بيڪانير

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بڪانير
شھر
مٿان کان: لڇمي نواس محل، جھوناڳڙھ قلعو
عرفيت: Bikana
بڪانير is located in راجسٿان
بڪانير
بڪانير
بڪانير is located in
بڪانير
بڪانير
جاگرافي بيهڪ: 28°01′00″N 73°18′43″E / 28.01667°N 73.31194°E / 28.01667; 73.31194مڪانيت: 28°01′00″N 73°18′43″E / 28.01667°N 73.31194°E / 28.01667; 73.31194
ملڪ  ڀارت
رياست راجستان
ضلعو بڪانير
شھر جو 1488ع
قيام رائو بڪا جي
حڪومت
 • مجلس ميونسپل ڪارپوريشن
پکيڙ
 • ڪل 270 ڪ.م2 (100 ميل2)
بلندي 242 ميل (794 ft)
آبادي (2011)
 • ڪل 644,406
بڪانير جو مھا راجا گنگا سنگھ (1880ع - 1943ع)
اندرا گانڌي واھ جنھن کي راجستان ڪينال بہ چيو وڃي ٿو

بڪانير (انگريزي: Bikaner (About this sound ٻُڌو)) ھندستان جي راجستان رياست جو شھر آھي[1]. ھي شھر جئپور کان اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽر (205 ميل) پري آباد آھي. ھي بڪانير ضلعي ۽ ڊويزن جو مرڪزي شھر آھي. ھي ھندستان جي انھن شھرن مان ھڪ آھي جن جو ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. بڪانير ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست ھئي، جنھن کي 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، راجستان رياست جو بنياد رکيو ويو.

ھن شھر جو بنياد 1488ع ۾ رائو بڪارجي (Rao Bikarji) وڌو[2]. 1928ع ۾ گنگا واھ ۽ 1987ع ۾ اندرا گانڌي واھ کوٽجڻ کان پوءِ ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو ۽ اڄڪلھ ھي شھر راجستان رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي. ھي شھر پنھنجي تاريخي عمارتن ۽ تاريخي يادگارن سبب راجستان ۾ ھڪ خاص حيثيت رکي ٿو.

تاريخ[سنواريو]

پندرھين صدي عيسويءَ کان اڳ بڪانير وارو علائقو ھڪ سڃو ريگستاني علائقو ھو جنھن کي جنگلاديش يا جنگل پرديش سڏيو ويندو ھو يعني اھو ديس جنھن ۾ فقط جھنگ ئي جھنگ ھجي[3]. 1488ع ۾ رائو بڪار ھي شھر ٻڌرايو. رائو بڪارجوڌپور جي باني مھاراجا جوڌا راٺوڙ جو وڏو پٽ ھو. جيتوڻيڪ ھي شھر ٿر جي ريگستان ۾ قائم ٿيو پر ھي شھر ھندستان کان وچ ايشيا ڏانھن ويندڙ تاريخي واپاري رستي تي قائم ڪيو ويو. انڪري ھتي وڻج واپار جا سٺا امڪان موجود ھئا. رائو بڪا ھندستان جي ٿر واري علائقي ۾ پنھنجي ھڪ رياست قائم ڪئي جنھن کي بڪانير رياست نالو ڏنو ويو. ھيءَ 1465ع کان وٺي 1947ع تائين ھندستان جي رياست رھي. بڪانير شھر ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 1478ع ۾ رائو بڪا ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو جيڪو ھاڻي کنڊرن ۾ بدلجي ويو آھي[4]. 30 مارچ 1949ع تي بڪانير رياست کي راجستان رياست ۾ ضم ڪيو ويو.

