مواد ڏانھن هلو

تبريز

بيھڪ: 38°04′N 46°18′E / 38.067°N 46.300°E / 38.067; 46.300
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Tabriz
تبریز
شھر
مٿان کان گھڙيال جي ڪانٽن واري رخ ۾: تبريز شھر، تبريز ميونسپالٽيءَ جي عمارت، شاعرن جو يادگار، بلو مسجد، ال گولو ۽ تبريز جي بازار
عرفيت: City of Firsts
Tabriz is located in Iran
Tabriz
Tabriz
جاگرافي بيهڪ: 38°04′N 46°18′E / 38.067°N 46.300°E / 38.067; 46.300
ملڪ ايران
علائقو ريجن 3
صوبو اوڀر آذربائيجان صوبو
شھرستان تبريز
ضلعو مرڪزي
حڪومت
 • ميئر عباس رنجبار
 • سٽي ڪائونسل جو چيئرمين رسول برگي
پکيڙ
 • شھر 325 ڪ.م2 (125 ميل2)
 • شھري 512 ڪ.م2 (198 ميل2)
 • ميٽرو 1,500 ڪ.م2 (600 ميل2)
بلندي 1,351.4 ميل (4,433.7 ft)
آبادي


تبريز (انگريزي: Tabriz) ايران جي صوبي اوڀر آذربائيجان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو ڇھون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,558,693 آھي. پکيڙ جي لحاظ کان ھي شھر تھران ۽ مشھد کان پوءِ ايران جو ٽيون نمبر وڏو شھر آھي[3]. ھي شھر قورو نديءَ جي ماٿريءَ ۾ آباد آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 1350 کان 1600 ميٽر آھي. ھي شھر اونھاري ۾ پنھنجي بھترين موسم ۽ حسين قدرتي نظارن سان ڀرپور ھئڻ سبب سياحت جو وڏو مرڪز آھي. 2018ع ۾ اسلامي سھڪاري تنظيم (Organization of Islamic Cooperation) ھن شھر کي مثالي سياحت جو شھر قرار ڏنو[4]. ھٿ جي ھنرن جي بين الاقوامي تنظيم (World Crafts Counsel) 2015ع ۾ ھن شھر کي دنيا ۾ غاليچن اڻڻ جو شھر سڏيو[5].

ھي شھر اتر ايران جو ھڪ وڏو معاشي مرڪز آھي. ھتان جا گھڻا رھواسي آذربائيجاني آھن ۽ آذربائيجاني ٻولي ڳالھائين ٿا. فارسي ھن شھر ۾ ثانوي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ھتي موٽرڪارون ۽ انھن جا پرزا ٺاھڻ، سيمينٽ، ٽيڪسٽائيل، پيٽروڪيميڪل، تيل صاف ڪرڻ ۽ مشينن جا پرزا ٺاھڻ سميت ڪيتريون ئي وڏيون صنعتون قائم آھن. ھي شھر ھٿ جي ھنرن، قيمتي غاليچن ٺاھڻ ۽ زيورن ۾ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھتان جا بسڪيٽ، چاڪليٽ، مٺايون، سوپاريون ۽ لذيذ کاڌا سڄي ايران ۾ مشھور آھن. ھن شھر ۾ ايران جا ڪيترائي ساک وارا تعليمي ادارا بہ موجود آھن.

تبريز ۾ ڪيترائي تاريخي يادگار ڏسي سگھجن ٿا. ھتي ڪيتريون ئي قديم ۽ جديد عمارتون موجود آھن. تبريز جي تاريخي شاھي بازار کي يونيسڪو جو عالمي ورثي وارو ماڳ قرار ڏنو ويو آھي[6]. تاريخي طور تي ھي شھر ڪاڪاسس (Caucasus)، اوڀر انتوليہ ۽ مرڪزي ايران جو معاشي مرڪز رھيو آھي. ھي شھر ايران جي عظيم تاريخ جو ھڪ عظيم يادگار آھي. ھتي روس ۽ ايران جي وچ ۾ ٻہ جنگيون لڙيون ويون ۽ اوڻويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ روس ھن شھر ۽ علائقي تي قبضو ڪيو، پر آخرڪار روس کي ھن علائقي کي آزادي ڏيڻي پئي.

