دودو سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
دودو سومرو
صمصام الدوله
سومرن جي بادشاهي
۴۴۶ کان ۴۶۱ تائين[1]
پيشروڀونگر سومرو
جانشينتاراٻائي
نسلسنگھار سومرو(پٽ)، تارا ٻائي(ڌيء)
خاندانسومري سردار جو خاندان
شاھي خاندانسومرا گھراڻو
والدڀونگر سومرو
پيدائشدودو
روپاھ، موجوده ضلعي بدين، سنڌ وارو علائقو
وفات1227
تدفينموجوده بدين ضلعو
مذھباسلام

دودو سومرو (انگريزي: Dodo Soomro) سنڌ جو حڪمران هو جيڪو علاءُ الدين جلجي سان سنڌ جي بچاءَ لاءِ وڙهندي شهيد ٿيو. سندس مزار بدين ضلعي ۾ آهي. مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: دودي بن ڀونگر چوويهه ورهيه حڪومت ڪئي. دودو سومرن جو بهادر سردار ٿي گذريو، جنهن لاڙ کان وٺي نصرپور تائين حڪومت جي حدن کان وڌايو هو. سندس بهادريءَ جا ڪارناما سنڌ جي آکاڻين ۾ بيان ڪيل آهن. سنه 1092ع ۾ وفات ڪيائين. دودي جي وفات ڪرڻ وقت سندس پٽ سنگهار صغير هو.[2]والد جي وفات کانپوءِ، حڪومت جو ڪاروبار سڀالڻ لڳو. چوويهه سال آزادي ۽ خود مختياريءَ سان حڪومت هلايائين. ڦوهه جوانيءَ ۾ هن فاني جهان مان گذر ڪري ويو. سن 485هه ۾ کانئس پوءِ سندس پٽ سنگهار بن دودو جيئن ته ننڍو ٻار ھيو[3]

دودي چنيسر وارو روايتي داستان[سنواريو]

سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جو دؤر انفرادي حيثيت رکي ٿو. ھن زماني ۾ سنڌ جي تھذيب، تمدن، ادب ۽ ثقافت جيڪا ترقي ڪئي، اھا تاريخ جي ورقن ۾ سدائين جيئري رھندي. ھيءَ پھرين سنڌي حڪومت هئي، جنھن عربن کان پوءِ، سنڌ ۾ مقامي راڄ يا صاحبي قائم ڪري، خودمختيار ٿي راڄ ڪيو. سومرن سنڌ تي 1051ع کا 1351ع تائين، پورا ٽي سؤ سال راڄ ڪيو. ھن خاندان يا ڪٽنب جا جملي ويھ حاڪم يا راجا تخت تي ويٺا، جن سنڌ جي آزادي، بچاءَ ۽ خودمختياري لاءِ، ڌارين سان ويڙهون جوٽيون. ھن ڪٽنب جي ھر فرد سنڌ لاءِ قرباني ڏني، جن مان دودو سومرو، اسان جي تاريخ جو عظيم جرنيل ۽ سورھيه سپاھي آھي، جنھن اسان جي قومي آجپي لاءِ سِر جو نذرانو ڏنو.

دودو سونھن سياڻپ سورھيائيءَ جو مجسمو، حب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبن سان سرشار، مکيه سورمو آھي جيڪو اسان جي قومي ڪردار جي،بھترين نمائندگي ڪري ٿو. سندس جنگي ڪارناما، وطن جي راھ ۾ سرفروشي ۽ قرباني جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا.[4] دودو، سنڌ جو ھڪ لافاني ۽ لاثاني قومي ھيرو آھي. ھو محب وطن، وطن پرست، غيرتمند ۽ باھمت انسان آھي. جڏھن سندس ڪي وزير کيس صلاح ڏين ٿا ته، پاڻ کان ڏاڍي دشمن جا مطالبا مڃي سنڌ کي آزاد ڪرائجي، تڏھن ھي ڏهيسر سنڌي سپوت چوي ٿو ته: “سنڌ جي تاريخ انسانيت جي شرف جو ھڪ مقدس ڪتاب آھي. ھي ملڪ، پنھنجي علمي، اخلاقي ۽ تمدني روايتن جي ڪري، دنيا جي آڏو ڪمزور تي جھڪڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آھي.