بڪانير شھر ۽ رياست مغلن جي دور ۾ خوشحاليءَ جي عروج تي رھي. انھيءَ دور ۾ ھن رياست جو راجا راءِ سنگھجي شھنشاھ اڪبر ۽ جھانگير جو ھڪ اھم فوجي ڪمانڊر ۽ ڀروسي وارو راجا ھو. ھن ميواڙ جي راجائن سان جنگيون ڪري ميواڙ رياست جو اڌو اڌ حصو فتح ڪري ورتو جنھن ڪري مغل بادشاھن کيس انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيو ۽ کيس گجرات ۽ برھان پور ۾ جاگيرون ڏنيون. انھن جاگيرن مان ھن تمام گھڻو ناڻو ڪمايو. ھن ھتي ھڪ نئون قلعو تعمير ڪرايو جنھن کي چنتامني درگ نالو ڏنو ويو. اھو قلعو اڄڪلھ جھونا ڳڙھ قلعي جي نالي سان مشھور آھي ۽ تعمير جي فن جو ھڪ نادر نمونو آھي[5]. ھي قلعو ھڪ اھڙي ميدان تي ٺاھيو ويو آھي جنھن جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 230 ميٽر (760 فوٽ) آھي.

مھاراجا ڪرن سنگھ جنھن ھتي 1631ع کان 1639ع تائي راڄ ڪيو، تنھن ھتي ھڪ عاليشان محل تعمير ڪرايو جيڪو ڪرن محل جي نالي سان مشھور آھي. پوءِ وارن راجائن ھن محل کي وڌيڪ سينگاريو. راجا انوپ سنگھجي ھتان جو 1669ع کان 1698ع تائين راجا جو. ھن قلعي ۽ ڪرن محل ۾ ڪافي واڌارا ڪيا. ھن پنھنجي ڪٽنب جي عورتن ۽ ٻارن لاءِ عاليشان قسم جا زنانا ڪوارٽر ٺھرايا. ھن ڪرن محل کي وڌيڪ سينگاريو ۽ ان سان گڏ ديوان عام نالي ھڪ وڏو ھال ٺھرايو جتي پنھنجي رعيت ۽ مھمانن سان ملاقاتون ڪندو ھو. راجا گج سنگھ جو راڄ 1747ع کان 1787ع تائين ھليو. ھن بہ چندرا محل جي ٻيھر مرمت ڪري ان کي خوبصورت بنايو ۽ انھيءَ محل جو نالو چندر محل رکيو. مھاراجا سورت سنگھ 1767ع کان 1818ع تائين ھتان جو راجا رھيو. ھن ديوان عام ۾ شيشي جو وڻندڙ ڪم ڪرايو ۽ ڀتين تي من موھيندڙ گلڪاري ڪرائي. ھن جھونا ڳڙھ قلعي کي مضبوط بنائڻ لاءِ بہ چڱو ناڻو خرچ ڪيو.

ارڙھين صديءَ ۾ بڪانير ۽ جوڌپور جي ٺاڪرن وچ ۾ ڪجهه اڻبڻت ٿي ۽ ساڳئي دور ۾ بڪانير جي ٺاڪرن وچ ۾ ڪجهه خانداني جھيڙا جھٽا ٿيا. انھن جھيڙن جھٽن کي انگريزي حڪومت ختم ڪيو پر 1818ع ۾ بڪانير رياست انگريز سرڪار جي ھٿ ھيٺ اچي وئي[6] ۽ ھتان جي راجائن انگريزن جي غلاميءَ ۾ پنھنجو راڄ قائم رکيو[4]. 1872ع کان 1887ع تائين راجا دنگر سنگھ جو راڄ قائم رھيو جنھن ھتي بادل محل تممير ڪرايو. انھيءَ محل جي ڀتين تي ھن وسندڙ مينھن ۽ ڪڪرن جي شاندار چترڪاري ڪرائي.

