مارگريٽ ٿيچر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مارگريٽ ٿيچر
half-length portrait of Margaret Thatcher
برطانيہ جي وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
4 مئي 1979 – 28 نومبر 1990
شاهي حڪمران راڻي ايلزبيٿ ثاني
ڊپٽي سر جيوفري ھوو (Sir Geoffrey Howe)
پيشرو جيمس ڪيليگھن (James Callaghan)
جانشين جان ميجر
مخالف ڌر جي سرواڻ
عهدو سنڀاليو
11 فيبروري 1975 – 4 مئي 1979
شاهي حڪمران [[راڻي ايلزبيٿ ثاني]
وزير اعظم
پيشرو Edward Heath
جانشين James Callaghan
ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي سرواڻ
عهدو سنڀاليو
11 فيبروري 1975 – 28 نومبر 1990
ڊپٽي The Viscount Whitelaw
پيشرو ايڊورڊ ھيٿ (Edward Heath)
جانشين جان ميجر
ذاتي تفصيل
پيدائش مارگريٽ ھلدا رابرٽس
13 آڪٽوبر 1925(1925-10-13)
گرانٿم، لنڪونشائر, انگلينڊ
وفات 8 اپريل 2013 (عمر 87 سال)
ويسٽ منسٽر، لنڊن, انگلينڊ
آخري آرامگاهه Royal Hospital Chelsea
51°29′15″N 0°09′30″W / 51.4874°N 0.1582°W / 51.4874; -0.1582
سياسي جماعت ڪنزرويٽو پارٽي
جيون ساٿي ڊينس ٿيچر (ش. 13 ڊسمبر 1951; و. 26 جون 2003)
ٻار ٻچا
ماءُپيءُ الفريڊ رابرٽس (والد)
تعليم
Kesteven and Grantham Girls' School
مادر علمي
ڪرت


مارگريٽ ھلدا ٿيچر يا بارونيس ٿيچر (انگريزي ٻولي: Margaret Thatcher) (جنم: 13 آڪٽوبر 1925ع ــ وفات: 08 اپريل 2013ع)، برطانيہ جي ڪنزرويٽو پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ وزيراعظم (1979ع ــ 1990ع)، يورپ جي پھرين خاتون وزيراعظم. ويھين صديءَ ۾ برطانيہ جي واحد شخصيت جنھن کي لاڳيتو ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. 1827ع کان پوءِ ھوءَ برطانيہ جي سڀ کان ڊگھي عرصي تائين وزيراعظم رھي. ھن پنھنجي ملڪ جي معيشيت کي مضبوط بنايو ۽ سندس شمار برطانيہ جي انتھائي ڪامياب ۽ ساک وارن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو[1][2].

ننڍپڻ[سنواريو]

مارگريٽ ٿيچر جو جنم انگلينڊ جي شھر گرانٿم ۾ ٿيو[3]. سندس والد الفريڊ رابرٽس ھڪ دڪاندار ھو جيڪو اڳتي ھلي پنھنجي شھر جو ميئر بنيو. ھن کي ننڍپڻ کان ئي سياست جو شوق ھو. ھن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ڪيميسٽريءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪنزرويٽو ائسوسيئيشن جي پھرين خاتون صدر بني[4]. 1947ع ۾ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ چار سال ھڪ ڪيميائي محقق طور ڪم ڪيائين. انھيءَ دوران ھوءَ وڪالت جو اڀياس ڪندي رھي ۽ 1954ع ۾ وڪالت جي پريڪٽس ڪرڻ لڳي. 1951ع ۾ ھن جي شادي ڊينس ٿيچر سان ٿي. 1953ع ۾ کيس جاڙا ٻار ڄاوا جن مان ھڪ ڇوڪرو ۽ ھڪ ڇوڪري ھئي. ھن پھريون ڀيرو 1954ع ۾ پارليامينٽري چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪامياب نہ ٿي سگھي البت 1959ع وارين چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان چونڊ کٽيائين[5]. برطانيہ جي پارليامينٽ اندر ھن تمام ٿوري عرصي اندر پنھنجو پاڻ مڃرائي ورتو. 1961ع کان 1964ع تائين پارليامينٽري سيڪريٽري، 1969ع کان 1970ع تائين سائنس ۽ تعليمي معاملن بابت مخالف ڌر جي اسپوڪس مين، ۽ 1970ع کان 1974ع تائين سائنس ۽ تعليم جي سيڪريٽري رھي. 1975ع ۾ کيس ڪنزرويٽو پارٽيءَ جو اڳواڻ چونڊيو ويو[6].