دودو سومرو سنڌ جي حاڪم، ڀونگر جو پليٺو پُٽ ھو، جيڪو سنڌ تي 1312ع راڄ ڪندو ھو. سندس گاديءَ جو ھنڌ روپاهه ضلعي بدين ۾ ھو. ھن جي زماني ۾ ملڪ جي زرعي، مالي، ھنري ۽ ٻي اندروني اپت جھجھي ھئي. ملڪ خوشحال ۽ آباد ھو. ڪاسبين ۽ ڪاريگرن جي قدرداني ڪئي ويندي ھئي، ان ڪري ڌنڌي ۽ ھنر زور ورتو. ان وقت سرڪاري خزاني ۾ ساليانو نوَ لک روپيا ٿيندا ھئا. اوچتو حاڪم مري ويو. ھن پٺيان ٻه زالون ڇڏيون. ھڪ سومري دودي جي ماءُ ۽ ٻي لوھاري ڇنيسر جي ماءُ. سومرن دودي کي پڳ ٻڌائي، ان تي چنيسر (Chanesar) کي ڪاوڙ لڳي، ڇو ته ھو دودي کان وڏو ھو. چنيسر سڌو دھلي (Delhi) ويو ته، جيئن ھندوستان جي حاڪم علاءُ الدين خلجيءَ (Alauddin Khilji) کي سنڌ تي چاڙھي اچي۽ دودي کان حڪومت کسي. اتي سمرقند (Samarkand) جو حاڪم علاءُالدين ترم شيرين دھليءَ جي ٻاھران کُپ کوڙيون ويٺو ھو. چنيسر کيس پئسي ۽ سنڱ جي لالچ ڏيئي سنڌ تي چاڙھي آيو. ھن اچڻ سان اعلان ڪيو ته سنڌ جو تخت چنيسر جي حوالي ڪيو، ۽ ٻاگھل جو سڱ مون کي ڏيو. ظاھر آھي ته ھي ٻئي ڳالھيون، سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي روايت موجب، اڻ ٿيڻيون ھيون. اڃا به پھرئين شرط مڃڻ ۾ ڪنھن قدر مصلحت ھئي، پر ٻيو شرط ته تمام ڏکيو ھو. پر ان ڪري دودي جرئت، ھمٿ ۽ دليريءَ سان ٻنھي ڳالھين مڃڻ کان انڪار ڪري جنگ جو اعلان ڪيو. ڏاڍي جنگ لڳي، جنھن ۾ گهڻائي سومرا سردار، ساھڙ سلطان، ڄام ابڙو، ھاسو سوڍو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا سردار ۽ ڀرپاسي جا چڱا مڙس، سِر ڏيئي سرھا ٿيا. ھن جنگ ۾ دودو سڀني جو ڏڍ ۽ ڀر جھلو ھو ۽ سندس آڌار ۽ آسري تي ئي ٻين پئي جنگيون ڪيون. جڏھن ٻيو ڪوبه نه بچيو تڏھن دودو رُڪ جو سندرو ٻڌي چڙھيو. ھو دلير ۽ دلاور ھو. ڪوپو ۽ ڪنڌار ھو. ھو پنھنجي خاص ٽھانگ ھٿيار کڻي، ميدان ۾ آيو، جنھن ۾ ست ترارون سميٽيل ھيون. ھو شاھي فوج ۾ جتان ٿي لنگھيو، ته پھا ڪڍي ٿي ڇڏيائين. سندس مقابلي جي ڪنھن کي جرئت ڪانه ٿي ٿِي. اھڙي طرح ھو رڳو چوڏھن ڏينھن وڙھيو. ترم شيرين ڏٺو ته ھاڻ سِر ٿو وڃي، سو چنيسر کي ھڪل ڪيائين. ھن ڪپتئي ڀاءُ، دشمن کي ھڪ اٽڪل ڏسي، جنھن سان دودي جي گھوڙي ڇلانگ ڏيندي وڃي ڀالن سان لڳي ۽ دودي جي جسم کي ڀالن پَرڻ ڪري ڇڏيو. اھڙي طرح ھي سورمو، شھادت جي رت ۾ رچي لال ٿي پيو. اھو واقعو 1227ع جو آھي.