مواد ڏانھن هلو

ويٽنام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ويت نام کان چوريل)
سوشلسٽ جمهوريا ويٽنام

Cộng hòa Xã hội chủ nghĩa Việt Naml (ويٽنامي)
Flag of ويٽنام
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نشان
شُعار: '"خود مختياري-آزادي- خوشحالي"
ترانو: Tiến Quân Ca (ويٽنامي)
"آرمي مارچ"

مڪانيت  ويٽنام  (سائو) نقشو آسيان  (سرمئي)  –  [Legend]
مڪانيت  ويٽنام  (سائو)

نقشو آسيان  (سرمئي)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ هنوئي
21°2′N 105°51′E / 21.033°N 105.850°E / 21.033; 105.850
سڀ کان وڏو شهر ھو چي منھ شهر
قومي ٻولي ويٽنامي
ٻيون ٻوليون ويٽنامي اشارن واري ٻولي
نسلي گروھ 85.32% ڪنھ ويٽنامي
14.68% ٻيا
مذهب 86.32% لادين/لوڪ مذهب
مقامي آبادي ويٽنامي
حڪومت يونٽري مارڪسي-ليننسٽ ون پارٽي سوشلسٽ ريپبلڪ
• پارٽي جنرل سيڪريٽري
ٽو لام
• صدر
لونگ ڪونگ
• وزيراعظم
فان من چن
• قومي اسيمبلي جو چيئرمين
ٽران ٿان من
مقننه قومي اسيمبلي
تشکيل ۽ قيام
• وان لانگ
  • او لاک
  • هان جو الحاق
  • چين کان آزادي
  • آزادي ٻيهر حاصل ڪرڻ
  • نگوئين جو اتحاد
  • حفاظتي معاهدو
7 صدي قبل مسيح
  • 3 صدي قبل مسيح
  • 111 قبل مسيح
  • 939 عيسوي
  • 1428 عيسوي
  • 1802 عيسوي
  • 25 آگسٽ 1883ع
• جاپاني قبضو
  • آزادي جو اعلان (فرانس کان)
  • 1940ع
    • 2 سيپٽمبر، 1945ع
    • اتر-ڏکڻ ۾ ورهايو
    21 جولائي، 1954ع
    • ويٽنام جي جنگ جو خاتمو
    • ٻيهر اتحاد
    • موجوده آئين
    30 اپريل 1975ع
    • 2 جولاءِ 1976ع[1]
    • 28 نومبر، 2013ع[n 1]
    پکيڙ
    • جملي
    331٬690 km2 (128٬070 sq mi) (65هون)
    • پاڻي (%)
    6.38
    آبادي
    • 2023ع اندازو
    10,03,00,000 (2023ع جو اندازو)
    9,62,08,984 (2019ع جي مردم شماري) (15هون)
    •  گھاٽائي
    276.03 /km2 (714.9 /sq mi) (46هون)
    جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2023ع لڳ ڀڳ
    • ڪل
    1.559 ٽريلين آمريڪي ڊالر (وڌيو) (26هون)
    • في سيڪڙو
    15,470 آمريڪي ڊالر (وڌيو) (106هون)
    جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2024ع لڳ ڀڳ
    • ڪل
    465.814 بلين ڊالر (وڌيو) (33هون)

    ويٽنام (انگريزي: Vietnam؛ ٻڌو: سانچو:Ɑ:[5])، سرڪاري طور تي سوشلسٽ ريپبلڪ آف ويٽنام، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي اڀرندي ڪنڊ تي هڪ ملڪ آهي، جنهن جي پکيڙ 3,31,212 چورس ڪلوميٽر (1,27,800 چورس ميل) ۽ آبادي 2023ع جي اندازي مطابق 10,03,00,000 آهي. ويٽنام اتر ۾ چين آهي ۽ اولهه ۾ لاوس ۽ ڪمبوڊيا سان زميني سرحدون شيئر ڪري ٿو. سامونڊي سرحد ٿائيلينڊ جي نار ۾ ٿائيلينڊ ۽ ڏکڻ چين سمنڊ ۾ فلپائن، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان ملن ٿيون. هن جو گاديءَ جو هنڌ هنوئي آهي ۽ ان جو سڀ کان وڏو شهر هو چي منھ شهر (اڳوڻو سائيگون) آهي. ڪرنسي جو نالو ويٽنامي ڊونگ (đồng) (₫) آهي.

