مواد ڏانھن هلو

ميسا، ايريزونا

ميسا، ايريزونا
شھر
ڊائون ٽائون ۾ ميسا جو آرٽس سينٽر
ڊائون ٽائون ۾ ميسا جو آرٽس سينٽر
Banner of ميسا، ايريزونا
Banner
Logo of the City of Mesa
Logo
ميسا جي سيريزونا جي ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ بيھڪ
ميسا جي سيريزونا جي ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ بيھڪ
Mesa is located in آمريڪا جون گڏيل رياستون
Mesa
Mesa
آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ بيھڪ
Coordinates: 33°25′20″N 111°49′22″W / 33.42222°N 111.82278°W / 33.42222; -111.82278[1]
ملڪUnited States
رياستايريزونا
ڪائونٽيميريڪوپا
بنياد پيو1878ع
حڪومت
• طرزميئر ڪائونسل گورنمينٽ
ايراضي
• ڪل139.42 چورس ميل (361.09 چورس ڪلوميٽر)
• زمين138.80 چورس ميل (359.48 چورس ڪلوميٽر)
• پاڻي0.63 چورس ميل (1.62 چورس ڪلوميٽر)
آبادي
 (2020)
• ڪل504258
• درجو37th in the United States
3rd in Arizona
• ڪثافت1402.76 في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC−7 (MST (no DST))
پوسٽل ڪوڊ
85200-85299
ڊائلنگ ڪوڍ480 602
FIPS code04-46000
GNIS feature ID7890[1]
ويب سائيٽwww.mesaaz.gov

ميسا (انگريزي Mesa) آمريڪا جي رياست ايريزونا جو ھڪ شھر آھي. ميريڪوپا(Mericopa) ڪائونٽي ۾ آباد ھي شھر فينڪس ميٽروپوليٽن ايريا (Phoenix Metropolitan Area) جي اوڀر پاسي واري ماٿريءَ جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي[3]. ھن جي اولھ ۾ ٽيمپي، اتر ۾ اصلوڪن آمريڪين جو سالٽ ندي پيما ميريڪوپا ( Salt River Pima-Maricopa Indian Community) وارو علائقو، ڏکڻ ۾ چينڊلر ۽ گلبرٽ ۽ اوڀر ۾ ڪوئين ڪريڪ (َQueen Creek) ۽ اپاچي جنڪشن (Apache Junction) آباد آھن.

ھي فينڪس ۽ توسان کان پوءِ آباديءَ جي لحاظ کان ايريزونا رياست جو ٽيون وڏو شھر ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو 37ھون وڏو شھر آھي. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو اھو واحد شھر آھي جيڪو ڪنھن ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ ناھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 504,258 آھي.

ھن شھر ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تعليمي ادارا موجود آھن جن ۾ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جو پوليٽيڪنڪ ڪئمپس، اي ٽي اسٽل يونيورسٽي (A.T. Still University)، اپر آئوٽا يونيورسٽي (Upper Iowa University)، ميسا ڪميونٽي ڪاليج، چينڊلر گلبرٽ ڪميونٽي ڪاليج، ايريزونا ڪاليج، ڪيرنگٽن ڪاليج، ڊيوري يونيورسٽي (DeVry University)، پيما ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا ادارا شامل آھن[4]. انھن ادارن ۾ چاليھن ھزارن کان مٿي شاگرد علم جي اڃ اجھائن ٿا. شھر جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ فينڪس ميسا گيٽوي ھوائي اڏو موجود آھي. ان کان علاوھ ھتي ھڪ رليف ھوائي اڏو (Relief Airport) پڻ موجود آھي.

