي ويون ۽ هيان۔ڪيو ۾ شاهي دربار قائم ڪیو. 12هين صديءَ جي شروعات ۾، سياسي اقتدار فوجي آمرن (شوگن) ۽ جاگيردارن (ڊيميو) جي هڪ سلسلي جي قبضي ۾ هو ۽ جنگي سردارن (ساموري) جي هڪ طبقي طرفان نافذ ڪيو ويو. هڪ صديءَ جي گهرو ويڙهه کان پوءِ، ملڪ کي سال 1603ع ۾ ٽوڪوگاوا شوگنيٽ تحت ٻيهر متحد ڪيو ويو، جنهن هڪ ڌار ڌار پرڏيهي پاليسي جوڙي. سال 1854ع ۾ آمريڪا جو هڪ بحري بيڙو اچي جاپان کي اولهه (یورپ، آمريڪا) ڏانهن واپار کولڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن سبب شوگنيٽ حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ 1868ع ۾ شاھي حڪومت بحال ٿي. ميجي دور ۾، جاپان جي سلطنت مغربي نموني وارو آئين اختيار ڪيو ۽ صنعتڪاري ۽ جديديت جي پروگرام تي عمل ڪيو. ملٽري ازم ۽ غير ملڪي نوآباديات نظام ۾ اضافي جي وچ ۾، جاپان سال 1937ع ۾ چين تي حملو ڪيو ۽ سال 1941ع ۾ هڪ محوري طاقت (جرمني ۽ ترڪي جي گڏ) جي طور تي ٻي عالمي جنگ ۾ داخل ٿيو. پئسفڪ جنگ ۾ شڪست ۽ ٻن ايٽمي حملن کان پوءِ (آمريڪا جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٻه ايٽم بم ڪيرايا)، جاپان سال 1945ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ 7 سالن جي اتحادي قبضي هيٺ آيو، جنهن دوران هن هڪ نئون آئين اختيار ڪيو.

سال 1947ع جي آئين جي تحت، جاپان هڪ گڏيل پارلياماني آئيني بادشاهت کي برقرار رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ ٻه رڪني قانون ساز، ڊائٽ (قومي اسيمبلي) آهي. جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ آهي ۽ هڪ عظيم طاقت آهي، جیڪا عام (Nominal) جي ڊي پي (GDP) جي لحاظ کان وڏي معيشتن مان هڪ آهي. جاپان جنگ جو اعلان ڪرڻ جي حق کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ اهو پنھنجي دفاعي قوت برقرار رکي ٿو جيڪو دنيا جي مضبوط ترين فوجين مان هڪ آهي. گاڏين، روبوٽڪس ۽ اليڪٽرانڪس جي صنعتن ۾ هڪ عالمي اڳواڻ، ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي برآمد ۽ درآمد ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي. اهو ڪيترن ئي وڏن بين الاقوامي ادارن جو حصو آهي. جاپان هڪ ثقافتي سپر پاور آهي ڇو ته جاپان جي ثقافت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن ۾ ان جي فن، کاڌي، فلم، ميوزڪ، ۽ مشهور ثقافت شامل آهي، جنهن ۾ ممتاز مانگا، انيميشن فلم (anime) ۽ وڊيو گيم انڊسٽري شامل آهن.

ايٽائيمولوجي[سنواريو]

