غزني
Ghazni غزنی | |
---|---|
City | |
Citadel of Ghazni, seen from Tapa Sardar. | |
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 526: Unable to find the specified location map definition: "Module:Location map/data/West Asia" does not exist.Location in Afghanistan | |
جاگرافي بيهڪ: 33°32′57″N 68°25′24″E / 33.54917°N 68.42333°E | |
Country | افغانستان |
Province | Ghazni Province |
District | Ghazni District |
بلندي | 2,219 ميل (7,280 ft) |
آبادي (2021)[1] | |
• ڪل | 190,424 |
غزني (انگريزي: Ghazni) ڏکڻ افغانستان جو ھڪ تاريخي شھر آھي جيڪو ڪابل کان قنڌار ويندڙ شاھراھ تي آباد آھي. ماضيءَ ۾ ھن شھر کي غزنين يا غزنہ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو. سامونڊي مٿاڇري کان 2225 ميٽر اوچائيءَ تي آباد ھي افغانستان جي صوبي غزنيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ڪابل شھر کان 150 ڪلوميٽر (93 ميل) ڏکڻ ۾ آباد آھي[2]. 2021ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 190.000 ماڻھن تي مشتمل آھي[3]. ھن کي اوليائن جو شھر پڻ سڏيو وڃي ٿو.
تاريخي طور ھن شھر جا اڪثر رھواسي خلجي قبيلي سان واسطو رکن ٿا جيڪو پٺاڻن جو ھڪ مشھور قبيلو آھي. غزنوي گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ لشڪر جا اڪثر سپاھي ۽ عھديدار خلجي پٺاڻ ھئا[4]. ھن شھر جو غزنوي قلعو، غزنوي باشاھن جا مقبرا ۽ سلطان محمود غزنويءَ جو محل اڏاوت جي فن جو اعلِيٰ نمونو پيش ڪن ٿا. انھن تاريخي يادگارن کي ڏسڻ لاءِ ھزارين سياح ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. اسلام جي اچڻ کان اڳ ھتان جا ماڻھو زرتشت، ھندو ۽ ٻڌ مذھب جا پوئلڳ ھئا[5]. جڏھن ستين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جو نور ھن علائقي ۾ پھتو تہ عوام جي اڪثريت امت محمديءَ جو حصو بنجي وئي. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ سبڪتگين ھن شھر کي غزنوي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. شھر کي غوري بادشاھن تباھ ڪيو پر سندن ئي دور ۾ ھن شھر کي ٻيھر وسايو ويو. ھي شھر تيموري گھراڻي، دھليءَ جي سلطانن، ھوتڪي گھراڻي ۽ آخر ۾ دراني گھراڻي جي بادشاھت جي ھٿ ھيٺ رھيو. اوڻويھين صديءَ ۾ افغانستان ۽ انگريزن جي ويڙھ ۾ ھن شھر جي قلعي جا ڪجهه حصا انگريزي فوجن ڪيرائي ڇڏيا.
آگسٽ 2018ع ۾ ھي شھر طالبان جي انتظام ھيٺ آيو ۽ ھن وقت بہ ھي شھر افغانستان جي ٻين علائقن سان گڏ طالبان حڪومت ۾ شامل آھي[6].
تاريخ
[سنواريو]ھي شھر تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ آباد ٿيو ان ڪري شھر جي اوائلي تاريخ بابت ڪا پڪي معلومات ميسر ناھي. ڇھين صدي قبل مسيح ۾ ھي شھر فارس (ايران) جي اھخامنشي گھراڻي جي بادشاھ سائرس اعظم فتح ڪيو. 329 قبل مسيح ۾ ھي شھر سڪندر اعظم جي ھٿ ھيٺ آيو. ستين صدي عيسويءَ ۾ ھي ٻڌ مذھب جو وڏو مرڪز ھو. 683ع ۾ اسلامي فوجون ھن علائقي ۾ پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. نائين صدي عيسويءَ ۾ يعقوب صفاريءَ ھن شھر کي پنھنجي بادشاھيءَ جو حصو بنايو. ان زماني ۾ ھن علائقي ۾ لاوڪ قبيلي جو تمام گھڻو اثرورسوخ ھو جنھن کي يعقوب صفاريءَ گھڻي حد تائين گھٽائي ڇڏيو. 962ع ۾ ھتان جي ابوبڪر لاوڪ کي شڪست ڏئي ساماني بادشاھن جو ھڪ ترڪ غلام الپتگين چئن مھينن تائين ھن شھر تي قلعي تي قابض رھيو. 965ع ۾ ابوبڪر لاوڪ ٻيھر ھن شھر جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ۽ ھن الپتگين جي پٽ ابو اسحاق ابراھيم کي بخارا ڏانھن ڀڄڻ تي مجبور ڪري وڌو پر ٿوري ئي عرصي ۾ ابو اسحاق ابراھيم ٻيھر ھن شھر کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آندو. لڳ ڀڳ 200 سالن تائين (977ع کان 1163ع) ھي شھر غزنوي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ھن سلطنت ۾ موجودہ افغانستان، ترڪمينستان، پاڪستان، اوڀر ايران ۽ راجستان شامل ھئا. غزنوي گھراڻي جي بادشاھن اسلام کي ھندستان تائين پھچايو ۽ اتان تمام گھڻو ناڻو ڪمايو. 1151ع ۾ غوري گھراڻي جي بادشاھ علاوا لدين غوريءَ ھن شھر کي تباھ ڪيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ شھر جون رونقون ٻيھر بحال ٿي ويون. 1215ع کان 1221ع دوران ھتي خوارزمي گھراڻي جي بادشاھي قائم رھي پر انھن سالن ۾ منگولن حملو ڪري شھر کي چڱو نقصان پھچايو[7].