جنرل مھاراجا گنگا سنگھ 1887ع کان 1943ع تائين راڄ ڪيو. ھن کي انگريزن سرڪار پاران نائيٽ ڪمانڊر (ۡKnight Commander) جو خطاب ڏنو ويو[7]. ھو انگريزن جي امپيريل وار ڪيبينيٽ (Imperial War Cabinet) جو ميمبر ھو ۽ ھندستان جي وائسراءِ سان سٺا لاڳاپا ھئس. ھن گنگا محل ۽ درٻار ھال تعمير ڪرايا. گنگا نواس محل ۽ لالڳڙھ محل بہ ھن جي دور جون نشانيون آھن. ھن ستلج نديءَ مان گنگا واھ کوٽرائي ھتان جي زمينن کي سرسبز بنايو. ھن جو پٽ سادل سنگھ پيءَ کان پوءِ بڪانير رياست جو آخري راجا بنيو. 1949ع ۾ ھن بڪانير کي نئين ھبدستان ۾ شامل ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو. مھاراجا سادل سنگھ 1950ع ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس ڪٽنب لالڳڙھ محل جي ڪجهه حصي ۾ رھي ٿو، باقي محل کي ھڪ ثقافتي ھوٽل ۾ بدلايو ويو آھي.

سنڌ سان ڳانڍاپو[سنواريو]

سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ رهندڙ اڪثر قومون جوڌپور، جيسلمير ۽ بيڪانير سان مٽي مائٽي ۽ ثقافتي لحاظ سان ڳنڍيل آهن. جيئن راڄڙ، پنهور، مهر، سما ۽ سومرا، تنهنڪري هيءَ رياست سنڌ جي زيراثر پڻ رهندي آئي آهي ۽ اڃا تائين آمدو رفت جو سلسلو هلندڙ آهي.[4]

شاھ لطيف بہ ان جو ذڪر سر سارنگ ۾ ڪيو آهي:

ڪنين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنين بيڪانير، بُڪار

آبھوا[سنواريو]

ھي شھر ٿر جي وچ ۾ آباد آھي انڪري گرم ريسگتاني آبھوا جي اثر ھيٺ آھي. اونھاري ۾ ھتان جي گرميءَ جو درجو 280C کان 53.50C تائين پھچي سگھي ٿو. ان جي ابتڙ سياري ۾ گرميءَ جو درجو 40C- کان 23.20C ٿي سگھي ٿو. ھتي سال ۾ سراسري طور تي 260 کان 440 ملي ميٽر مينھن وسي سگھي ٿو.

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحہ سر سارنگ ۾ پنھنجي ھيٺئين مشھور بيت ۾ ھن شھر جو ذڪر ڪيو آھي:

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار

وڄون وسڻ آئيون، چڱيءَ ڀر چوڌار

ڪي اٿيون استنبول تي، ڪن مڃيا مغرب پار

ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقند سار

ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار

ڪي دھلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار

ڪن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بڪانير بڪار

ڪنين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڍار

ڪنين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولھار

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

موسم[سنواريو]

موسمي رڪارڊ : Bikaner
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 32.9
(91.2)
37.2
(99)
42.8
(109)
48.2
(118.8)
52.4
(126.3)
49.9
(121.8)
47.8
(118)
43.4
(110.1)
43.9
(111)
42.2
(108)
38.5
(101.3)
33.5
(92.3)
52.4
(126.3)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
23.0
(73.4)
25.5
(77.9)
31.8
(89.2)
38.2
(100.8)
41.7
(107.1)
41.6
(106.9)
37.8
(100)
36.6
(97.9)
36.7
(98.1)
36.2
(97.2)
30.7
(87.3)
25.3
(77.5)
33.76
(92.78)
روزاني سراسري°C (°F) 14.3
(57.7)
17.1
(62.8)
23.4
(74.1)
30.2
(86.4)
34.3
(93.7)
35.2
(95.4)
32.8
(91)
31.7
(89.1)
30.7
(87.3)
27.7
(81.9)
21.5
(70.7)
16.1
(61)
26.25
(79.26)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
5.6
(42.1)
8.8
(47.8)
15.0
(59)
22.1
(71.8)
26.8
(80.2)
28.8
(83.8)
27.7
(81.9)
26.8
(80.2)
24.7
(76.5)
19.1
(66.4)
12.1
(53.8)
6.9
(44.4)
18.7
(65.66)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−4
(25)
−2.5
(27.5)
−0.6
(30.9)
8.3
(46.9)
13.7
(56.7)
17.8
(64)
20.5
(68.9)
20.6
(69.1)
16.5
(61.7)
7.6
(45.7)
0.6
(33.1)
−2.8
(27)
−4
(25)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 5.5
(0.217)
9.1
(0.358)
8.6
(0.339)
7.2
(0.283)
26.4
(1.039)
45.7
(1.799)
108.6
(4.276)
65.7
(2.587)
36.7
(1.445)
4.8
(0.189)
0.8
(0.031)
1.4
(0.055)
320.5
(12.618)
سراسري پرسپٽيشن
جا ڏينهن
Average precipitation days
0.8 1.0 1.5 0.9 2.6 3.2 6.6 5.6 3.0 0.6 0.3 0.5 26.6
نسبتي گھم جي سراسري

