گڏيل آمريڪي رياستون

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
آمريڪا جو جھنڊو
United States of America
Flag Great Seal
Motto: 
Anthem: "The Star-Spangled Banner"



Projection of North America with the United States in green
The United States and its territories
The United States and its territories
Capital Washington, D.C.
38°53′N 77°01′W / 38.883°N 77.017°W / 38.883; -77.017
Largest city New York City
40°43′N 74°00′W / 40.717°N 74.000°W / 40.717; -74.000
Official languages None at federal level[a]
National language English[b]
Ethnic groups 72.41% White
12.61% Black
9.11% Other/Multiracial
4.75% Asian
1.12% Native[4]
Demonym American
Government Federal presidential constitutional republic
 •  President Barack Obama
 •  Vice President Joe Biden
 •  Speaker of the House Paul Ryan
 •  Chief Justice John Roberts
Legislature Congress
 •  Upper house Senate
 •  Lower house House of Representatives
 •  Declaration July 4, 1776 
 •  Confederation March 1, 1781 
 •  Treaty of Paris September 3, 1783 
 •  Constitution June 21, 1788 
 •  Last polity admitted March 24, 1976 
Area
 •  Total Area 9,857,306 km2[5][c] (3rd/4th)
3,805,927 sq mi
 •  Water (%) 7.1
 •  Total Land Area 9,158,022 km2
3,535,932 sq mi
Population
 •  2016 estimate 322,369,319[6] (3rd)
 •  2010 census 309,349,689[7] (3rd)
 •  Density 35/km2 (180th)
90.6/sq mi
GDP (PPP) 2014 estimate
 •  Total $17.419 trillion[8] (2nd)
 •  Per capita $54,629[8] (10th)
GDP (nominal) 2014 estimate
 •  Total $17.419 trillion[8] (1st)
 •  Per capita $54,629[8] (5th)
Gini (2013) 40.8[9][10][11]
medium
HDI (2014) Increase2.svg 0.915[12]
very high · 8th
Currency United States dollar ($) (USD)
Time zone (UTC−4 to −12, +10, +11)
 •  Summer (DST)  (UTC−4 to −10[d])
Date format MM/DD/YYYY
Drives on the right[e]
Calling code +1
ISO 3166 code US
Internet TLD .us   .gov   .mil   .edu
a. ^ English is the de facto language of American government and the sole language spoken at home by 80% of Americans aged five and older. It is the official language of at least 28 states; some sources give higher figures, based on differing definitions of "official."[13] English and Hawaiian are both official languages in Hawaii, and English and 20 Native American languages are official in Alaska. Cherokee is an official language in some Native-controlled lands in Oklahoma. French is a de facto, but unofficial, language in Maine and Louisiana, while New Mexico law grants Spanish a special status.[14][15][16][17]
b. ^  In five territories, English as well as one or more indigenous languages are official: Spanish in Puerto Rico, Samoan in American Samoa, Chamorro in both Guam and the Northern Mariana Islands. Carolinian is also an official language in the Northern Mariana Islands.
c. ^  Whether the United States or China is larger has been disputed. The figure given is from the U.S. Census.[18]
d. ^  See Time in the United States for details about laws governing time zones in the United States.
e. ^  Except the Virgin Islands.
United States (orthographic projection).svg

يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا، جنهن کي آمريڪا به چيو ويندو آهي، 50 رياستن تي مشتمل هڪ جمهوري رياست آهي. هي ملڪ اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي. هتان جي گادي جو هنڌ واشنگٽن ۽ سڀ کان وڏو شهر نيويارڪ آهي. 50 مان 48 رياستون هڪ ئي هنڌ ڪئناڊا جي ڏکڻ ۽ ميڪسيڪو جي اتر ۾ واقع آهن، جڏهن ته هڪ رياست الاسڪا باقي ملڪ کان پري ڪئناڊا جي اولھ ۾ ۽ ٻي رياست هوائي باقي ملڪ جي اولھ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. آمريڪا جي ڪل آبادي 32 ڪروڙ آهي ۽ هي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. هي ملڪ 1776 ۾ قائم ٿيو. ناڻي ۽ فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي.

تاريخ[سنواريو]

1000ع ۾ ليف ايرڪسن نالي هڪ مهم جُو يورپي جهازي اتر آمريڪا جي سامونڊي حدن ۾ اچي داخل ٿيو. 12 آڪٽوبر 1492ع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس (Christopher Columbus) ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ طوفان جي وڪڙ ۾ اچي آمريڪي ڪناري تي پهتو ۽ سين سلوادو San Slavador ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو. ڪيليفورنيا جنهن کي گولڊن اسٽيٽ به سڏيو ويندو آهي، تنهنجي ايل ڊوراڊو El Dorado علائقي ۾ سڀني کان پهرين پهچندڙ اسپيني ماڻهن هتي سون جي ڳولا ۾ پهتا. 1607ع ۾ ورجينا رياست جي جيمس ٽائون James Town شهر ۾ انگريزن جي پهرين ڪالوني قائم ٿي ۽ انگريز سڀ کان پهرين هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا. [20] [21]