ليکڪ عبدالله مگسي ٽماھي مھراڻ ۾ ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو تہ: ھن وطن جي عزت، قومي غيرت، خانداني وقار، ملڪي آزادي ۽ روايت خاطر سِر ڏيئي، اسان کي زنده رھڻ جو حق ڏياريو. اھوئي سبب آھي جو سندس شھادت واري واقعي جو پوري سماج اثر قبول ڪيو ۽ عوام اھو ڏک صرف سومرن جو نه پر پنھنجو سمجھيو. ڪڙمين ڪاسبين، پنھوارن، ٻڪرارن، ڌنارن، ڪنڀرن، لوھرن، سمن، سھتن، گجرن، راڻن، ڪورين، موچين ۽ مردن توڙي عورتن جي پنھنجي حاڪم جي شھيد ٿي وڃڻ ۾ غم ۽ ماتم ڪيو. دودي جي شھادت، رياست جي حاڪم جي شھادت ڪانه ھئي، پر اھا شھادت سڄي معاشري جي، ساٿ ڌڻي سرواڻ جي شھادت ھئي، ڇاڪاڻ ته اھا ويڙھ سلامت شاھي جي طاقت ۽ ڦرلٽ خلاف پورھيت ھنرمندن ۽ واپارين جي اتحاد وطنيت ۽ قومي ثقافت جي جنگ ھئي.[5] ان ڪري ئي پنھنجي وقت جو حڪمران، عوام جي دلين جي آواز ٿي ويو ۽ ھو اڄ به ايترو ئي مقبول آھي جيترو اڳي ھو. ڪوبه فرد جڏھن، جڏھن بھادري ۽ مڙسي ۽ غيرت جو ڪم ڪندو آھي، تڏھن چوندا آھن ته مڙس ته ڪو دودو آھين. ابن الياس لکي ٿو ته “صديون گذريون آھن مادرِ وطن سنڌ لاءِ جيڪو ڪردار دودو سومرو ادا ڪري ويو آھي، ان جو مثال اڃا تائين ملڻ مشڪل آھي. جڏھن به سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ غيرت ۽ ھمٿ، بهادري ۽ ھمٿ، شان ۽ مان جو سوال سامھون ايندو آھي، ته سواءِ دودي سومري جي ٻيي ڪنھن به سورھيه جو مثال ذھن ۾ نٿو اڀري.[6] [7] اها به روايت آهي ته: ”دهليءَ جي لشڪر هٿان سنڌ تباھ ٿي وئي، دودن جو خاندان مارجي ويو ۽ پساھ ڏيندڙ دودي جي شهپر کي جڏهن دهلوي سپاھ جي ڪمانڊر لت هنئي ته چنيسر (Chanaysar) ڪاوڙجي پيو ۽ تلوار ڪڍي هندي فوج سان وڙهندي مارجي ويو. [8]