(%)

49 43 34 25 27 39 58 61 52 36 40 48 42.7
Source: IMD extremes upto(2010)

بڪانير جا کاڌا[سنواريو]

بڪانير جو مشھور ناشتو ”بڪانيري ڀوڄيہ“

بڪانير پنھنجي لذيذ روايتي کاڌن جي ڪري ھندستان ۽ دنيا ۾ مشھور آھي. ھتان جو سڀ کان مشھور کاڌو بڪانيري ڀوڄيہ سڄي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل آھي. ھي ھڪ مشھور ناشتو آھي جيڪو چڻن جي اٽي، بيسڻ ۽ مختلف مصالحن کي ملائي تيار ڪيو وڃي ٿو[8]. بڪانير رياست جا اٽڪل 25 لک ماڻھو ھي کاڌو ٺاھڻ جو ڪم ڪن ٿا[9]. ھتي جا ٻيا بہ ڪيترائي کاڌا مشھور آھن جن ۾ ٻاجھريءَ جي ماني، دال باتي چُورِي، گوار، حلوو، پاپڙ، رس گلا، گلاب جامن، ڪچوري ۽ سموسا وغيرہ شامل آھن[10].

آمدورفت[سنواريو]

بڪانير ھندستان جي اتر اولھ ريلوي زون جي ھڪ اھم ريلوي اسٽيشن آھي. ھتي پھرين ريل گاڏي 9 ڊسمبر 1891ع تي ھلڻ شروع ٿي. ھتان دھلي، ممبئي، چنائي ۽ جوڌپور سميت ھندستان جي ٻين بہ ڪيترن ئي شھرن طرف ريل گاڏيءَ ذريعي سفر ڪري سگھجي ٿو. ريل سان گڏوگڏ ھي شھر روڊ رستي بہ ھندستان جي اھم شھرن سان ڳنڍيل آھي.

بڪانير کان 15 ڪلوميٽر پري ھندستان جي ھوائي فوج جي ھڪ ڇانوڻي قائم ٿيل آھي جتي ھڪ ھوائي اڏو پڻ موجود آھي. 2017ع کان ھن ھوائي اڏي تان ھندستان جي ٻين شھرن ڏانھن اڏامون شروع ڪيون ويون آھن.

تعليمي ادارا[سنواريو]

بڪانير ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا موجود آھن جن مان ھيٺيان خاص ذڪر جي لائق آھن[11]،[12]،[13]:

  • سردار پٽيل ميڊيڪل ڪاليج
  • گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪاليج
  • گورنمينٽ پوليٽيڪنيڪ ڪاليج
  • مھاراجا گنگا سنگھ يونيورسٽي
  • راجستان يونيورسٽي آف وٽنري اينڊ اينيمل سائنسز
  • سوامي ڪشوانند راجستان ايگريڪلچر يونيورسٽي
  • ماروڌر انجنيئرنگ ڪاليج
  • بڪانير ٽيڪنيڪل يونيورسٽي

