يوڪرين
يوڪرين Ukraine | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت يوڪرين (سائو) نقشو يورپ جو رنگ (تيز خاڪي) – [Legend] | |||||
| گادي جو هنڌ | خيو 50°27′N 30°30′E / 50.450°N 30.500°E | ||||
| دفتري ٻوليون | يوڪريني ٻولي | ||||
| تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ (2001[2]) |
| ||||
| مقامي آبادي | يوڪريني | ||||
| حڪومت | وحداني نيم صدارتي جمهوريه | ||||
• صدر | ولاديميئر زئلنسڪي | ||||
• وزيراعظم | ڊينس شمايل | ||||
• پارليامينٽ جو چيئرمين | دميترو رزمڪوف | ||||
| مقننه | ورخاونا رادا | ||||
| قيام | |||||
• خيويائي روس | 882 | ||||
• گاليشيا والھنيا واري بادشاھت | 1199 | ||||
• ڪازڪ ھيٽمنيٽ | 17 آگسٽ 1649 | ||||
• يوڪريني قومي جمهوريه | 7 نومبر 1917ع | ||||
• اولھه يوڪريني قومي جمهوريه | 1 نومبر 1918ع | ||||
• يوڪريني سوويت سوشلسٽ جمهوريه | 10 مارچ 1919ع | ||||
• عوامي جمهوريه يوڪرين | 20 نومبر 1917 | ||||
• روس کان آزادي | 20 جنوري 2018ع | ||||
• عوامي جمهوريه اولھه يوڪرين | 1 نومبر 2018ع | ||||
• سوويت يونين ۾ شموليت | 22 جنوري 1919ع | ||||
• آزادي جو اعلان | 24 آگسٽ 1991ع | ||||
• آزادي لاء ريفرينڊم | 1 ڊسمبر 1991ع | ||||
• موجوده آئين | 28 جون 1996ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 603,628 km2 (233,062 sq mi) (46هون) | ||||
• پاڻي (%) | 7 | ||||
| آبادي | |||||
• 2013 اندازو | 44,573,205 (29t) | ||||
• 2001 مردم شماري | 48,457,102 | ||||
• گھاٽائي | 73.8/km2 (191.1/sq mi) (115t) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | 337.360 ارب آمريڪي ڊالر[3] | ||||
• في سيڪڙو | 7,422 آمريڪي ڊالر [3] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | 175.527 ارب آمريڪي ڊالر[3] | ||||
• في سيڪڙو | 3,862 آمريڪي ڊالر[3] | ||||
| جِينِي (2010) | 25.6[4] ڪمتر | ||||
| ايڇ ڊي آء (2012) | اعلیٰ · 78هون | ||||
| ڪرنسي | يوڪريني هريونيا (UAH) | ||||
| معياري وقت | اوڀرين يورپ معياري وقت (EET) (متناسق عالمي وقت+2[6]) | ||||
| EEST (متناسق عالمي وقت +3) | |||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄي پاسي | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +380 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | |||||
| |||||

يوڪرين (Ukraine)[7] اوڀر يورپ ۾ واقع ھڪ خودمختيار ملڪ جو نالو آهي،[8] جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان يورپ ۾ روس کانپوءِ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جون حدون اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ روس، اتر ۾ بيلاروس، اولھه ۾ پولينڊ، سلوواڪيا ۽ ھنگري ۽ ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ مالدووا سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ملڪ جي سامونڊي حد ڪاري سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ سان آهي. سال 2014ع ۾ روس ڪريميا جي اپٻيٽ کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جنھن تي روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ سرحدي تڪرار جي شروعات ٿي.[9] بين الاقوامي برادري جي اڪثريت ڪريميا کي يوڪرين جو حصو تسليم ڪري ٿي. ڪريميا سميت يوڪرين جي ڪل پکيڙ 6,03,628 چورس ڪلوميٽر (2,33,062 چورس ميل) آھي.[10] ملڪ جي ڪل آبادي سال 2013ع ۾ 4،45،73،205 ھئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر خيو آھي.
يوڪرين پھرين نومبر، 1918ع تي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ بڻيو ۽ 22 جنوري 1919ع ۾ سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويو. 24 آگسٽ، 1991ع تي يوڪرين جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري پارليامينٽ سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جن کانپوء پھرين ڊسمبر تي ريفرنڊم ذريعي يوڪرين جي عوام آزادي جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آزادي ماڻين کانپوء يوڪرين جو آئين 28 جون، 1996ع تي نافذ ڪيو ويو، جن جي تحت يوڪرين ھڪ وحداني رياست آھي، جن ۾ نيم صدارتي نظام قائم آهي.
آبادي
[سنواريو]ملڪ جي %77.8 آبادي يوڪريني نسل وارن ماڻھن جي آھي. ٻئي نمبر تي %17.3 آبادي روسي نسل وارن، %0.8 روماني ۽ مالدوون، %0.6 بيلاروسي جي آهي ۽ باقي ٻين ۾ بلغاريائي، ھنگيري، ڪرائميائي تاتار ۽ ٻيا شامل آهن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي يوڪريني ٻولي آهي. آبادي جي غائب اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. 2021ع ۾ %82 آبادي عيسائين جي ھئي جنھن م %72.7 آرٿوڊڪس، %8.8 يوناني ڪيٿولڪ چرچ، %2.3 پروٽيسٽنٽ سان تعلق رکندڙ ھيا. %0.2 سيڪڙو آبادي ۾ يھودي، مسلمان ۽ ھندو شامل ھيا. ملڪ جي %7 آبادي ملحدن جي آھي.
