ڀونگر سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀونگر سومرو
عصام الدين
کان تائين (پندرھن سال)
پيشرو سومرو (امير)
جانشين دودو سومرو
نسل دودو سومرو
گهراڻو امير سومري جو خاندان
شاھي گھراڻو سومرا گھراڻو
پيءُ سومرو (امير)
لاڏاڻو 1068عيسوي[1]، 461ھ[2][3]
مذھب اسلام

ڀونگر سومرو(انگريزي: Bhoongar Soomro) سنڌ جي سمورا گھراڻي جو ٻيون نمبر بادشاھ جيڪو سومري سردار جو پٽ ھيو. ھن لاء غير مستند روايتون آھن تہ ھن ٻہ شاديون ڪيون ھڪ پنھنجي ذات مان جنھن مان کيس دودو سومرو نالي پٽ ھيو ء ھڪ ٻي ذات مان جنھن مان کيس چنيسر سومرو نالي پٽ ھيو. ھن جي ھڪ ڌيءُ جو نالو ٻاگھي ھيو . مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:ڀونگر پيءُ جي وفات کان پوءِ پندرهن ورهيه حڪومت ڪري سنه 1068ع ۾ وفات ڪئي [1]تاريخ سومرا سنڌ ۾ لکيل آهي تہ:ڀونگر پيءُ جي وفات کانپوءِ حڪومت جي مسند ۽ موروثي تخت تي ويهي، اڳتي وک وڌائي حڪومت ڪرڻ لڳو. پنڌرهن سال حڪومت ۽ بادشاهيءَ ۾ مشغول رهيو. سن 461ھ ۾ بقاواري جهان ڏي روانو ٿي ويو.[2]تاريخ سومرا سنڌ مطابق مستند تاريخي روايتن م چنيسر نالي سان ڀونگر جو پٽ ثابت ڪونھي.


سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس
  3. تحفة الڪرام، مير علي شير قانع ٺٽوي