    سال 1945ع ۾ جاپاني قبضي کان پوءِ، ويٽنامي ويٽ منھ ۽ فرينچن وچ ۾ پهرئين انڊوچائنا جنگ دوران فرانسيسي نوآبادياتي حڪمراني سان وڙهندا رهيا. 2 سيپٽمبر 1945 تي، انقلابي رهنما، ھو چي منھ (Hồ Chí Minh) فرانس کان ويٽنام جي آزاديءَ جو اعلان ڪري، ملڪ جو نئون نالو "جمهوري جمهوريه ويٽنام" رکيو، پر فرانسيسي سامراج آزاديءَ جي تحريڪ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي. سال 1954ع ۾، ويٽنامي ماڻهن ڊين بین ڦو (Dien Bien Phu) ۾ فتح جو اعلان ڪيو، جيڪو مارچ ۽ مئي 1954ع جي وچ ۾ ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ فرانس جي وڏي شڪست ٿي. ويٽنام جي آزاديءَ کان ٿوري دير بعد، ويٽنام ٻن سياسي رياستن، اتر ويٽنام (رسمي طور تي جمهوري جمهوريه ويٽنام) ۽ ڏکڻ ويٽنام (رسمي طور تي جمهوريه ويٽنام)، ۾ ورهائجي ويو. ڏکڻ ويٽنام ۾ آمريڪا جي مضبوط اثر سان ويٽنام جنگ ۾ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو. جنگ سال 1975ع ۾ اتر ويٽنام جي فتح ۽ آمريڪا جي وڏي شڪست سان ختم ٿي وئي.

    سال 1986ع ۾ حڪومت ڪيتريون ئي معاشي ۽ سياسي تبديليون ڪيون جن ويٽنام کي عالمي معيشت جو حصو بڻائڻ جو رستو شروع ڪيو.[6] سال 2000ع تائين، هن سڀني قومن سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. سال 2000ع کان وٺي، ويٽنام اقتصادي طور تي دنيا جي تيز تر ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي،[7] ۽ سال 2011ع ۾ ان جي معيشت 11 وڏين معيشتن جي وچ ۾، عالمي ترقي جنريٽر انڊيڪس تي پهرين نمبر تي هئي.[8] ان جي ڪامياب معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ ان کي 2007ع ۾ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو ميمبر بڻايو ويو. اهو پڻ ايشيا ۽ پئسفڪ جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ انٽرنيشنل ڊي لا فرانڪوفوني تنظيم جو ميمبر آهي.

    هڪ ترقي پذير ملڪ جن جي معيشت گهٽ وچولي آمدني واري آهي، ان جي باوجود 21هين صدي جي تيز ترين ترقي ڪندڙ معيشتن مان هڪ آهي ۽ جي ڊي پي 2050ع تائين ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ڪرڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. شهري، پريس ۽ مذهبي ۽ نسلي اقليتن جي آزادي جي بين الاقوامي ماپ ۾، ويٽنام سڀ کان گهٽ نمبر تي آهي.

    خارجي ڳنڍڻا

    [سنواريو]

    حوالا

    [سنواريو]
    1. Jeffries 20074.
    2. Constitution of Vietnam 2014.
    3. World Bank 2016a.
    4. Human Development Report 201823.
    5. Vietnam.
    6. "Vietnam's new-look economy". BBC News. 18 October 2004. http://news.bbc.co.uk/2/hi/asia-pacific/3752682.stm. Retrieved 21 November 2015. 
    7. "Vietnam's new-look economy". BBC News. 18 October 2004. http://news.bbc.co.uk/2/hi/asia-pacific/3752682.stm. Retrieved 21 November 2015. 
    8. Weisenthal, Joe. "3G Countries". Business Insider. حاصل ڪيل 6 August 2011. 


    حوالي جي چڪ: "n" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="n"/> نہ مليو