تفصيل[سنواريو]

هن ملڪ جي گڏيل رياستن جو سرڪاري نالو “United States of America” آهي.”-آمريڪا-“ نالو، هڪ اٽالين جهازي امريگو وسپوسي جي نالي تي رکيو ويو، جيڪو 1497ع ۾ هتي آيو هو. -آمريڪا- جي -اتر- ۾ ڪيناڊا، -اوڀر- ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو ۽ ميڪسيڪو نار ۽ اولهه ۾ پيسفِڪ سمنڊ آهن. گڏيل رياستن تي ٻڌل -آمريڪا-، ڪيناڊا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ آهي. هن جي هڪ رياست هوائي ٻيٽ سان فرانسسڪو کان 3870 ڪلوميٽر (2400 ميل) ڏکڻ اولهه طرف آهي. اڀرندي ۽ الهندي وارن علائقن ۾ ڊگھا جابلو سلسلا آهن. -آمريڪا- جي ڪل پکيڙ 9،160،454 چورس ڪلوميٽر (3،535،935 چورس ميل) ۽ آبادي 28 ڪروڙ آهي، گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن (Washington) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ميڪنلي (6194 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري -ٻولي- -انگريزي- ۽ ڪرنسي يو -ايس- ڊالر آهي، جيڪا دنيا جي وڌيڪ هلندڙ ۽ اهم ڪرنسي آهي. -آمريڪا- جي موسم، مختلف علائقن جي آبهوا جي حوالي سان مختلف آهي. گھڻي قدر موسم -ٿڌي- ۽ خوشگوار رهندي آهي. -آمريڪا- جي زرعي پيداوار ۾ ڪپهه، ڪڻڪ، جؤ، مڪئي، پٽاٽا، سويابين، داليون، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن. مکيه صنعتن ۾ جهاز سازي، هٿيار، ميزائيل وغيره، پيٽروليم جون شيون، ڀاڻ، لوهه، موٽر گاڏيون، سيمنٽ، ڪپڙو، اليڪٽرانڪ -اوزار-، ڪيميائي شيون، دوائون، ڪمپيوٽر، پلاسٽڪ شامل آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ -تيل-، ڪوئلو، -ٽامو-، موليڊنيم، فاسفيٽ، يورينيم، باڪسائٽ، سون، لوهه، پارو، نقل، پوٽاش ۽ -ٽنگسٽن- آهي.
4 -اپريل- 1789ع تي -آمريڪا- جو -آئين- نافذ ٿيو. 30 -اپريل- 1789ع تي -جارج واشنگٽن- -آمريڪا- جو پهريون صدر ٿيو. 1861ع کان 1865ع تائين -آمريڪا- گھرو -جنگ- ۾ مبتلا رهيو، ڇو ته ڏاکڻين رياستن جي ڪارن غلامن -آزادي- پئي گهري. آمريڪي صدر ابراهام لنڪن غلاميءَ جو خاتمو آندو. 30 مارچ 1867ع تي روس الاسڪا جي رياست 7 ملين ڊالرن عيوض -آمريڪا- کي وڪڻي ڇڏي. 17 ڊسمبر 1903ع تي -آمريڪا- جي رائيٽ برادران (ولبرٽ رائيٽ ۽ آرويل رائيٽ) هڪ ننڍي هوائي جهاز ۾، جيڪو مشين سان هلندو هو، -اتر- ڪيرولينا جي ڪٽيهاڪ ميدانن -تان- پهرئين -اڏام- ڪئي، ٻئي ڀائر جهاز ۾ موجود هئا.
1906ع ۾ آمريڪي صدر روز ويلٽ کي پهريون ڀيرو امن جو نوبل -انعام- مليو. 06 -اپريل- 1917ع تي -آمريڪا- پهرين عالمي -جنگ- ۾ شامل ٿيو. 13 -اپريل- 1935ع تي دنيا جي پهرئين ايئر سروس جي شروعات ڪيائين. -ٻي عالمي جنگ- ۾ جاپان جي هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ سبب -آمريڪا- 6 -آگسٽ- 1945ع تي هيروشيما ۽ 9 -آگسٽ- 1945ع تي ناگاساڪيءَ تي ايٽم -بم- ڪيرايا، جنهن سان بي انداز -جاني- نقصان ٿيو ۽ -آمريڪا- دنيا تي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي. 5 مئي 1961ع تي ايلن بي شيپرڊ پهرئين آمريڪي خلاباز جي حيثيت سان خلا ۾ -اڏام- ڪئي. 22 نومبر 1963ع تي صدر جان ايف ڪينيڊيءَ کي قتل ڪيو ويو. 1968ع ۾ ڪارن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿرڪنگ کي قتل ڪيو ويو. 20 -جولاءِ- 1969ع تي آمريڪي خلائي جهاز اپولو II وسيلي خلاباز نيل آمسٽرانگ، ايڊون ايلڊرن ۽ مائيڪل ڪولينز چنڊ تي لٿا، جنهن کي سڄي دنيا جي عوام ٽي ويءَ تي سڌو سنئون ڏٺو. 26 فيبروري 1991ع تي -آمريڪا- ڪويت کي عراق جي قبضي مان ڇڏايو. 07 نومبر 2000ع جي صدارتي چونڊن ۾ جارج واڪر بش صدر چونڊجي آيو. 11 سيپٽمبر 2001ع تي ٻه مسافرن سان ڀريل جهاز ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ آمريڪي وزارت دفاع جي آفيس پينٽاگون سان ٽڪرائجي ويا ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جا ٻئي ٽاور پٽ اچي پيا. -آمريڪا- -ان- دهشت گرديءَ جو ذميوار اُسامه -بن- لادن کي قرار ڏنو، جيڪو -افغانستان- ۾ طالبان جو مهمان هو. انهيءَ الزام هيٺ -افغانستان- تي حملو ڪري طالبان جي حڪومت جو خاتمو آندو ويو. اها لڙائي اڃا به -جاري- آهي، 2003ع جي سياري ۾ -آمريڪا- عراق تي حملو ڪري صدام حسين کي گرفتار ڪري، کيس عدالت ذريعي ڦاهي ڏياري. عراق ۾ هينئر به نيٽو فورسز ويڙهاڪن کي منهن ڏيئي رهي آهي. -آمريڪا- 51 رياستن جو وفاق آهي، -جتي- صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ سربراهه (هيڊ آف اسٽيٽ)، حڪومت جو اڳواڻ، سڀني آئيني ۽ انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر عوام جي ووٽن سان چئن سالن لاءِ چونڊبو آهي. ڪابينا ۽ رياستي گورنرن جي چونڊ صدر پاڻ ڪندو آهي. هن وقت -آمريڪا- جو صدر بارڪ حسين اوباما آهي (ڏسو: اوباما، بارڪ)، جيڪو -تاريخ- جو پهريون سربراهه آهي، جنهن جو تعلق ڪاري نسل سان آهي. هن کي 2009ع جو امن جو نوبل -انعام- به مليو آهي. -آمريڪا- جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 04 -جولاءِ- 1776ع آهي، ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 -آڪٽوبر- 1945ع کان حاصل آهي.[22]