جاپان جو جھنڊو

جاپاني ۾ جاپان جو نالو ڪنجي (日本) استعمال ڪندي لکيو ويندو آهي ۽ ان کي نپون يا نيهون سڏيو ويندو آهي. اٺين صديءَ جي شروعات ۾ لفظ نيپون (日本) کي اپنائڻ کان اڳ، ملڪ چين ۾ "وا"(倭، Wa؛ جاپانی ۾ سال 757ع ۾ تبديل ٿي "یا") جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ جاپان ۾ ياماتو جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. لفظ نپون Nippon جی اکرن کي (اصلي چين۔جاپاني پڙھائی)، سرڪاري استعمالن لاء پسند ڪيو ويو آھي، بشمول جاپاني بئنڪ نوٽس ۽ پوسٽ اسٽيمپ تي. نيهون (Nihon) عام طور تي روزمره جي تقرير ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ايڊو (Edo) دور ۾ جاپاني فونولوجي ۾ تبديلين کي ظاهر ڪري ٿو. ڪردارن (日本) جو مطلب آهي "سورج جو اصل"، جيڪو مشهور مغربي ترجماني "Land of the Rising Sun" (اڀرندڙ سج جي سر زمين) جو ذريعو آهي. نالو "جاپان" 日本 زيمن يا وو چيني تلفظ تي ٻڌل آهي ۽ اهو ابتدائي واپار ذريعي يورپي ٻولين ۾ متعارف ڪرايو ويو. 13ھین صدي عيسويءَ ۾، مارڪو پولو جاپان (日本國) جي شروعاتي منڊارن چيني تلفظ کي سيپنگو(Cipangu) جي نالي سان رڪارڊ ڪيو. جاپان جو پراڻو ملیشیائي نالو، جپان يا جیپون، هڪ ڏاکڻي ساحلي چيني ٻولي مان ورتو ويو هو ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پورچوگالي واپارين سان مليو آھي، جن اهو لفظ 16ھین صدي جي شروعات ۾ يورپ ۾ آندو. انگريزيءَ ۾ نالي، جاپان جو پهريون نسخو سال 1577ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ ظاهر ٿيو، جنهن سال 1565ع ۾ پرتگالي خط جي ترجمي ۾ نالو گیاپان (Giapan) لکيو.

تاريخ[سنواريو]

قبل از تاريخ کان ڪلاسيڪل تاريخ[سنواريو]

تقريباً 30,000 ق.م. کان پيليولٿڪ ڪلچر جاپان جي ٻيٽن جي پھرين ڄاتل سڃاتل رھائش جو بنياد آھي. ان جي پٺيان لڳ ڀڳ 14,500 ق.م. (جومون دور جي شروعات) کان وٺي هڪ ميسو ليٿڪ (Mesolithic) دور کان وٺي نیولٿڪ نيم-سيڊنٽري شڪار گڏائيندڙ ڪلچر ذريعي ڪيو ويو، جنهن جي خصوصيت کڏن جي رهائش ۽ ابتدائي زراعت سان آهي. ان دور جا مٽيءَ جا برتن مٽيءَ جي قديم ترين بچيل مثالن مان آهن. تقريباً 700 ق.م. کان، جاپاني ڳالهائيندڙ يايوئي (Yayoi) ماڻهو ڪوريا جي جزائر کان ٻيٽن ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيا، جُومون سان ملائي؛ يايوئي جي دور ۾ طريقن جو تعارف ڏٺو ويو، جنهن ۾ گندي چانورن جي پوک، چين ۽ ڪوريا مان مٽيءَ جي برتن سازي جو هڪ نئيون انداز ۽ دھات سازي شامل آهن. ڏند ڪٿا موجب، شهنشاهه جومون (اماتراسو جو پوٽو) سال 660 ق.م. ۾ مرڪزي جاپان ۾ هڪ بادشاهي قائم ڪئي، هڪ مسلسل شاھي سلسلو شروع ڪيو.

جاپان لکيل تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيني "هان" ڪتابن ۾ ظاهر ٿيو، جيڪو سال 111ع ۾ مڪمل ٿيو. ٻڌمت جاپان ۾ سال 552ع ۾ بيڪوجي (هڪ ڪورين سلطنت) کان متعارف ڪرايو ويو، پر جاپاني ٻڌمت جي ترقي بنيادي طور تي چين کان متاثر ٿي. شروعاتي مزاحمت جي باوجود، حڪمران طبقي طرفان ٻڌمت کي فروغ ڏنو ويو، جنهن ۾ پرنس شوٽوڪو وانگر شخصيتون شامل هیون ۽ اسوڪا دور (سال 592ع-710ع) جي شروعات ۾ وسيع قبوليت حاصل ڪئي.