دودو چنيسر داستان تاريخ جي روشنيءَ ۾[سنواريو]

تاريخ سومرا سنڌ جو ليکڪ محمد يوسف اٽڪي جي ھڪ مضمون تي تبصرو ڪندي ان جي تائيد ۾ لکي ٿو تہ:اسان جڏهين محمد يوسف اٽڪي صاحب جي ڏنل سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي نالن جي لسٽ کي غور سان پڙهي ڏسون ٿا ته پوءِ دودي ۽چنيسر هڪ ئي پيءُ ڀونگر جا ٻه پٽ پڻ ٿابت نه ٿيا ٿين. ڇاڪاڻ ته: اٽڪي صاحب چنيسر جو پيءُ طائي ۽ دودو جو پيءُ ڀونگر تحرير ڪيو آهي. جنهن مان صاف ۽ واضح طور ثابت ٿئي ٿو ته: دودو ۽چنيسر هڪ ئي پيءُ ڀونگر جي اولاد نه هجڻ جي باعث، پاڻ ۾ ٻه سڳا ڀائر به بنهه نه هئا. انهيءَ ڪري، هاڻي دودي ۽ چنيسر جو جڙتو قصو پڻ ازخود ڪوڙو ۽ باطل ثابت ٿي وڃي ٿو ته ڪي ٻه سڳا ڀائر دودو ۽ چنيسر پاڻ ۾ پنهنجي پيءُ ڀونگر جي پڳ ٻڌڻ ۾ تڪراري هئا. اسان کي دودي ۽ چنيسر جي جڙتو قصي ۽ داستان جي ڪوڙي ثابت ٿيڻ وڃڻ بعد، هيٺين ڳالهين جي بخوبيءَ ڄاڻ پئي ٿي. مثلاً:
(1) محمد يوسف اٽڪي صاحب جي پيش ڪيل سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي نالن جي ڏنل ترتيب جي مطابق، ۽ دودو ۽ چنيسر هڪ ئي پيءُ ڀونگر سومرو جا ٻه پٽ نه هجڻ جي باعث، پاڻ ۾ نه صرف سڳا ڀائر نه هئا، پر چنيسر بذات خود دودو سومرو (جنهن کي سنڌ جون تاريخون چنيسر جو ڀاءُ ڪري ٿيون پيش ڪن) سو ته، ان جو ڏاڏو هو.
(2) دودو پنهنجي وڏي ڀاءُ چنيسر کان (جنهن کي لوهاريءَ جو پٽ پيش ڪري، بيواجبي ڳالهه مان ڳالهڙو بنائي، دودي کي ڏاڏي پوٽيءَ زال سومريءَ جو پٽ ڄاڻائي، چنيسر بجاءِ دودو کي سنڌ جي واليءَ ڀونگر جي وارث ۽ جائنشين ڪري پيش ڪيو ويو آهي) حڪومت وٺي ڏيڻ لاءِ، غزنيءَ جي سلطان مودود ڏانهن وڃڻ پڻ ڪوڙ تي مبني آهي.
(3) چنيسر سومرو (جنهن کي اٽڪي صاحب طائيءَ جو پٽ ٿو لکي) دهليءَ جي بادشاهه علاؤ الدين خلجيءَ کي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جو سڱ ڏيئي، سنڌ تي چاڙهي اچڻ جو پڻ داستان بلڪل باطل ثابت ٿي وڃي ٿو.
(4) اهو ڪوڙ تي مبني آهي ته: ڪوچنيسر لوهاريءَ جو پٽ هو. ڇو ته: سومرا بقول ابن بطوطه جي پنهنجي هم قوم جي عورتن کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڌارئيءَ عورت سان شادي نه ڪندا هئا.
(5) سومرن پنهنجا ٻار ٻچا دهليءَ جي سلطان علاؤ الدين خلجيءَ جي خوف کان ڪڇ جي هندو راجا ابڙو سمون ڏانهن سام ڪري ڪو نه موڪليا هئا، ڇو جو، جڏهن سومرن جي حڪومت ۾ موجود هندستان جا شهر ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ شامل هئا. (جيئن اسان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون) پوءِ ڪڇ جو هندو راجا ابڙو سمون جو هجڻ، ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ انهيءَ ڪري سومريون مايون ڪڇ جي هندو راجا ابڙو سمون ڏانهن سام ٿي به ڪو نه ويون هيون وغيره جي کڻي بيواجبي هن ڳالهه کي مڃڻو به پئي ته، پوءِ به ڪڇ جو ابڙو سمون هندو راجا سومرن حڪمرانن جو ماتحت ۽ پڻ اعتماد جوڳو شريف صفت انسان ضرور هو، جو کڻي سومرن پنهنجا ٻار ٻچا سام ڪري موڪليا به هجن. هن مان پوءِ، مسلمان سومرن جون عورتن ابڙي وٽ سام ٿي وڃڻ مان سومرا غير مسلم هندو راجپوت ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح ثابت ٿين ٿا؟[3]

دودو سومرو ۽ علاءالدين خلجي جي جنگ جو فرضي قصو[سنواريو]