تاريخ

[سنواريو]

تبريز جي شروعاتي تاريخ زماني جي گردشن ۾ گم ٿيل آھي. شھر جي بلو مسجد جي اوڀرئين پاسي پھرين صدي قبل مسيح واري ھڪ قبرستان جا آثر مليا آھن[7]. پراڻين لکتن مان پتو پيو آھي تہ 714 ق.م ۾ ھن شھر جو نالو تارس (Tauris) يا تاروئي (Tarui) ھو ۽ ھي شھر اسوريا سلطنت جو حصو ھو[8]. ھي شھر مختلف دورن ۾ گاديءَ جو ھنڌ رھيو. اھو بہ ممڪن آھي تہ مختلف دورن ۾ ھي شھر قدرتي آفتن يا ڌارين جي ڪاھن سبب تباھ ۽ برباد ٿيو ھجي. موجودھ تبريز جو بنياد ٽي ۽ چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ساسانين وڌو يا وري شايد ستين صدي عيسويءَ ۾ پيو.

ايران ۾ اسلامي دور شروع ٿيڻ کان پوءِ ھن شھر ۾ ازد (عربي: ٱلْأَزْد) نالي يمني عربن جو ھڪ قبيلو اچي آباد ٿيو[9]. ھن ئي دور کان تبريز جي ترقيءَ جو سلسلو شروع ٿيو. اسلامي جاگرافيءِ جي ماھر ياقوت الحموي الرومي مطابق عربن جي اچڻ کان اڳ تبريز ھڪ ڳوٺ ھو. اٺين صديءَ جي اخر ۾ ھتي ھڪ ھولناڪ زلزلو آيو جنھن شھر کي گھڻو نقصان پھچايو. 791ع ۾ عباسي خليفي ھارون الرشيد جي گھر واري زبيدھ ھن شھرجي ٻيھر آبادڪاريءَ ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪيو، ان ڪري کيس ھن شھر جي بنياد وجھندڙن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو[10]. 1208ع رمضان جي مھيني ۾ جارجيا جي بادشاھ حملو ڪري ھن شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ آباد اٽڪل 12000 مسلم[11]انن کي شھيد ڪري ڇڏيو[12]. اڳتي ھلي ھي شھر منگولن جي ھٿ ھيٺ آيو. ھلاڪو خان جي پٽ اباقا خان (1232ع - 1282ع) تبريز کي پنھنجي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. سندس پونئر غازان خان ھن شھر کي پنھنجي عظيم سلطنت جو خاص انتظامي مرڪز بنايو. غازان خان جي دور ۾ ھن شھر وڏي ترقي ڪئي. شھر جي چوڌاري حفاظتي ڀت جوڙائي وئي ۽ ڪيتريون ئي عمارتون تعمير ٿيون ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا. قديم ريشم شاھراھ کان ايندڙ واپاري قافلن لاءِ مسافرخانا ٺھرايا [13]ا. تيرھين صدي عيسويءَ ۾ ڪيترن ئي يورپي سياحن ھن شھر جو دورو ڪيو ۽ ھنن ھن شھر جي عاليشان عمارتن ۽ آسودگيءَ جي تعريف ڪئي آھي[14].

مشھور سياح مارڪو پولو ريشم شاھراھ تي سفر ڪندي 1275ع ۾ تبريز پھتو ھو. ھو لکي ٿو تہ، ”ھي ھڪ شاندار شھر آھي جنھن جي چوڌاري سھڻا ۽ من کي موھيندڙ باغ آھن. ھي اھڙي ھنڌ قائم آھي جتي مختلف علائقن مان سامان آسانيءَ سان رسائي سگھجي ٿو“[15]. ھي شھر 1375ع کان 1555ع تائين مختلف بادشاھتن جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 1585ع کان 1603ع تائين ھي شھر عثماني حڪمرانن جي قبضي ۾ رھيو. ان بعد ھي شھر صفوي گھراڻي جي بادشاھ عباس اول جي حڪمرانيءَ جو حصو بنيو. 1635ع ۾ عثماني سلطنت جي بادشاھ مراد ڇوٿين ھن شھر تي قبضو ڪيو پر 1639ع ۾ ھڪ معاھدي تحت ھن شھر کي ٻيھر صفوي گھراڻي جي حوالي ڪيو ويو.