سال 645ع ۾، شھزادي ناڪا نو او ۽ فوجيوارا نو ڪاماتاري جي اڳواڻي ۾ حڪومت دور رس ٽائيڪا سڌارا ٺاهيا ۽ لاڳو ڪيا. سڌارن جي شروعات زميني سڌارن سان ٿي، جيڪا چين جي ڪنفيوشس جي نظرين ۽ فلسفن تي ٻڌل هئي. هن جاپان ۾ سڀني زمينن کي قوميائي (Nationalized) ڪئي، آبادگارن ۾ هڪجهڙائي سان ورڃائي ۽ ٽيڪسيشن جي نئين نظام جي بنياد جي طور تي گهر جي رجسٽري کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سڌارن جو اصل مقصد وڌيڪ مرڪزيت آڻڻ ۽ شاھي دربار جي طاقت کي وڌائڻ هو، جيڪو پڻ چين جي حڪومتي ڍانچي تي ٻڌل هو. سفيرن ۽ شاگردن کي چين موڪليو ويو ته جيئن چيني لکڻ، سياست، فن ۽ مذهب بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. سال 672ع جي جنشين جنگ، پرنس اواما ۽ سندس ڀائٽيو پرنس اوٽومو جي وچ ۾ هڪ خوني تڪرار، وڌيڪ انتظامي سڌارن لاء هڪ اهم نقطو بڻجي ويو. انهن سڌارن جو خاتمو تائيهو (Taihu) ڪوڊ جي اعلان سان ٿيو، جنهن موجوده قانونن کي مضبوط ڪيو ۽ مرڪزي ۽ ماتحت مقامي حڪومتن جو ڍانچو قائم ڪيو. قانوني سڌارن رٽسوريو (ritsuryō) رياست ٺاهي، چيني طرز جي مرڪزي حڪومت جو هڪ نظام جيڪو 500 سالن تائين برقرار رهيو.

نارا دور (710ع-784ع) هڪ جاپاني رياست جي ظهور جو نشانو بڻايو جيڪو هائيجو-ڪيو (جديد نارا شھر) ۾ شاهي دربار تي مرڪوز هو. هن دور ۾ ڪوجيڪي (712ع) ۽ نيهون شوڪي (720ع) جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ هڪ نئين ادبي ثقافت جي ظاهر ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻڌمت کان متاثر آرٽ ورڪ ۽ فن تعمير جي ترقيءَ جي خاصيت آهي. سال 735ع -737ع ۾ چيچڪ جي هڪ وبا، جی جاپان جي آبادي جو ٽيون حصو مارجي ويو. 784ع ۾ شهنشاهه ڪنمو گاديءَ جو هنڌ منتقل ڪيو، جيڪو 794ع ۾ هيئن-ڪيو (جديد دور جو ڪيوٽو) تي آباد ٿيو. اهو هيئن دور (794-1185) جي شروعات ٿي، جنهن دوران هڪ جداگانه مقامي جاپاني ثقافت ظاهر ٿي. مراسڪي شڪيبو جي The Tale of Genji ۽ جاپان جي قومي ترانو ”ڪيميگيو“ جا گيت ان دور ۾ لکيا ويا. گنجي جي ڪهاڻي. جاگيرداري دور

جاپان ۾ اسلام جي آمد[سنواريو]