سنڌ ۾ سومرن جا، جتي رومانوي داستان گهڻو مشهور ۽ مقبول آهن، اتي رزمي داستان دودو سومرو ۽ علاء الدين خلجي به اهڙو ئي مشهور ۽ مقبول آهي. سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن ان قصي کي ڳاهن جي صورت ۾ نظم ڪيو آهي. دودو سومرو (ٽيون جنهن جو سال حڪومت سن 1331ع کان سن 1356ع تائين ڄاڻايل آهي. ان لاءِ هيءَ ڪهاڻي مشهور آهي. دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر هئا. چنيسر وڏو هو، پر آدم پوٽيءَ مان هو ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان هو. سومرن پيءُ جي پڳ چنيسر کي ٻڌائي، پر چنيسر جي ڪنهن اڻوڻندڙ هلت سبب اميرن پڳ دودي کي ٻڌائي. دودو بهادر ۽ جوان مرد هو. چنيسر ڪاوڙجي دهليءَ جي سلطان علاءُ الدين وٽ دانهن کڻي ويو. علاءُ الدين سندس داد رسي ڪئي ۽ وڏي فوج سالار خان سپهه سالار جي اڳواڻي هيٺ سنڌ تي چاڙهي موڪلي. علاءُ الدين ۽ سومرن جي جنگ لڳي. سومرن پنهنجو ڪچو عيال ڪڇ جي حاڪم سمي ابڙي وٽ سام ڇڏيو. سومرن جي سپهه سالار سلطان سپڙ بهادريءَ سان وڙهيو. سلطان لشڪر ڪڇ تائين سومرن جو پيڇو ڪندو ويو ۽ سمي ابڙي وڙهندي سر ڏنو. سومرين عورتن پنهنجي عصمت کي بچائڻ لاءِ خدا کي ٻاڏايائون ۽ آخر زمين ڦاٽي پئي، سومريون ان غار ۾ اندر لنگهي ويون. اڄ تائين ماڻهو ان کي ستين ٿان ڪري چوندا آهن.“ انهيءَ سموري محورتي، هيءُ قصو ڦرندو رهي ٿو. ليڪن تاريخي اعتبار سان انهيءَ جنگ جو بيان قديم دؤر جي تاريخن ۾ ايترو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.تاريخي اعتبار کان دودو سومري جي حڪومت جو سال، علاء الدين خلجي جي حڪومت جي سال سان ٺهڪي ٿو اچي. علاءُ الدين خلجي سنه 695هه – سن 1295ع ۾ تحت تي ويٺو ۽ سن 716 هه – 1316ع ۾ وفات ڪيائين[3]. سيد ابوظفر ندوي لکي ٿو ته ”عمر سومرو علاءُ الدين خلجي جو همعصر هو. دودي سومري صرف پنج سال حڪومت ڪئي ۽ سن 712 هه ۾ وفات ڪيائين“.[9] ان مان ظاهر آهي ته: دودو سومرو سلطان علاءُ الدين جي تخت نشين ٿيڻ کان چار سال اڳ ۾ انتقال ڪري ويو. باقي ايترو سو ضرور تسليم ڪرڻو پوندو ته: ڌاريءَ فوج سان سنڌ جي سرويچ سپاهين جي وچ ۾ جنگ ضرور ٿي آهي. گمان آهي ته: شايد ترم شيرين عرف علاءُ الدين جي جنگ کي ”علاءُ الدين خلجيءَ ڏانهن منسوب ڪيو ويو هجي. ان متعلق رسالي ”مهراڻ“ ۾ مير محمد بخش ٽالپر جو علمي مقالوشايع ٿي چڪو آهي. جنهن صاحب ان غلط فهميءَ کي دور ڪري ڇڏيو آهي ته: ڪو علاءُ الدين سنڌ ۾ آيو هو.[9]

سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست[سنواريو]



Noia 64 apps xeyes.png پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. چچنامي مطابق
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 3.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛.ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس
  4. شمشير الحيدري نئين زندگي سنڌ نمبر 1970ع
  5. عبدالله مگسي- ٽماهي مهراڻسنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو –3- 1989ع ص نمبر 18
  6. وڳھ جا وريام- مقدمو- ص نمبر 32
  7. پارآن سنڌي ويزن، مرتب؛ علي مراد راهوجو
  8. سنڌي ويزن، چونڊ: علي مراد راهوجو
  9. 9.0 9.1 (مهراڻ – نمبر پهريون 1974ع صفحه 135، بحواله سيد ابو ظفر صاحب ندوي، تاريخ سنڌ، ص 307).