تاريخ ۽ موجودھ شھر

[سنواريو]

ميسا جي تاريخ گھٽ ۾ گھٽ 2000 سال پراڻي آھي. ھن علائقي ۾ ھوھوڪام (Hohokam) نالي اصلوڪن آمريڪين جو ھڪ قبيلو آباد ھو. انھيءَ قبيلي جي ماڻھن واھ کوٽي ھن علائقي جي زمينن کي زرخيز بنائي پوکيءَ جي لائق بنايو. سندن کوٽيل واھ ان زماني ۾ آمريڪا جا ڊگھي ۾ ڊگھا واھ ھئا. انھن مان ڪجهه واھن جا منڍ 27 ميٽر ويڪرا ۽ 3 ميٽر اونھا ھئا. ڪجهه واھن جي ڊيگھ 26 ڪلوميٽرھئي. 1100ع ۾ انھن واھن وسيلي ھتان جي 110،000 ايڪڙ ريگستاني زمين کي پوکيءَ جي لائق بنايو ويو. 1450ع ڌاري ھوھوڪام قبيلي وارن اھڙا سوين واھ کوٽي ورتا ھئا جن مان ڪجهه اڄ تائين موجود آھن[5].

ھوھوڪام قبيلي جا ماڻھو ھي علائقو ڇو ڇڏي ويا ۽ ھتي پھريائين ڪھڙا يورپي اچي آباد ٿيا انھيءَ باري ۾ پڪ سان ڪجهه نٿو چئي سگھجي. اوڻويھين صديءَ جي اّخر ڌاري ھتي اپاچي (Apache) قبيلي جي اصلوڪن آمريڪين جي ٻيھر آبادڪاري ڪئي وئي[6]. 1877ع ۾ يوٽاھ جو ھڪ مالدار پادري ڊينئل ويبسٽر جونس (Daniel Webster Jones) پنھنجي ساٿين سان گڏ موجودھ ميسا جي اترين علائقي ۾ اچي آباد ٿيو. ھن علائقي تي ھنن پھريائين فورٽ يوٽاھ (Jonesville) ۽ پوءِ جونسول (Fort Utah) نالو رکيو. 1883ع ۾ ھن وسنديءَ کي ليھي (Lehi) سڏيو ويو[7]. ان کان پوءِ ھتي ٻيا بہ ڪيترائي يورپي ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي آباد ٿيڻ لڳا. ھنن ھتان جي پراڻن واھن جي ٻيھر کوٽائي ڪرائي ۽ ھتان جي زمينن ۽ ملڪيتن جا مالڪ بنجي ويا. 17 جولاءِ 1878ع تي 2.6 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ کي ميسا ٽائون طور رجسٽر ڪيو ويو. 1883ع ۾ ھن ٽائون جي آبادي فقط 300 ماڻھن تي مشتمل ھئي. ويھين صديءَ ۾ ھتي ڪيتريون ئي صنعتون قائم ٿيون ۽ ھن ننڍڙي ٽائون ھڪ وڏي شھر جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. موجودھ ميسا شھر اولھ کان اوڀر تائين 344.8 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦھليل آھي ۽ جاگرافيائي طو ٻن حصن ۾ ورھايل آھي جن مان ھڪ کي اولھ ميسا ۽ ٻئي کي اوڀر ميسا سڏيو وڃي ٿو.

موجودھ شھر ۾ ڪيترائي پارڪ، پبلڪ لائبرريون، عجائب گھر ۽ ٻيون دلچسپيءَ جون جايون موجود آھن. موجودھ شھر جون حدون فينڪس، ٽيمپي ۽ چينڊلر سان ايئن ملي ويون آھن جيئن سنڌ ۾ حيدرآباد، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جا علائقا پاڻ ۾ ملي ويا آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "gnis".
  2. "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. October 29, 2021 تي حاصل ڪيل.
  3. "How to Tell If You Live in the Suburbs". Bloomberg News.
  4. "Higher Education Institutionsː City of Mesa". www.selectmesa.com. 2022-04-03 تي حاصل ڪيل.
  5. "Mesa Histroy - Hohokam". web.archive.org. 2012-03-07. 2022-04-03 تي حاصل ڪيل.
  6. "Battle With The Apache, 1872". www.eyewitnesstohistory.com. 2022-04-03 تي حاصل ڪيل.
  7. "page 426". contentdm.lib.byu.edu. 2022-04-03 تي حاصل ڪيل.