998ع کان 1030ع تائين بادشاھيءَ جي مسند سلطان محمود غزنويءَ جي ھٿ ۾ رھي. ھي سلطان عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جو وڏو قدردان ھو جنھن ڪري ھي شھر فارسي علم ۽ ادب جو گھوارو بنجي ويو[8]. 1504ع ۾ ھي شھر مغل بادشاھ ظھيرالدين بابر فتح ڪيو ۽ 1738ع تائين مغل شھنشاھيت جو حصو رھيو. ان بعد ھي شھر ايران جي نادر شاھ فتح ڪيو. اڳتي ھلي ھتي دراني گھراڻي جي بادشاھت قائم ٿي.
ھتان جي غزنوي گھراڻي جي بادشاھن جا منارا ملڪان ملڪ مشھور آھن. سلطان محمود غزنويءَ جو مقبرو بہ ھن شھر جو ھڪ عظيم الشان تاريخي يادگار آھي. ھتي ڪيترن ئي شاعرن ۽ سائنسدانن جا مقبرا بہ ڏسي سگھجن ٿا جن ۾ مشھور مسلمان سائنسدان البيرونيءَ جو مقبرو خاص ذڪر جي لائق آھي. ھن شھر جا ٻہ 43 ميٽر ڊگھا منارا بہ ڏسڻ وٽان آھن، اھي منارا محمود غزنوي ۽ سندس پٽ تعمير ڪرايا ھئا. شھر جي ٻاھران گوتم ٻڌ جو 19 ميٽر ڊگھو ھڪ اسٽوپا بہ موجود ھو جنھن کي 2001ع ۾ طالبان ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو[9]. 2001ع ۾ ھتي آمريڪي فوجين پنھنجي ھڪ ڇانوڻي قائم ڪئي ھئي. 2021ع ۾ آمريڪي فوجون افغانستان مان نڪري ويون ۽ ھي شھر طالبان جي حڪومت جو حصو بنجي ويو.
جاگرافي
[سنواريو]ھتان جي آبھوا سياري ۾ ٿڌي نيم ريگستاني آھي جڏھن تہ اونھاري ۾ گرم ۽ خشڪ رھي ٿي. سياري ۾ برف بہ پوي ٿي. مينھن تمام گھٽ وسي ٿو ۽ اھو بہ سياري ۾ وسي ٿو. شھر ۾ مختلف نسلن ۽ قبيلن جا ماڻھو رھن ٿا جن ۾ تاجڪ، ھزارا ۽ پشتون شامل آھن. شھر جي ٻاھران جخائي نديءَ تي ھڪ ڊيم تعمير ٿيل آھي جيڪو شھر ۾ پاڻيءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. 2007ع ۾ انھيءَ ڊيم جو ھڪ دروازو ٽٽي پيو ھو جنھن ڪري شھر جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو ھو.
ڏسڻ جھڙيون جايون
[سنواريو]- غزنيءَ جو قلعو
- غزنيءَ جا منارا
- سبڪتگين جو مقبرو
- سلطان محمود غزنويءَ جو مقبرو
- حڪیم ابوالمجد مجدود بن آدم سنائي غزنوِيءَ جو مقبرو
- البيرونيءَ جو مقبرو
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namednsia
- ↑ "ENCYCLOPAEDIA IRANICA". Encyclopaedia Iranica Online. حاصل ڪيل 2022-03-05.
- ↑ افغانستان. اداره مرکزی احصائیه./تخمین نفوس کشور : به تفکیک واحد های اداره جنسی، شهری ودهاتی = Estimated population of Afghanistan. University of Arizona Libraries. 2008. http://dx.doi.org/10.2458/azu_acku_musalsal_ha4570_6_alif4_tay38_1387.
- ↑ Lee, Jonathan L. (2018). Afghanistan : a history from 1260 to the present. London. ISBN 978-1-78914-010-1. OCLC 1064944466. https://www.worldcat.org/oclc/1064944466.
- ↑ Richards, J. F. (1974-10-01). "The Islamic frontier in the east: Expansion into South Asia". South Asia: Journal of South Asian Studies 4 (1): 91–109. doi: . ISSN 0085-6401. https://doi.org/10.1080/00856407408730690.
- ↑ "Taliban tighten grip on approaches to Kabul in Afghanistan offensive". the Guardian. حاصل ڪيل 2022-03-05.
- ↑ "Ghazni | Infoplease". www.infoplease.com. حاصل ڪيل 2022-03-05.
- ↑ "Literature Portal | Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-05.
- ↑ "Afghan Buddha destruction revealed" (en-GB ۾). 2001-03-15. http://news.bbc.co.uk/2/hi/south_asia/1222776.stm.