  1. سانچو:USC National motto
  2. Dept. of Treasury, 2011
  3. "U.S. Code: Title 36, 304". United States Code. United States: Cornell Law School. August 12, 1998. http://www.law.cornell.edu/uscode/html/uscode36/usc_sec_36_00000304----000-.html. Retrieved February 15, 2015. "The composition by John Philip Sousa entitled 'The Stars and Stripes Forever' is the national march." 
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Cen2013Summary
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named WF
  6. "U.S. and World Population Clock". United States Census Bureau. http://www.census.gov/popclock/. Retrieved December 21, 2015. 
  7. PDF.U.S. census department data.
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 "Report for Selected Countries and Subjects". IMF. http://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2015/01/weodata/weorept.aspx?pr.x=33&pr.y=7&sy=2014&ey=2015&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=111&s=NGDPD%2CNGDPDPC%2CPPPGDP%2CPPPPC&grp=0&a=. 
  9. "OECD Income Distribution Database: Gini, poverty, income, Methods and Concepts". http://www.oecd.org/els/soc/income-distribution-database.htm. 
  10. "Global inequality: How the U.S. compares". http://www.pewresearch.org/fact-tank/2013/12/19/global-inequality-how-the-u-s-compares/. 
  11. "Income Distribution and Poverty : by country – INEQUALITY". http://stats.oecd.org/index.aspx?queryid=46189. 
  12. "2015 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2015. http://hdr.undp.org/sites/default/files/hdr_2015_statistical_annex.pdf. Retrieved December 14, 2015. 
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ILW
  14. New Mexico Code 1–16–7 (1981).
  15. New Mexico Code 14–11–13 (2011).
  16. Cobarrubias, Juan; Fishman, Joshua A. (1983). Progress in Language Planning: International Perspectives. Walter de Gruyter. p. 195. ISBN 90-279-3358-8. https://books.google.com/books?id=x9KoAkzfVqIC&pg=PA195. Retrieved December 27, 2011. 
  17. García, Ofelia (2011). Bilingual Education in the 21st Century: A Global Perspective. John Wiley & Sons. p. 167. ISBN 1-4443-5978-9. https://books.google.com/books?id=bW6V__K95ckC&pg=PT167. Retrieved December 27, 2011. 
  18. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named State and other areas
  19. "Ecological Footprint Atlas 2010". Global Footprint Network. http://www.footprintnetwork.org/images/uploads/Ecological_Footprint_Atlas_2010.pdf. Retrieved July 11, 2011. 
  20. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=327#16407
  21. ڪتاب: ٽوئر ٽو آمريڪا
  22. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D9%85%D8%B1%D9%8A%DA%AA%D8%A7