ڀاڳو ڀان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڀاڳو ڀان (Bhaggo Bhaan) جو اصل نالو سائينڏنو ھو. ھو سومرن جي دؤر جو خاص فقير ھو، کيس تاريخ جي پوري ڄاڻ ھئي ۽ کيس ان دؤر جي سڀني سردارن ۽ حاڪمن جي جي به چڱي خبر ھئي. ھن کي سومرن جي پوين پيڙھين جي پوري ڄاڻ ھئي. ڀاڳو ڀان ڀونگر راءِ جي ڏينھن کان سنڌ ۾ وزارت جي عھدي تي فائز ھو. ھو ڀونگر ۽ مڙني سومرن جو سڀ کان وڌيڪ ڀروسي وارو شيوو ھو. ھو جيڪو به فيصلو ڪندو ھو، اھو ڀونگر ۽ سومرن کي، ھر حالت ۾ مڃڻو پوندو ھو. نجي، سياسي، علاقائي، مذھبي مطلب ته ھر معاملي ۾ ڀاڳو فقير جو راءِ ضروري هوندي هئي. اھوئي سبب آھي جو کيس سومرن جي شاھي خاندان ۾ ھڪ خاص مقام حاصل ھو.

ڀاڳو ڀان، ھر ڏک سُک ۾ سومرن سان گڏ رھيو. جڏھن علاءُ الدين ترم شيرين، سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو، تڏھن دودي ڀاڳو ڀان کان پڇيو ته علاءُ الدين جي ڇانوڻيءَ ۾ ڪنھن کي وڪيل ڪري موڪلجي؟ تڏھن ھن صلاح ڏني ته “چنيسر جي پُٽ، ننگر کي، جيڪو پيءُ کي به سمجھائيندو.” پوءِ ھو سُرندو کڻي ننگر جي حويليءَ تي آيو. چون ٿا ھو سٺو موسيقار ۽ راڳيندڙ ھو. سُرندو ھن (ڀاڳو ڀان) ئي ايجاد ڪيو ھو. ھن در تي اچي چيو ته:


تنھنجا باغن اڏيل بنگلا، آھي اوچي اڏاوت تن،
ٿنڀ ڪامون چندن جو، مُشڪ ليپ لڳن،
کَٽون شيشم عاج جون، جن تي ھنڌ فراش پون،
گلم اوھان دودائين جا، سڀ جنھور سان جڙن،
سنڌ جا سورھيه سومرا، تو وٿ ڪؤنر ڪچھريون ڪن،
کان پڇين ٿو خبرون، ويھو ننگر نوابن.

ننگر فقيرن کي مانُ ڏنو ۽ ساڻس گڏجي عالادين جي ڇانوڻيءَ ۾ ويو. اتي به، ڀاڳو ڀان چنيسر کي، سومرن جو پيڙھيون بيان ڪيائين ۽ دستور موجب سُرندو وڄائي ڳايائين ته:

تو چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا،
پَڳ وڃايئي پانھنجي، پڇڻ ھليو ھئين ماءُ،
تو ۾ لڇ لھار جي، ساري عالم کي اوڳاءِ،
مون چاڙھي ڄٽ کي ڄام ڪيو، ڇا ڄائين مان منجھان.


چنيسر، ھڪدم اٿي فقير جي آجيان ڪئي ته، آءُ اسان جا سنگتا، ڀاڳو ڀلي ڪرين آئين ڀان خوش ھو دودو سومرو، خوش ھئا راڄ سندا. ڀاڳو ڀان، جي ھن ڪارگذاري مان، صاف ظاھر آھي ته، ڀاڳو ڀان پنھنجي دؤر ۾ وڏو اثر رسوخ رکندڙ فقير ھو. جڏھن عالادين جو لشڪر وڳھ ڪوٽ تي ڪاهه ڪري آيو، تڏھن دودي ڀاڳو ڀان کان سامن موڪلڻ لاءِ پڇيو ته ھن نه صرف کيس ابڙي لاءِ صلاح ڏني، پر ھو پاڻ سامون وٺي ابڙي ڏانھن ويو. ڀاڳو ڀان جو اھو ڪردار تاريخي آھي. ڀاڳو ڀان علاءُ الدين ۽ دودي جي وڏي جنگ جو اکين ڏٺو شاھد آھي. ھن نه صرف دودي جو رزمي قصو، جيڪو اسان جي تاريخ جو اھم حصو آھي، پاڻ بيان ڪيو، پر ان کي ڳايو ۽ خوب ڳايو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ڀاڳو ڀان فقير، علاءُ الدين جي جنگين کان پوءِ به جيئرو رھيو، ڇاڪاڻ ته موجوده دؤر جي ڪن سگھڙن، ڪچھرين ۾ ائين چيو ته، دودي چنيسر جي واقعي واري ڳالھ، سڀ کان پھريائين ڀاڳو ڀان فقير بيان ڪئي ۽ پوءِ اھا مشھور ٿي. ڀاڳو فقير، گهڻو پھريائين ڳالھ کي ڳائي بيان ڪيو، جنھن کان پوءِ اھا ھر جاءِ تي ھلي.” (سومرن جو دور ص نمبر 312)

اصل ۾، دودي سومري جو رزمي داستان، ٻين ڪُوپائي ڪٿائن وانگر، ڪنھن خاص شاعر جو منظوم ڪيل قصو ناھي، پر عوامي داستان آھي، جنھن کي عوام جي زبان ۾ ڀاڳو ڀان منظوم ڪيو ۽ سرندي تي ڳايو. ھو جيتوڻيڪ سومرن جي شاھي درٻار جو فرد ھو، پر ھن دودي جي شھادت کان پوءِ سومرن جي زوالَ کي جنھن اثر ڪندڙ نموني سان عوام کي ٻڌايو، تنھن کيس سنڌ ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو، جناب محرم خان لکي ٿو ته “ڀاڳو ڀان راڳ ۽ راڄنيتي جو وڏو ڄاڻو ھو. عالادين واري قيامت خيز جنگ ۾ سومرن جي سورھيائي توڙي ڀاڳو ڀٽ جو ڪردار لاثاني آھن. ڀاڳ فقير ھت “چند بردئي” جي جوڻ يا نئون روپ لڳي ٿو. دودل وير جي شان ۾ پرٿوي راج راساجي نموني تي ئي دودل راستو ڳايائين، جو ھڪ وڏو جنگي داستان آھي.(سه ماھي مھراڻ 3- 4/ 1966ع ص نمبر 140)

ڀاڳو ڀان اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻي عوامي ڪچھرين ۾ ائين ڳايو ٻڌو وڃي ٿو، جيئن منڍ ۾ ھو. ھن ڳالھ کي سُرندي تي ڳائڻ جو رواج وڌو ۽ سرندو ايجاد ڪري، قصه خواني ۽ داستان گوئيءَ کي موسيقيءَ جي ڌن ۾ آڻي، ان کي وڌيڪ ڪارائتو بڻايو، ان ڪري ئي سندس عوامي ڪردار اڄ به مڃيل مڃايل حيثيت رکي ٿو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: سنڌ جا عوامي ڪردار، ليکڪ: دادا سنڌي