اٺن جو بين الاقوامي ميلو[سنواريو]

جيئن تہ بڪانير ٿر جي علائقي ۾ واقع آھي انڪري ھتان جي ٻھراڙين ۾ اچ وڃ ۽ سامان جي رسد لاءِ اڄ بہ اٺ استعمال ڪيا وڃن ٿا. گجرات رياست وٽان گذرندر پاڪستان ھندستان جي سرحد جي چڪاس لاءِ بہ ھندستان جي فوج اٺن جو استعمال ڪري ٿي. بڪانير ۾ ھر سال اٺن جو بين الاقوامي ميلو سجايو ويندو آھي جنھن ۾ ھزارين ماڻھو شرڪت ڪندا آھن. انھيءَ ميلي ۾ اٺن کي باقاعدہ سينگاريو ويندو آھي. اٺن جي ڊوڙ ۽ رقص جا مقابلا پڻ منعقد ٿيندا آھن. اھو ميلو گھڻو ڪري جنوري مھيني ۾ ملھايو ويندو آھي[14]. ھن ميلي جون ڪجهه تصويرون اوھان ھيٺين گئلريءِ ۾ ڏسي سگھو ٿا.

گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "بيڪانير : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  2. "Bikaner Tourism: Places to Visit in Bikaner, Sightseeing Tour - Rajasthan Tourism". www.tourism.rajasthan.gov.in. حاصل ڪيل 2022-03-27. 
  3. Qanungo, Kalika Ranjan; Kānūnago, Kālikā Rañjana (1960) (en ۾). Studies in Rajput History. S. Chand. https://books.google.com/books?id=F149AAAAMAAJ&q=Jangal+desh. 
  4. 4.0 4.1 4.2 https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D9%8A%DA%AA%D8%A7%D9%86%D9%8A%D8%B1
  5. Trudy Ring, Robert M. Salkin, Paul E. Schellinger, Sharon La Boda, Noelle Watson, Christopher Hudson, Adele Hast; (1994) International Dictionary of Historic Places: Asia and Oceania; Taylor and Francis
  6. Ring, Trudy; Salkin, Robert M.; Schellinger, Paul E.; Boda, Sharon La; Watson, Noelle; Hudson, Christopher; Hast, Adele (1994) (en ۾). International Dictionary of Historic Places: Asia and Oceania. Taylor & Francis. ISBN 978-1-884964-04-6. https://books.google.com/books?id=vWLRxJEU49EC&q=Junagarh+Fort&pg=PA132. 
  7. McClenaghan, Tony (1996) (English ۾). Indian princely medals: a record of the orders, decorations, and medals of the Indian princely states. New Delhi; Hartford, Wi.: Lancer Publishers ; Spantech & Lancer. ISBN 978-1-897829-19-6. OCLC 36051619. https://www.worldcat.org/title/indian-princely-medals-a-record-of-the-orders-decorations-and-medals-of-the-indian-princely-states/oclc/36051619. 
  8. "Forbes India - Bikaji Foods: Taking The Taste Of Bikaner Global". Forbes India. حاصل ڪيل 2022-03-29. 
  9. "India Together: The whole world's bhujia, in Bikaner - 26 July 2005". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-03-29. 
  10. "राजस्थानः पकवानों का राजसी ठाठ". आज तक (ٻولي ۾ Hindi). حاصل ڪيل 2022-03-29. 
  11. Aug 9, Shoeb Khan / TNN /; 2018; Ist, 10:57. "Bikaner Technical University colleges to upload attendance register daily | Jaipur News - Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 2022-03-29. 
  12. "Bikaner university says won’t charge fee from transgender students". Hindustan Times. حاصل ڪيل 2022-03-29. 
  13. "Indian varsity awards PhD on poet's poetry". ANI News. حاصل ڪيل 2022-03-29. 
  14. "Bikaner Camel Festival 2022, Camel Fair Bikaner 2022". www.bikanercamelfestival.com. حاصل ڪيل 2022-03-29.