بطور وزيراعظم[سنواريو]

1979ع ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ چونڊون کٽيون ۽ مارگريٽ ٿيچر ملڪ جي وزيراعظم بڻي. وزيراعظم طور ھن سرڪاري ادارن کي خانگائڻ ۽ ملڪ جي معاشي ادارن ۾ سرڪاري ادارن جي مداخلت گھٽائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي[7]. ھوءَ جڏھن وزيراعظم بڻي تڏھن ملڪ جي معيشيت انتھائي ڪمروز ٿي چڪي ھئي. انھيءَ کي ھٿي وٺائڻ لاءِ ھن مختلف ڪاروباري ادارن کي ڏنل ڇوٽ ۽ ٻيون رعايتون ختم ڪيون[8]. اھي قدم کڻڻ سان ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ ڪجهه بھتري آئي پر بيروزگاريءَ جي شرح لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿي وئي. ھن جي وزيراعظم طور پھرئين ٽينيوئر جي پڄاڻيءَ تائين ملڪ ۾ بيروزگار ماڻھن جي تعداد ۾ 3 ملين جو واڌارو آيو. شايد ھوءَ ٻيو ڀيرو چونڊون نہ کٽي سگھي ھا پر مخالف ڌر جي جاعت ليبر پارٽي جي اندروني اختلافن ۽ ارجنٽائن ۽ برطانيہ وچ ۾ فاڪلينڊ ٻيٽن جي مسئلي تي ٿيل جنگ سبب ھن جي پارٽي ھڪ ڀيرو ٻيھر وڏي اڪثريت ماڻي ورتي ۽ مارگريٽ ٻيھر ملڪ جي وزيراعظم طور ملڪ جون واڳون سنڀاليون.

ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ شرط ھن ملڪ ۾ ھڙتالون ڪرائيندڙ ٽولن جا اختيار گھٽائڻ لاءِ عملي قدم کنيا[9]. مختلف ادارن جي ٽريڊ يونين پاران ٿيل ھڙتالن سبب 79-1978ع ۾ ملڪ جو ڪاروھنوار سخت متاثر ٿيو ھو. ھن زبردستي دوڪان بند ڪرائڻ، ميمبرن جي ووٽ بنان احتجاج ڪرائڻ ۽ ھڙتالون ڪرائڻ وارن جي خلاف سخت قانون ٺاھيا. 1984ع ۾ آئرش ريپبلڪ آرميءَ پاران ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي ھلندڙ اجلاس تي بم جو حملو ڪيو ويو جنھن ۾ مارگريٽ ٿيچر ذري گھٽ موت کان بچي وئي. 1986ع ۾ ھن گريٽر لنڊن ڪائونسل کي بند ڪري ڇڏيو. ھن جي ٻئي دور ۾ برطانيہ جي معاشري ۽ طرز حڪومت ۾ وڏيون تبديليون آيون.

ھن جي ٻئي دور کي پرڏيھي پاليسين جي ڪاميابيءَ جو دور پڻ قرار ڏئي سگھجي ٿو. آمريڪا ۽ برطانيہ جا تعلقات وڌيڪ محفوظ ٿيا. ھن نيٽو ۽ برطانيہ جي نيوڪلائي پروگرام جي پرزور حمايت ڪئي ۽ سوويت يونين جي مخالفت ڪئي. آفريقا ۾ ھن زمبابوي جي آزاديءَ جي حمايت ڪئي[10]، البت ڏکڻ آفريقا جي حڪومت جي حمايت سبب کيس تنقيد جو نشانو بنايو ويو[11]. 1984ع ۾ ھن يورپي يونين جي بجيٽ کي ملندڙ برطانيہ جو حصو گھٽائي ڇڏيو. ھن يورپي يونين جي وڌندڙ سياسي اثررسوخ ۽ ھڪ سڪي (Single Currency) جي مخالفت ڪئي[12]. انھيءَ ڪري ھن جي پنھنجي پارٽي اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ ھن جي ڪابينہ جي ڪجهه وزير استعيفائون ڏئي حڪومت کان جدا ٿي ويا.

