ارغون خاندان
نالو | ارغون حڪمران |
---|---|
حڪومتي نظام | شهنشاهي |
بنياد وجهندڙ | شاھ بيگ ارغون |
گادي جو هنڌ | بکر |
حڪومتي علائقا | سنڌ ، افغانستان ، ترڪمانستان, |
شروع | 1520ع |
ختم | 1555 |
سرڪاري ٻولي | فارسي, (سرڪاري)
عربي,(مذهبي) ، سنڌي, هندي, سرائڪي, گجراتي |
مذهب | اسلام, سني |
ارغون ، چنگيز خان, جو اولاد آهن۔ جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ، ارغون خان, ولد هلاڪو خان, ولد طوطي خان, ولد چنگيز خان، ارغون خان جي اولاد مان مرزا شاھ بيگ, ولد امير ذوالنون, ولد حسن بصري, 924ھ مطابق 1520 ع بابر بادشاھه کان ناراض ٿي ، قندار کان سيوي ۽ گنج آم ( سبي ۽ گندا واه ) ، جي رستي ٺٽي آيو انهي وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري ، مٿس فتح حاصل ڪيائين ، ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ت لڪ علوي ( لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ، ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو ، مگر مير علي اڪبر ارغون, هن جو معون هوندو ، انهي معاهدي موجب مرزا شاھ بيگ ارغون - مير عليڪم ارغون - سلطان مقيم بيگلار, ۽ ڪبيڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد ، پاڻ بکر, ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان, ولد مير فضل خان ، ڪوڪشاهن کي جو اڃا پندرهن سالن جو هو ۔ حاڪم مقرر ڪيائين ، بکر جو قلعو کيس پسند آيو ، ۽ رضوي ، ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي ، جي گهڻي عرصي تائين اتي رهندا هئا ۔ روهڙي ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين.
تاريخ
[سنواريو]حڪمران
[سنواريو]ارغون دور جا اهم شاعر
[سنواريو]1۔ قاضي قاضن ( 1463 -1555)
2۔ سيد علي ثاني ٺٽوي (1486 - 1573)
3۔ راڄيو ستيو دل ( وفات 1569 ڌاري)
5۔ شيخ لاڏجيو ( 1523 - 1598)
6۔ جرڪس فقير
7 شيخ حلو
8 مخدوم نوح (1506 - 1590)
ارغون دور جو ادبي جائزو
[سنواريو]1۔ هي دور فارسي زبان, جي تسلط جو دور آهي ، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي جو ب استحصال ٿيو ۔ فارسي سرڪاري دفتر ، انتظامي ڪاروبار ، خط و ڪتابت ، تعليم ۽ تصنيف ، ادب ۽ شاعري جي زبان بڻجي وئي ۔ فارسي جي ايتري اثر هئڻ باوجود ب ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻولي ۾ اعليٰ درجي جي شاعري ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.
2۔ هن دور ۾ رومانوي داستانن کي تمشيل طور استعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو۔
3۔ بيت, ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ڇهن سٽن تائين پهچي ويو۔
4۔ انهن ڏينهن ۾ ڪافي سنڌي شاعري ۾ عام مقبول صنف هئي ، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ وائي چيو ويندو هو ، وائي جا ڪي باقاعده نمونا ت ن ملي سگهيا آهن ۔ پر آخري دور جي آخري شاعر شاھ عنايت رضوي جي رسالي ۾ وائي جا ڪجهه نمونا ملن ٿا۔
5۔ هن دور ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر و فراق ب سنڌي سنڌي شاعري جا موضوع هئا ، ان کان سواء ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو ب عڪس ملي ٿو۔
6۔ سماع جون محفلون ب ٿينديون هيون ، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا .
7۔ بيت ۾ وراڻ ۽ تڪرار جا اهڃاڻ ب ملن ٿا۔
8۔ مذهبي شاعري ب ڪئي وئي ، جنهن جو سٽاء گهڻو ڪري الف - اشباع تي ٻڌل هو۔
9۔ سنڌي ٻولي پنهنجي نج صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي ، شاھ عبدالڪريم جي شاعري "ٺيٽ سنڌي" جو اعليٰ مثال آهي۔
10۔ هن دور جي ڪافي شاعري ۾ "ترڪ دنيا" "فنا ۽ بقا" جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي ، ان کان علاوه هن دور جي شاعري تي مايوسي ۽ نااميدي جو ب ڪافي اثر آهي ۔ عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ، ت ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي۔
ارغون دور ۾ سنڌي ادب
[سنواريو]- هن دور ۾ ڪافين جي ڳائڻ ۽ چوڻ جو رواج پيو۔
- هن دور سان وابستا تحريري ادب جو دور شروع ٿيو۔
- هن دور ۾ سنڌي ۽ فارسي جو تعلق وڌيو۔
- هن دور جي شاعري ۾ ڪيترائي لفظ ۽ فقرا گروگرنٿ جاسنڌي ۾ ملن ٿا۔
- سنڌي ادب ۾ روايتي ادب جو اضافو ٿيو۔
- بيت جي سٽن ۾ سيد علي ثاني ٺٽوي اضافو آندو۔
- هن دور ۾ ملڪي واڳون ڏيهي حڪمرانن کان ڦري پرڏيهي حڪمرانن جي هٿ ۾ آيون ان جو ردعمل شاعري ۾ ملي ٿو۔
- هن دور ۾ نثر جا ب ڪيترائي اهڃان ملن ٿا۔
ارغون دور تي تبصرو
[سنواريو]پڻ ڏسندا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]1 سنڌي ادب جي مختصر تاريخ - عبدالجبار جوڻيجو
2۔ تاريخي معصومي - مير معصوم شاھ
3 تاريخ طاهري - محمد طاهر حسين
ھي هِيءُ مَضِمُونُ سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |