واپرائيندڙ:Mukhtiaraliunar/مشق پٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ٽيڪساس (Texas)[سنواريو]

سانچو:Infobox U.S. state

آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست جيڪا آباديءَ توڙي پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ لوئيزانيا(Louisiana), اتر اوڀر ۾ ارڪنساس، اتر ۾ اوڪلاھوما، ۽ اولھ ۾ نيو ميڪسيڪو رياستن سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ھن رياست جون سرحدون ميڪسيڪو سان وڃي ملن ٿيون. ميڪسيڪو نار (Gulf of Mexico) ھن جي ڏکڻ ۾ موجود آھي.

ھوسٽن (Houston) ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ سان انتونيو (San Antonio) ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. آسٽن (Auston)ھن رياست جي گاديءَ ھو ھنڌ آھي. ٽيڪساس اصل ۾ اصلوڪن آمريڪين (شيدين) جي ڪيڊو (Caddo) ٻوليءَ جي لفظ ”ٽيشا“ (Taysha)مان ورتل آجي جنھن جي معنيٰ آھي ”دوست“.

اسپين يورپ جو پھريون ملڪ ھو جنھن ٽيڪساس واري علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. فرانس بہ ٿوري عرصي تائين ھتان جي ڪجھ علائقن تي قابض رھيو. 1836ع تائين ھي علائقو ميڪسيڪو حڪومت جو حصو رھيو. 1845ع ۾ ھن کي آمريڪا جي 20 رياست بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مختلف قومن جي تسلط ۽ خانہ جنگين سببان ڪافي عرصي تائين ھيءَ رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندي رھي. البت ٻي عالمگير کان اڳ چوپايو مال، ڪپھ، ڪاٺ ۽ تيل ھتان جي معيشيت کي ھٿي وٺائڻ جا مکيہ ڪارڻ رھيا. آمريڪا جي گھروويڙھ (Civil War) کان اڳ ۽پوءِ چوپايو مال ھتان جي سڀ کان اھم صنعت ھئي البت 19ھين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪپھ جي پيداوار ۽ ڪاٺ ھتان جي معيشيت ۾ ڪرنگھي جي ھڏي واري حيثيت حاصل ڪري ورتي. اڳتي ھلي جڏھن ھتان تيل جا ذخيرا ھٿ آيا تہ ھن رياست جي خوشحاليءَ کي چار چنڊ لڳي ويا ءَ اھڙيءَ ريت ويھين صديءَ ۾ ھن رياست ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جون نيون منزلون ماڻيون. ويھين صديءَ جي وچ ڌاري ھتي صنعتن جو ڄار پکڙجي ويو. ھن وقت ھيء رياست سياحت، زراعت، پيٽرول ۽ ڪيميائي شينن جي صنعتن (Petrochemicals)، ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس، ھوابازي، جيو طب (Biomedical) ۽ ٻين اھم شعبن ۾ آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن کان گوءِ کڻي وئي آھي.