1721ع ۾ ھتي ھڪ موتمار زلزلو آيو جنھن ۾ ھتان جا اٽڪل اسي ھزار رھواسي اجل جو شڪار ٿي ويا. 25-1724ع ۾ عثماني فوج ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن شھر تي حملو ڪيو ۽ اٽڪل ٻہ لک ماڻھو ماري ڇڏيا پر ايراني فوج عثمانين کان شھر جو قبضو ڇڏائي ورتو. ان ئي دور ۾ وبائي مرضن ۾ مبتلا ٿي ھتان جا ھزارين ماڻھو موت جو شڪار ٿي ويا. 1780ع ٻيو خطرناڪ زلزلو آيو جنھن ۾ اٽڪل ٻہ لک ماڻھو پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ شھر جي آبادي فقط ٽيھ ھزار کن وڃي بچي[16].

ارڙھين صديءَ جي آخر ۾ تبريز انتظامي طور مختلف ضلعن ۾ ورھائجي ويو ھو. مختلف خاندانن جي بااثر ماڻھن کي انھن ضلعن جي حڪمراني سونپي وئي ھئي. اھو خانداني حڪومت جو سلسلو 1799ع ۾ ختم ٿيو جڏھن قجار گھراڻي جو شھزادو عباس مرزا ھن شھر جو گورنر مقرر ٿيو. قجار گھراڻي جي حڪومت دوران سلطنت جا وليعھد ھن شھر ۽ صوبي ۾ گورنر طور ڪم ڪندا ھئا. قجار دور ۾ ايران ۽ روس جي وچ ۾ جنگيون لڳيون ۽ ڪجهه عرصي تائين ھن شھر تي روس جو قبضو بہ رھيو. روس جي واپسيءَ کان پوءِ عباس مرزا شھر جي ٻيھر آبادڪاري ۽ ترقيءَ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا. ھن شھر ۾ ٽپال جو سرشتو متعارف ڪرايو ۽ فوجي سڏارا آندا. ھن جي دور ۾ ڪيتريون ئي اھم صنعتون بہ قائم ٿيون[17].

1905ع ۽ 1911ع جي وچ وارن سالن دوران ايران ۾ آئيني سڌارن لاءِ زبردست تحريڪ ھلائي وئي. انھيءَ تحريڪ ۾ تبريز جي رھواسين بہ ڀرپور حصو ورتو. ھتان جي ترقي پسند اڳواڻن ستار خان ۽ باقر خان بادشاھت جي خلاف جدوجھد ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. انھيءَ ئي جدوجھد جي نتيجي ۾ ايران ۾ آئين ٺھيو ۽ پارليامينٽ جو قيام عمل ۾ آيو. 1909ع کان 1917ع وارن سالن دوران ھي شھر ۽ علائقو روسي فوجن جي عتاب ھيٺ رھيو. پھرين علامگير جنگ ۾ ايران غيرجانبدار رھڻ جو اعلان ڪيو پر تبريز سوڌو ايران جي اترين علائقن تي روس جو غلبو رھيو. پھرين عالمگير جنگ کان پوءِ برگيڊئر جنرل رضا شاھ پنھنجي پاڻ کي ايران جو بادشاھ بنائڻ جو اعلان ڪيو. ھن ملڪ کي ھڪ قوم ۽ ھڪ ئي ثقافت اختيار ڪرڻ جو نعرو ڏنو. نتيجي طور ھن تبريز جي مقامي ٻولي، تھذيب ۽ ثقافت تي پابندي مڙھي ڇڏي.

ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ روس جي حمايت سان اتر اولھ ايران ۾ آذربائيجان عوامي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو ۽ تبريز کي انھيءَ حڪوت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. جعفر پيشہ وري کي انھيءَ حڪومت جو سربراھ بنايو ويو. اھا حڪومت فقط ھڪ سال ھلي سگھي ۽ ھي علائقو ٻيھر ايران جو حصو ٿي ويو. 1950ع کان 1970 واري ڏھاڪي تائين تبريز ۾ ڪيتريون ئي نيون صنعتون کليون، روزگار جا ذريعا وڌيا ان ڪري ھتان جي آباديءَ ۾ چڱو واڌارو آيو. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ايران عراق جنگ سبب ترقيءَ جي رفتار ڪجهه جهڪي ٿي وئي پر انھيءَ جنگ کان پوءِ ھي شھر ٻيھر ترقيءَ جي راھن تي گامزن آھي.

