سنگھار سومرو
سنگھار سومرو | |
---|---|
شھاب الدين | |
سومرن جي بادشاهي | |
کان تائين | |
پيشرو | تاراٻائي |
جانشين | راڻي ھمو ٻائي[1] ڪجهه تاريخي ڪتابن مطابق خفيف سومرو[2] |
ريجنٽ | دھلي جا سلطان |
جيون ساٿي | راڻي ھمو ٻائي |
نسل | بي اولاد رھيو |
گهراڻو | سومري سردار جو خاندان |
شاھي گھراڻو | سومرا گھراڻو |
پيءُ | دودو سومرو |
لاڏاڻو | [1]1106 |
مذھب | اسلام |
سنگھار سومرو(انگريزي: Singhar Soomro) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو چوٿون نمبر بادشاھ جنھن جي ڏکڻ سنڌ م حڪومت ھئي. مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:سنه 1092ع ۾ وفات ڪيائين. دودي جي وفات ڪرڻ وقت سندس پٽ سنگهار صغير هو. سومرن کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي، مگر حڪومت جون واڳون دودي جي ڌيءَ تارا ٻائيءَ جي هٿ ۾ هيون. هيءَ پهرين سنڌي خاتون هئي، جنهن سياست ۾ مردانگيءَ سان قدم رکيو هو. سومرا ساڻس وفادار ۽ فرمانبردار ٿي رهيا. جڏهن سنگهار وڏو ٿيو، تڏهن ان کي تخت نشين ڪيائون. گاديءَ تي ويهڻ شرط نوجوان ڪڇ کان وٺي هالڪنڊيءَ تائين باغين کي مطيع ڪري، حڪومت ڪئي. سنه 1106ع ۾ بنان اولاد مري ويو. سنگهار جي وفات کان پوءِ سندس زال هموٻائيءَ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون ۽ ڌرڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاه قائم ڪيو. [1]سنگهار جڏهن وڏو بالغ ٿيو ته بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي، ملڪ ۽ مال جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. جيڪي ماڻهو سرڪش مخالف، باغي ۽ فسادي هئي، انهن کي تنبيهه ڪري سيکيت ڏيئي ڪڇ جي پاسي چڙهائي ڪري، نانگنيءَ (شايد نانڪني) تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين، ان کان ڪجهه سال پوءِ آخرت جو سفر اختيار ڪيائين. سندس حڪومت جي مدت پندرهن سال هئي.[2]
سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
[سنواريو]- سومرو (امير)
- ڀونگر سومرو
- دودو سومرو
- تاراٻائي
- سنگھار سومرو
- راڻي ھمو ٻائي
- فتو سومرو
- خفيف سومرو
- عمر سومرو پھريون
- دودو سومرو ٻيون
- ڀونگر سومرو ٻيون
- خيرو سومرو
- محمد طور سومرو
- خيرو بن محمد
- دودو سومرو ٽيون
- طائي سومرو
- چنيسر سومرو
- ڀونگر سومرو ٽيون
- خفيف سومرو ٻيون
- دودو سومرو چوٿون
- عمر سومرو ٻيون
- ڀونگر سومرو چوٿون
- ھمير سومرو