1989ع ۾ ھن پول ٽيڪس لاڳو ڪيو جنھن سبب نہ فقط ھن جي خلاف عوامي مظاھرا ٿيا بلڪ ھن جي پارٽيءَ ۾ بہ مخالفت وڌي وئي. 22 نومبر 1990ع تي ھن وزيراعظم جي عھدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

آخري سال[سنواريو]

استعيفا ڏيڻ کان پوءِ عوام ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن جي مقبوليت ڪنھن حد تائين وڌي ۽ عوام ۾ اھو احساس پيدا ٿيو تہ ھن جي حڪومت ملڪ لاءِ بھتر ھئي. 1992ع ۾ ھن برطانوي پايامينٽ کي خداحافظ چيو. ھن غريب ملڪن جي مدد لاءِ ھڪ فائونڊيشن قائم ڪئي پر اھا 2005ع ۾ بند ٿي وئي. ھن پنھنجي يادگيرين تي مشتمل ٻہ ڪتاب لکيا: ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ گذاريل سال (The Downing Street Years) ۽ اقتدار جو رستو (The Path to Power). جولاءِ 1992ع ۾ فلپ مورس ڪمپنيءَ کيس پنھنجو جيو پوليٽيڪل ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو. ھن ڪمپنيءَ طرفان ليڪچر ڏنا. ھن ڪروشيا ۽ سلووينيا جي آزاديءَ جي حمايت ڪئي ۽ بوسنيا ۾ سربيا طرفان ڪيل قتل عام جي مذمت ڪئي. 2008ع کان پوءِ ھن جي صحت خراب رھڻ لڳي. آخرڪار 8 اپريل 2013ع تي ھن جي حياتيءَ جو ڏيئو ھميشہ لاءِ اجھامي ويو[13].

حوالا[سنواريو]

  1. Page, Jason S. (2013-06-04). Boildown Study on Supernatant Liquid Retrieved from AW-106 in December 2012. http://dx.doi.org/10.2172/1082481. 
  2. Reitan, E. A. (Earl Aaron), 1925- (2003). The Thatcher revolution : Margaret Thatcher, John Major, Tony Blair, and the transformation of modern Britain, 1979-2001. Lanham, Md.: Rowman & Littlefield. ISBN 0742522024. OCLC 50006501. https://www.worldcat.org/oclc/50006501. 
  3. "Thatcher, Baroness, (Margaret Hilda Thatcher) (13 Oct. 1925–8 April 2013)". Who Was Who. Oxford University Press. doi:10.1093/ww/9780199540884.013.u37305. 
  4. Beckett (2006), pp. 20–21; Blundell (2008), p. 28
  5. Beckett, Clare (2006). The 20 British Prime Ministers of the 20th Century: Thatcher. Haus. ISBN 978-1-904950-71-4.
  6. Gaffney, John. "Margaret Thatcher and the Conservative Tradition". The Language of Political Leadership in Contemporary Britain. London: Palgrave Macmillan UK. صفحا. 148–185. ISBN 9781349118465. 
  7. Seldon, Anthony.. Britain under Thatcher. Collings, Daniel, 1978-. Harlow, England. ISBN 9781317882916. OCLC 868580236. https://www.worldcat.org/oclc/868580236. 
  8. Reitan, E. A. (Earl Aaron), 1925- (2003). The Thatcher revolution : Margaret Thatcher, John Major, Tony Blair, and the transformation of modern Britain, 1979-2001. Lanham, Md.: Rowman & Littlefield. ISBN 0742522024. OCLC 50006501. https://www.worldcat.org/oclc/50006501. 
  9. Thatcher, Margaret. (1993). The Downing Street years. London: HarperCollins. ISBN 0002550490. OCLC 29232843. https://www.worldcat.org/oclc/29232843. 
  10. Soames, Baron (1980). "From Rhodesia to Zimbabwe". International Affairs. 56 (3): 405–419. doi:10.2307/2617389. JSTOR 2617389
  11. Campbell, John, 1947-. Margaret Thatcher. London. ISBN 9781446420089. OCLC 1028224428. https://www.worldcat.org/oclc/1028224428. 
  12. Senden, Linda. (2004). Soft law in European Community law. Oxford: Hart. ISBN 1841134325. OCLC 56437178. https://www.worldcat.org/oclc/56437178. 
  13. Roberts, Margaret (2015-03-24). "Trumpets at Her Bedside". JAMA 313 (12): 1272. doi:10.1001/jama.2014.18476. ISSN 0098-7484. http://dx.doi.org/10.1001/jama.2014.18476.