آبھوا

[سنواريو]

ھن شھر جي موسم ڪنھن حد تائين ٿڌي ۽ نيم ريگستاني آھي. سراسري طور تي سال ۾ 320 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو ۽ سياري جي موسم ۾ برفباري ٿئي ٿي. بھار ۾ تمام خوشگوار موسم ھوندي آھي جڏھن تہ اونھارو نيم گرم ۽ خشڪ رھندو آھي. سرءُ جي موسم گھڻو ڪري مينھوڳيءَ واري ھوندي آھي. ھتان جو ساليانو سراسري گرميءَ جو درجو 12.60C (54.70F) رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

موسمي رڪارڊ : Tabriz (1951–2010, extremes 1951–2010)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 16.0
(60.8)
19.0
(66.2)
25.6
(78.1)
31.2
(88.2)
33.8
(92.8)
39.0
(102.2)
42.0
(107.6)
41.0
(105.8)
38.0
(100.4)
30.6
(87.1)
23.4
(74.1)
21.8
(71.2)
42.0
(107.6)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
2.3
(36.1)
4.9
(40.8)
10.6
(51.1)
17.0
(62.6)
22.8
(73)
28.8
(83.8)
32.8
(91)
32.7
(90.9)
28.3
(82.9)
20.7
(69.3)
12.0
(53.6)
5.2
(41.4)
18.2
(64.8)
روزاني سراسري°C (°F) −1.7
(28.9)
0.5
(32.9)
5.6
(42.1)
11.5
(52.7)
16.7
(62.1)
22.1
(71.8)
26.0
(78.8)
25.9
(78.6)
21.4
(70.5)
14.5
(58.1)
7.1
(44.8)
1.2
(34.2)
12.6
(54.7)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−5.7
(21.7)
−3.9
(25)
0.6
(33.1)
6.0
(42.8)
10.7
(51.3)
15.4
(59.7)
19.3
(66.7)
19.1
(66.4)
14.5
(58.1)
8.4
(47.1)
2.1
(35.8)
−2.9
(26.8)
7.0
(44.6)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−30.0
(−22)
−25.0
(−13)
−20.0
(−4)
−15.0
(5)
0.6
(33.1)
4.0
(39.2)
7.0
(44.6)
10.0
(50)
4.0
(39.2)
−4.0
(24.8)
−17.0
(1.4)
−23.5
(−10.3)
−30.0
(−22)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 24.0
(0.945)
28.2
(1.11)
45.0
(1.772)
56.6
(2.228)
43.1
(1.697)
19.4
(0.764)
5.6
(0.22)
3.3
(0.13)
10.9
(0.429)
24.5
(0.965)
30.1
(1.185)
24.1
(0.949)
318.8
(12.551)
Average rainy days 6.9 7.3 10.7 14.8 9.3 3.2 1.2 0.6 1.9 4.9 5.5 6.3 72.6
برفاني ڏينھن
جي سراسري
11.3 9.9 5.9 1.0 0.0 0.0 0.0 0.0 0.0 0.2 1.8 8.2 38.4
نسبتي گھم جي سراسري

(%)

72 69 61 56 50 40 36 36 39 51 65 71 53
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
125.9 146.3 179.7 200.8 268.7 334.3 352.5 337.7 301.4 231.6 180.3 136.8 2,796
Source: Iran Meteorological Organization (records),[18] (temperatures),[19] (precipitation),[20] (humidity),[21] (days with precipitation),[22][23]

(sunshine)[24]

مذھب ۽ ٻولي

[سنواريو]

تبريز جا اڪثر رھواسي آذربائيجاني قوم سان واسطو رکن ٿا ۽ آذربائيجاني ٻولي ڳالھائين ٿا. ھتان جي اقليتن ۾ فارسي (ايراني)، آرمينيائي ۽ ڪوہ ڪاف (Caucasus) جي علائقن ۾ رھندڙ ٻين قومن جا ماڻھو شامل آھن. فارسي ٻولي ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي[10]. ھتان جا اڪثر رھواسي شيعا مسلمان آھن، ٿوري تعداد ۾ عيسائي بہ ھتي رھن ٿا. تبريز جي سرزمين ڪيترائي شاعر، اديب، مفڪر ۽ عالم پيدا ڪيا آھن. ھتان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شمس تبريزي, مولانا جلال الدين رومي، قطران تبريزي ۽ افضل الدين بديع الدين ابن عثمان خاڪاني جھڙا جڳ مشھور شاعر شامل آھن. موجودھ دور جي ليکڪن ۽ شاعرن ۾ صمد بھرنگي، غلام حسين سعدي، پروين اتسامي، محمد حسين شھريار ۽ ٻيا شامل آھن.

