فتو سومرو
ڏيک
| فتو سومرو | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| سراج الدين | |||||
| سومرن جي بادشاهي | |||||
| کان تائين | |||||
| پيشرو | راڻي ھمو ٻائي | ||||
| جانشين | خفيف سومرو | ||||
| ريجنٽ | دھلي جا سلطان | ||||
| |||||
| گهراڻو | سومري سردار جو خاندان | ||||
| شاھي گھراڻو | سومرا گھراڻو | ||||
| مذھب | اسلام | ||||
فتو سومرو (انگريزي: Fatoo Soomro) عرف فتح خان عرف دادو سومرو جنت السنڌ مطابق راڻي ھمو ٻائي کان پوءِ سنڌ جو سومرا گھراڻي جو حاڪم ٿيو.هموٻائي ڏکڻ ۽ اتر سنڌ تي حڪومت ڪئي. انهيءَ وقت دودو نالي هڪڙو سومرو سردار جو هڪ جي ڳوٺ ۾ حڪمران هو، تنهن وجهه وٺي پنهنجي لشڪر سان محمد طور ۽ ٿري شهرن تي ڪاهي هموٻائيءَ جي ڀائرن سان جنگ ڪئي، جنهن ۾ هموٻائيءَ جا ڀائر مارجي ويا. ايتري ۾ دادوءَ (فتح خان) نالي هڪڙو سومرو سردار، جو دودي پهرئين جي اولاد مان هو، تنهن لشڪر وٺي دشمن کي ماري مڃائي، هموٻائي وارو سمورو ملڪ پنهنجي قبض: ۾ ڪيو. ڳچ ورهيه صلح سانت سان حڪومت ڪرڻ کان وءِ وفات ڪيائين. [1]جنت السنڌ ڪتاب مطابق فتو سومرو کان پوءِ خيرو (کينئڙو) سومرو قوم جو حاڪم ٿيو ۽ ان رعايا کي آسودو ۽ خوش رکيو.[1]
سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
[سنواريو]- سومرو (امير)
- ڀونگر سومرو
- دودو سومرو
- تاراٻائي
- سنگھار سومرو
- راڻي ھمو ٻائي
- فتو سومرو
- خفيف سومرو
- عمر سومرو پھريون
- دودو سومرو ٻيون
- ڀونگر سومرو ٻيون
- خيرو سومرو
- محمد طور سومرو
- خيرو بن محمد
- دودو سومرو ٽيون
- طائي سومرو
- چنيسر سومرو
- ڀونگر سومرو ٽيون
- خفيف سومرو ٻيون
- دودو سومرو چوٿون
- عمر سومرو ٻيون
- ڀونگر سومرو چوٿون
- ھمير سومرو