ھتان جي ماڻهن کي اسلام بابت پهريون دفعو ڄاڻ 1877ع ۾ مغربي مذهبن جي معلومات حاصل ڪرڻ سان پئي. تقريباً ان ئي سال جي لڳ ڀڳ نبي ڪريم صہ جن جي سيرت جو جپاني زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان وقت تائين ڪوبه جپاني ملسمان نه ٿيو هو، بس هڪ تعليم يافته طبقي کي معلومات خاطر اسلام جي ڄاڻ حاصل ٿي. جپانين کي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم موقعو 1880ع ۾ مليو، جڏهن ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جپان سان سفارتي تعلقات شروع ڪرڻ ۽ جپانين ۽ ترڪ مسلمانن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ هڪ نيويءَ جو جهاز جپان موڪليو. ”ارتغرل“ نالي هي جهاز واپسيءَ تي ٻڏي ويو ۽ 609 ماڻهن مان 540 سمنڊ حوالي ٿي ويا. هونئن چون ٿا ته ميتسو تارو جيڪو ”تاڪا اوڪا“ ذات جو هو، پهريون جپاني مسلمان هو، جنهن 1909ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حج ڪرڻ بعد پنهنجو نالو عمر يامااوڪا (Yamaoka) رکيو ۽ ٻيو جپاني مسلمان بوم پاچيرو آريگا هو جيڪو پڻ انهن ئي ڏينهن ۾ واپار جي سلسلي ۾ هندستان ويو هو. ۽ اتان جي مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنهنجو نالو احمد رکيو باقي ذات ساڳي آريگا رهڻ ڏنائين. اڄ ڪلهه جپان ۾ اسلام ۽ جپاني مسلمانن تي وڌيڪ Studies ٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي ته تراجيرو يامادا (Tarajiro Yamada) گهڻو ڪري پهريون جپاني مسلمان هو جيڪو ترڪيءَ وارن جو جهاز ”ارتغرل“ ٻڏڻ بعد ترڪ مسلمانن جي مرڻ جي همدردي ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو عبدالخليل رکيو ۽ حج ڪري وطن موٽيو هو. پهرين وڏي لڙائيءَ دوران (بولشيوڪ انقلاب ۾) وچ ايشيا ۽ روس کان ڪيترائي ترڪومن، ازبڪ، ڪرغيز، ڪراخ ۽ تاتار مسلمان جتي ايران ۽ انڊيا پاسي لڏي ويا، اتي انهن جا ڪيترائي ڪٽنب جپان پڻ آيا جو روس (USSR) جو اڀرندو حصو جپان سان وڃيو لڳي. جپان جي حڪومت طرفان کين جپان ۾ پناهه ڏنو ويو. مسلمان قبيلا جپان جي مختلف شهرن ۾ Settle ٿيا ۽ جپاني جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي، انهن جي وچ ۾ مسلمانن جون هي ننڍيون ننڍيون ڪميونٽيون قائم ٿيون، جتي جتي گهڻا مسلمان هئا اتي مسجدون پڻ ٺهڻ لڳيون، ڪوبي بندرگاهه جتي اسان جي پاڪستاني جهازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو، اتي جي پراڻي مسجد ”ڪوبي مسجد“ 1935ع جي ٺهيل آهي جيڪا اڃا موجود آهي. ان دور جي ٻي مسجد ٽوڪيو ۾ هوندي هئي، جيڪا 1938 ۾ ٺهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني حڪومت جپانين لاءِ ڪجهه ادارا ٺاهي انهن کي اسلام جي معلومات ڏني ۽ ان دور ۾ اسلام تي هڪ سئو کان مٿي ڪتاب ۽ جرنل جپان ۾ ڇپيا ويا. پر هي سڀ ڪجهه جپان ۾ رهندڙ ڌارين مسلمانن طرفان نه هو. جپان حڪومت پنهنجن ماڻهن کي اسلام جي تعليم انڪري ڏئي رهي هئي، جيئن جپان طرفان فتح ڪيل ملڪ (ملايا، سنگاپور، هانگڪانگ، چين وغيره) جن ۾ ڪيترائي مسلمان رهيا ٿي انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ۽ مٿن ڪنٽرول رکڻ ۾ سهوليت رهي. ايتريقدر جو ٻي وڏي جنگ ۾ ملايا ۽ سنگاپور ۾ جپانين جو ڪو هوائي جهاز ڪريو ٿي ته جپاني پائلٽ ڪلمو پڙهي پاڻ کي مسلمان سڏايو ٿي ۽ مڪاني مسلمان عوام کيس واقعي مسلمان سمجهي نه فقط حفاظت ڏني ٿي، پر شان مان پڻ. 1945ع ۾ جيئن ئي جنگ ختم ٿي ته اهي سڀ جپاني ادارا ۽ فوجي جن اسلام جي هام هنئي ٿي سي ائين غائب ٿي ويا، جيئن بقول اردو چوڻيءَ جي ته ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“. اسلام هوڏانهن اتر آفريڪا کان ويندي اسپين ۽ فرانس تائين پکڙيو ته هيڏانهن اوڀر ۾ چين، سنڌ، هند، برما ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿيندو ڏکڻ فلپين ۾ اچي بلاڪ ٿي ويو. اتر فلپين پاسي وارا اسپين جي ڪالوني هئا ۽ اتان اسپيني پادري مٿي هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ اسلام جي تعليم جپان تائين نه پهچي سگهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ چين فتح ڪرڻ تي جپانين جو چيني مسلمانن سان ميل ميلاپ ٿيو ۽ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا. انهن نو مسلم جپانين 1953ع ۾ پهرين جپاني مسلم آرگنائيزيشن ٺاهي جنهن جو نالو ”دي جپان مسلم ائسوسيئيشن“ رکيو ۽ ان جو سهڪاري مرحوم صادق ايمائي زومي ٿيو جيڪو 1989ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ان ائسوسيئيشن جو صدر مرحوم عمر ميتا ٿيو جيڪو پڻ سچو مسلمان ۽ اسلام جو خدمتگار ماڻهو هو. مرحوم عمر ميتا جپان طرفان قبضي هيٺ آيل حصي ۾ منشور ريلوي ڪمپنيءَ جو آفيسر هو. اتي چيني مسلمانن کان متاثر ٿي پيڪنگ ۾ مسلمان ٿيو. هن قرآن مجيد جو جپاني ترجمو پڻ ڪيو.[15]