انتظامي ورھاست
[سنواريو]ملڪ 27 حصن تي مشتمل آهي جنھن ۾ 24 اوبلاسٽ (صوبا)، ھڪ آٽونامس ريپبلڪ (ڪرائميا واري) ۽ ٻہ مخصوص درجي وارا شھر: خيو ۽ سيواستوپول شامل آهن. ملڪ جا 24 صوبا يا اوبلاسٽ ۽ ڪرائميا واري ريپبلڪ 136 رائيون (ضلعن) ۽ ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھن.

اوبلاسٽ يا صوبن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
- وَولِن اوبلاسٽ
- لِوِف اوبلاسٽ
- زاڪارپاتيا اوبلاسٽ
- فِرينڪِيوِسڪ اوبلاسٽ
- رَيوِن اوبلاسٽ
- تيرنوپل اوبلاسٽ
- چِيرنِوِتسِي اوبلاسٽ
- کَمَيلنِتسِڪِي اوبلاسٽ
- زيتومير اوبلاسٽ
- وينيتسيا اوبلاسٽ
- چَرنِيھِيو اوبلاسٽ
- خَيو اوبلاسٽ
- چيرڪاسي اوبلاسٽ
- سومي اوبلاسٽ
- پولتاوا اوبلاسٽ
- خارڪيف اوبلاسٽ
- لوھانسڪ اوبلاسٽ
- نائپراپيٽراوسڪ اوبلاسٽ
- دونيتسڪ اوبلاسٽ
- زائپورزيھا اوبلاسٽ
- ڪِرَووُوھَارڊ اوبلاسٽ
- مائڪولائف اوبلاسٽ
- اوڊيسا اوبلاسٽ
- خيرسون اوبلاسٽ
ڪرائميا وارو تڪرار
[سنواريو]
فيبروري 2014 ۾ يانوڪوويچ جي ٻاھر ٿيڻ سان روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڪرائميا کي روس سان ڳنڍڻ جي تياري ڪئي. 23 فيبروري تي سيواستوپول ۾ روسي بحري فوج جي اڏي وارن روسي فوجين کي حڪم ڏنو ويو تہ يوڪريني فوج کي غير مسلح ڪري خطي جو ڪنٽرول پنھنجي ھٿ ۾ وٺن. جنھن بعد 16 مارچ 2014 تي ڪرائميا ۾ تڪراري ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ 97 سيڪڙو ووٽرن روس ۾ شامل ٿيڻ جي حمايت ڪئي. 18 مارچ 2014 تي خود ساخته ريپبلڪ آف ڪرائميا ۽ سيواستوپول روس ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان ريفرنڊم کي ناجائز قرار ڏيڻ جي قرارداد منظور ڪئي جنھن تحت يوڪرين جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪئي وئي.
تصويرون
[سنواريو]- ڇھين صدي عيسويءَ ۾ سلاوڪن جو علائقو
- خيويائي روس جو تاريخي نقشي ۾ يوڪرائن وارو خطو (1220 کان 1240 دوران)
- گاليشيا والھنيا واري بادشاھت (1245–1349)
- لٿوانيا واري گرينڊ ڊچي، روس (جنھن ۾ يوڪرين شامل) ۽ سموگيشيا 1434ع تائين
- پولش، لٿوانيائي ۽ روٿينيائي دولت مشترڪه 1658ع ۾
- يوڪريني ڪازڪ ھيٽمنيٽ ۽ زيپوروزيائي ڪازڪ روس جي بادشاھت ۾ 1751ع
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Law of Ukraine "On Principles of State Language Policy"". Zakon2.rada.gov.ua. Retrieved 25 August 2012.
- ↑ "Population by ethnic nationality, 1 January, year". ukrcensus.gov.ua. Ukrainian Office of Statistics. Archived from the original on 2008-03-23. Retrieved 17 April 2010.آرڪائيو ڪاپي, archived from the original on 2007-07-06, retrieved 2021-10-13
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help) - 1 2 3 4 "Report for Selected Countries and Subjects". World Economic Outlook Database. International Monetary Fund. October 2013. Retrieved 20 October 2013.
- ↑ [http://data.worldbank.org/indicator/S
I.POV.GINI "Gini index"]. World Bank. Retrieved 26 March 2013.
{{cite web}}: Check|url=value (help); line feed character in|url=at position 38 (help) - ↑ "2013 Human Development Report Statistics" (PDF). Human Development Report 2013. United Nations Development Programme. 14 March 2013. Retrieved 16 March 2013.
- ↑ "Рішення Ради: Україна 30 жовтня перейде на зимовий час " Події " Україна " Кореспондент". Ua.korrespondent.net. Retrieved 31 October 2011.
- ↑ Geoghegan, Tom (7 June 2012), "Ukraine or the Ukraine: Why do some country names have 'the'?", BBC News Magazine, BBC
- ↑ "The World Factbook – Ukraine". Central Intelligence Agency. 7 January 2014. Retrieved 23 January 2014.
- ↑ Simpson, John (19 March 2014). "Russia's Crimea plan detailed, secret and successful" – via www.bbc.com.
- ↑ "Ukraine – United Nations Statistics Division". United Nations. 2016. Retrieved 6 September 2016.