آمدورفت

[سنواريو]

تبريز روڊ، ريل ۽ ھوا وسيلي ايران جي ٻين شھرن ۽ دنيا سان ڳنڍيل آھي. تبريز جو بين آلاقوامي ھوائي اڏو 1950ع ۾ قائم ٿيو ۽ ھي صوبي جو واحد بين الاقوامي ھوائي اڏو آھي. تبريز ريل وسيلي نہ فقط ايران جي شھرن سان ڳنڍيل آھي پر ھتان ريل وسيلي ترڪي ۽ يورپ طرف بہ سفر ڪري سگھجي ٿو. ھي شھر روڊ وسيلي بہ آذربائيجان، ترڪي ۽ يورپ سان ڳنڍيل آھي. شھر اندر بہ آمدورفت جو سٺو نظام موجود آھي[25].

حوالا

[سنواريو]
  1. citypopulation.de https://web.archive.org/web/20180913144137/http://citypopulation.de/world/Agglomerations.html. وقت 2018-09-13, title=Major Agglomerations of the World - Population Statistics and Maps تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  2. title=Statistical Center of Iran > Home https://www.amar.org.ir/english, title=Statistical Center of Iran > Home Check |url= value (مدد).  Missing or empty |title= (مدد)
  3. پیشبینی خطرات اقلیمی افغانستان توسط مرکز پیشگویی های اقلیمی : 29 الی 4 سپتامبر 2019. Afghanistan Centre at Kabul University. 2019. http://dx.doi.org/10.29171/azu_acku_risalah_qc990_a5_pay923_2019. 
  4. "Tabriz selected OIC City of Tourism for 2018". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-14. 
  5. "WCC-Asia Pacific Region (WCC-APR)". wccapr.org. حاصل ڪيل 2022-02-14. 
  6. Assari, Ali; Mahesh, T. M. (December 2011). "Compatitive Sustainability of bazaar in Iranian traditional cities: Case Studies in Isfahan and Tabriz" (PDF). International Journal on Technical and Physical Problems of Engineering. 3 (9): 18–24.
  7. "سازمان ميراث فرهنگي، صنايع دستي و گردشگري استان آذربايجان شرقي - سایت موزه عصر آهن تبریز". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-14. 
  8. "دانشگاه تبریز". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-14. 
  9. Minorsky, V.; Bosworth, C.E. & Sheila S., Blair (2000). "Tabrīz". In Bearman, P. J.; Bianquis, Th.; Bosworth, C. E.; van Donzel, E. & Heinrichs, W. P. (eds.). The Encyclopaedia of Islam, New Edition, Volume X: T–U. Leiden: E. J. Brill. ISBN 978-90-04-11211-7.
  10. 10.0 10.1 web.archive.org https://web.archive.org/web/20120110141117/http://chap.sch.ir/ketabDetail.asp?id=215. حاصل ڪيل 2022-02-14.  Missing or empty |title= (مدد)
  11. Will Durant, The Reformation: The Story of Civilization, Volume VI, Chapter XXX
  12. L. Baker, Patricia; Smith, Hilary; Oleynik, Maria (2014). Iran. London, United Kingdom: Bradt Travel Guides. p. 158. ISBN 978-1841624020.
  13. David Morgan, The Mongols p. 142
  14. Will Durant, The Reformation: The Story of Civilization, Volume VI, Chapter XXX
  15. Marco Polo (1854) The travels of Marco Polo: the Venetian. G. Bell & sons. 1854. p. 44.
  16. "Worlds Worst Natural Disasters". across.co.nz. حاصل ڪيل 2022-02-14. 
  17. Moše Šārôn, Studies in Islamic History and Civilization: In Honour of Professor David Ayalon, Jerusalem 1986.
  18. "Monthly Total Precipitation in Tabriz by Month 1951–2010". Iran Meteorological Organization. حاصل ڪيل April 8, 2015. 
  19. "Average relative humidity in Tabriz by Month 1951–2010". Iran Meteorological Organization. وقت March 7, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 8, 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  20. "No. Of days with precipitation equal to or greater than 1 mm in Tabriz by Month 1951–2010". Iran Meteorological Organization. وقت March 8, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 8, 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. "No. Of days with snow in Tabriz by Month 1951–2010". Iran Meteorological Organization. وقت March 7, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 8, 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  22. "Monthly total sunshine hours in Tabriz by Month 1951–2010". Iran Meteorological Organization. وقت March 8, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 8, 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  23. "فرودگاه بین‌المللی شهید مدنی تبریز". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-15.