ماڻهو[سنواريو]

ورڇ[سنواريو]

جاپان 3000 کان وڌيڪ ٻيٽن تي مشتمل آهي. جاپان ۾ 47 ڊويزنون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن؛

هو ڪائڊو - آموري - ايواتي - مياگي - آڪيتا - ياما گاتا - فوڪوشيما - ايباراڪي - توچيگي - گونما - سايتاما - چي با - ٽوڪيو -ڪانا گاوا - نِيگاتا - توياما - اِيشِيڪاوا - فوڪوي - ياماناشي - ناگونو - گيفو - شي زواوڪا - آچي - مي اي - شيگا - ڪيوٽو - اوساڪا - هيوگو - نارا - واڪاياما - توتوري - شيماني - اوڪاياما - هيرو شيما - ياماگوچي - توڪو شيما - ڪاگاوا - اِيهيمي - ڪوچي - فوڪوواڪا - ساگا - ناگاساڪي - ڪوماموتو - اويتا - ميزاڪي - ڪاگوشيما - اوڪي ناوا.

معيشيت[سنواريو]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "National Flag and National Anthem". حاصل ڪيل January 29, 2017. The Rising Sun Flag and "Kimi Ga Yo" are respectively the national flag and anthem of Japan. This was formalized in 1999 with the Law Regarding the National Flag and National Anthem. 
  2. "Explore Japan National Flag and National Anthem". حاصل ڪيل January 29, 2017. 
  3. "National Symbols". وقت February 2, 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 29, 2017. 
  4. "History of Tokyo". حاصل ڪيل January 29, 2017. The Edo Period lasted for nearly 260 years until the Meiji Restoration in 1868, when the Tokugawa Shogunate ended and imperial rule was restored. The Emperor moved to Edo, which was renamed Tokyo. Thus, Tokyo became the capital of Japan 
  5. 5.0 5.1 (ٻولي ۾ Japanese). Legislative Bureau of the House of Councillors http://houseikyoku.sangiin.go.jp/column/column068.htm. حاصل ڪيل January 19, 2009.  Missing or empty |title= (مدد)
  6. "Japan Languages". حاصل ڪيل January 29, 2017. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named cia
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Dentsu2006
  9. According to legend, Japan was founded on this date by Emperor Jimmu, the country's first Emperor.
  10. "Facts about Japan, General Information". حاصل ڪيل January 29, 2017. 
  11. "最新結果一覧 政府統計の総合窓口 GL08020101". Statistics Bureau of Japan. حاصل ڪيل April 27, 2016. 
  12. 12.0 12.1 12.2 12.3 "World Economic Outlook Database, April 2017 – Report for Selected Countries and Subjects". انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (IMF). حاصل ڪيل April 21, 2016. 
  13. "World Factbook: Gini Index". CIA. حاصل ڪيل May 11, 2011. 
  14. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل March 23, 2017. 
  15. {رسالو: سرتيون؛مضمون: جپان ۾ اسلام جي آمد جي تاريخ ؛؛از: الطاف شيخ؛ آگسٽ 2006؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوروaltafshaikh2004@yahoo.com.pk}}}

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]


سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | آمريڪا | ڏکڻ ڪوريا