چنگيز خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وسط ايشيا جا مغل حڪمران
چنگيز خان
چنگيز خان 
جوجي خان 
تولي خان 
اوڪتائي خان 
چغتائي خان 
هلاڪو خان
قراچار نوئيان
امير تيمور
امير تيمور 
امير جلال الدين ميران شاهه 
امير زادو عمر شيخ 
شاهه رخ تيموري 
پير محمد بن جهانگير بن امير تيمور 
خليل سلطان 
الغ بيگ 
مرزا ابو سعيد بن سلطان محمد بن ميران شاهه بن امير تیمور 

جنم[سنواريو]

چينگيز خان جو جنم 1162ع تي منگول سردار ۔ آنان درياه جي علائقي ۾ ٿيو۔ اصلي نالو تموجن هيس، جنهن جو مطلب آهي ”لوهه جو ڪم ڪرڻ وارو“ ۔

شروعاتي زندگي[سنواريو]

1175ع ۾ تيرنهن سالن جي عمر ۾ هن جي پيء هن جي شادي ڪرائي چڏي، جيئين ته هو شروع کان ئي -a\e شاهاڻe مزاج جو مرد هيو, ان جي ڪري ان ئي سال تخت سنڀاليائين۔

چنگيز خان جو لقب[سنواريو]

جڏهن 1175ع ۾ هو پنهنجي قبيليجو سردار ٿيو ته ٻين قبيلن سان هن جي ناچاقي شروع ٿي وئي. هن سڀني قبيلن ۽ حلقن کي پنهنجي هيٺان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ڇو ته ان وقت منگوليا ۾ ڪافي قبيلن جي حڪومت هئي۔صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوء هن سڀني سردارن کي گڏ ڪيو ملي ڪري ٻين علائقن کي فتح ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو۔ هن مشوري کانپوء هو مشهور ٿي ويو ۽ ٻين سڀني سردارن گڏيل طور تي پنهنجو سردار مڃيو ۽ آنان درياه جي ويجھو هڪ مجلس ۾ هن کي چنگيز خان جو لقب ڏنو ويو. چنگيز جي معنا هئي . سردارن جو سردار هن ٻاروتڻ ۾ ئي پنهنجي هڪڙي ويڳي ڀاءِ کي ماري وڌو هو . ڇو جو انهي هن جي هڪڙي مڇي چوري ڪئي هئي. [1]

چنگيز خان جو وهانءُ[سنواريو]

چنگيز خان جي ماءِ ڏاڍي سهڻي هئي. هن جي پيءِ به هن جي ماءِ کي سندس وهانءَ واري ڏينهن ئي پاڙيسري قبيلي مان زوري کڻي آيو هو. عشق چنگيز خان ان نموني سان ئي ڪيو . جئين هن جي پيءَ ڪيو هو. هي ٻئي پيءِ پٽ ڪنهن جي خيمي ۾ مهمان ٿيا. اتي هن هڪڙي ڇوڪري ڏٺي. چينگيز خان اوڏي محل چئي ڏنو ته ڇا آئون هن سان شادي ڪري سگهان ٿو، ڇوڪري جي پيءِ ورندي ڏني هي اڃان ننڍي آهي. چنگيز چيو هي جڏهن وڏي ٿيندي ته واهه جي سهڻي ٿيندي. تڏهن اها ڇوڪري اڃان نئون سالن جي هئي. پوءِ اڳتي هلي هن انهي ڇوڪري سان شادي به ڪئي. [2]

چين تي ڪاهه[سنواريو]

هن 1210ع تي چين تي ڪاهه ڪري ڏني . اهو سال جانورن جي جنتري جي حساب سان بگهڙ جو سال هو. هن چين جي ديوار ٽپي چين کي فتح ڪيو. [1]

چنگيز خان جو قانون چنگيز جو قانون ”ياسا“ سڄي ترڪ ايمپائر جو قانون هو . هن ان زماني ۾ آدم ڳڻپ (آدمشماري) به ڪرائي هئي. [1]

منگول سلطنت[سنواريو]

چنگيز خان باقائدا طور تي منگول سلطنت کي هڪ مضبوط سلطنت جي طور تي متعارف ڪرايو،منگول سلطنت جي فوج جي نئين تنظيم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ادارن کي به مضبوط ڪيو۔ هن فوج جي تنظيم جا جيڪي اصول مقرر ڪيا اهي صدين تائين فوجي ماهر جي مشعل راه جو ڪم ڏيندا رهيا. هن چين کي ٻه دفعا تارج ڪيو ۽ 18۔1214ع ۾  ٻن چيني  رياستن هيا ڪن تي قبضو ڪري ورتو.

دنيا کي فتح ڪرڻ جو خبت[سنواريو]

1219ع هن جا ڪجهه سفير، جيڪي مختلف ملڪن ۾ موڪليا ويا هئا، قتل ٿي ويا۔ هن واقعي هن کي دنيا کي فتح ڪرڻ  تي اڀاريو۔ هن ئي سال هن اتر چين ۽ افغان سرحد جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ بخارا ۽ مرو جا علائقن کي لٽيو ۽ هرات تي قبضو ڪيو۔ ان کان پوء ترڪي ۽ ڏکڻ اوڀر جي يورپي ملڪن جو رخ ڪيو۔ هن جي فوجن ڏکڻ روس ۽ اتر هندستان تائين ڪاهه ڪئي. لالدين خورزم لڪندو اچي درياءِ سنڌ تائين پهتو، پٺيان چنگيز خان به سنڌ تائين پهچي ويو.

ديهانت[سنواريو]

1227ع ۾ چين تي ٽين حملي جي دوران چنگيز خان ديهانت ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 روزآني ڪاوش، سنڊي ميگزين، 21 آگسٽ، 2017ع
  2. روزآني ڪاوش، سنڊي ميگزين، ليکڪ خالد ڪنڀار، 21 آگسٽ، 2017ع