چابھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
Chahbahar
چابهار
شھر
Skyline of Chahbahar
Chahbahar is located in Iran
Chahbahar
Chahbahar
Location within Iran
جاگرافي بيهڪ: 25°17′31″N 60°38′35″E / 25.29194°N 60.64306°E / 25.29194; 60.64306مڪانيت: 25°17′31″N 60°38′35″E / 25.29194°N 60.64306°E / 25.29194; 60.64306
ملڪ Flag of Iran.svg ايران
صوبو سيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستان چابھار
ضلعو مرڪزي
آبادي (2016 ع واري آدمشماري)
 • ڪل ١٠٦,٧٣٩ [1]

چابھار (فارسي: چابهار, بلوچي: چھبار, انگريزي: Chabahar) ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو شھر ۽ بندرگاھ آھي. ھي ايران جو سڀ کان آخري ڏاکڻيون شھر آھي ۽ سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 106,739 آھي. ھي شھر پاڪستان جي شھر گوادرکان اٽڪل 170 ڪلوميٽر اولھ ۾ موجود آھي. شھر جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن جيڪي بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا البت فارسي ٻولي پڻ ھتي ڳالھائي وڃي ٿي. ايراني سرڪار پاران ھن شھر ۽ بندرگاھ کي مفت واپاري ۽ صنعتي علائقو (Free Trade and Industrial Zone) قرار ڏنو ويو آھي. ھن بندرگاھ تي وڏن سامونڊي جھازن تي سامان چاڙھڻ ۽ لاھڻ جي سھولت موجود آھي انڪري ھي علائقي جو ھڪ اھم بندرگاھ ليکيو وڃي ٿو. ھتان نہ فقط ايران بلڪ افغانستان، ترڪمنستان، ازبڪستان، تاجڪستان، قرقيزستان ۽ قزاقستان ٻاھرين ملڪن سان پنھنجو واپار جاري رکن ٿا. بندرگاھ کان علاوھ چابھار ۾ ڪيترائي دل کي ڇھندڙ تاريخي ۽ قدرتي ماڳ موجود آھن جيڪي ھن شھر جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو آڻين ٿا.

نالي جو مطلب[سنواريو]

چابھار اصل ۾ بلوچي لفظ ”چھار بھار“ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”چار بھارون“. يعني ھي اھو علائقو آھي جتي سال جون چارئي موسمون بھار جي موسم وانگر آھن[2]،[3]. ھن شھر کي پراڻي زماني ۾ ”بھشتي بندر“ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو.

تاريخ[سنواريو]

اٽڪل 2500 ق.م ۾ ھاڻوڪي چابھار بندر کان سڏ پنڌ تي طيس (Tis) نالي مھاڻن جو ھڪ ڳوٺ آباد ھو. يوناني تاريخن ۾ انھيءَ ڳوٺ جو نالو طيز (Tiz) لکيو ويو آھي. فارسي ٻوليءَ جي مشھور ليکڪ افضل الدين ڪرمانيءَ 584ھ (1188ع) ۾ طيز کي ايران جو ھڪ بندرگاھ ۽ واپار جو مرڪز ڄاڻايو آھي. نامياري عالم ۽ تاريخ نويس البيروني لکيو آھي تہ (گڏيل) ھندستان جو سامونڊي ڪنارو طيز بندر کان شروع ٿئي ٿو[4]، ھي ھڪ چڱوخاصو وڏو بندرگاھ ھو جنھن کي منگولن حملو ڪري نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. طيز بندر جا ڪجه کنڊر اڄ بہ چابھار شھر جي ويجھو موجود آھن. پورچوگيز پھريان يورپي ھئا جن مڪران جي ساحل تي حملو ڪري چابھار ۽ طيز واري علائقي تي قنضو ڪيو. ھو 1621ع تائين ھتي قابض رھيا.

1970ع ۾ رضا شاھ پھلويءَ جي حڪم سان ھن شھر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ ھن بندرگاھ کي ترقي وٺرائي وئي. ھندي وڏي سمنڊ ۾ ايران کي ھڪ وڏي طاقت بنائڻ لاءِ ھتي بحري ۽ ھوائي اڏا قائم ڪيا ويا. آمريڪا جي گڏيل رياستن ۽ ٻين ملڪن جي مدد سان ھن بندرگاھ کي ھڪ جديد بندرگاھ بنائڻ لاءِ ڪئين منصوبا شروع ڪيا ويا[5]. 1979ع واري اسلامي انقلاب کان پوءِ ٻاھرين ملڪن جون اڪثر ڪمپنيون ھن بندرگاھ جي ترقياتي رٿائن مان ھٿ ڪڍي ويون، جنھن ڪري مقامي ڪمپنين انھن رٿائن کي پورو ڪرڻ جو ڪم پنھنجي ھٿ ۾ کنيو. ايران ۽ عراق واري جنگ ھن بندرگاھ جي اھميت کي گھڻو وڌائي ڇڏيو. 1980ع واري ڏھاڪي دوران ايراني سرڪار ملڪ جي اوڀر۽ ڏکڻ وارن علائقن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ھن بندرگاھ تي موجود سھوليتن کي بھتر بنائڻ لاءِ اھم قدم کنيا. 1992ع ۾ چابھار کي مفت واپاري ۽ صنعتي علائقو قرار ڏنو ويو انڪري ھتي واپاري سرگرميون وڌي ويون[6].

طيس جي جامع مسجد

سفري سھولتون[سنواريو]

چابھار تائين سولي رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ايراني سرڪار ھوا، سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي سفري سھوليتون مھيا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا آھن. ھتان جي ڪنارڪ ھوائي اڏي تان تھران، زاھدان، مشھد، شيراز ۽ بندرعباس تائين ھوائي سفر جي سھولت موجود آھي. ھن ھوائي اڏي تان دوھا، دبئي ۽ مسقط طرف بہ ھوائي جھاز اڏامون ڀرين ٿا. چابھار کان بندرعباس، ايرانشھر، ڪرمان، زاھدان، مشھد ۽ ٻين ايراني شھرن طرف روڊ رستي سفر ڪري سگھجي ٿو. ھتان افغانستان ۽ پاڪستان طرف روڊ وسيلي سفر ڪرڻ جي سھوليت بہ موجود آھي. چابھار کان زاھدان تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم 2020ع ۾ شروع ٿي چڪو آھي. ھيءَ ريلوي پٽڙي مارچ 2022ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آھي[7].

تاريخي ماڳ[سنواريو]

چابھار جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آھن:

  • جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي، چابھار کان ٿوري مفاصلي تي طيس يا طيز بندرگاھ موجود ھو. انھيءَ بندرگاھ جا کنڊر اڄ بہ موجود آھن ۽ آثارقديمہ جي ماھرن ۽ سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آھن.
  • ھتان جي شھباز جبل جي چوٽيءَ تي قديم عمارتن ۽ شھري زندگيءَ جا آثار موجود آھن، مقامي ماڻھن جي چوڻ مطابق بادشاھ جڏھن شڪار ڪرڻ لاءِ ھتي ايندا ھئا تہ انھن عمارتن ۾ رھائش اختيار ڪندا ھئا.
  • طيس واديءَ کان ٿورو اڳتي اتر ۽ اتراوڀر ۾ ھڪ پراڻي آباديءَ جا آثار موجود آھن جنھن جي چوڌاري ھڪ ٿلھي ڀت ڏنل ھئي.
  • طيس ۾ اسلامي دور جو ھڪ قلعو موجود آھي. سترھين صديءَ ۾ پورچوگيزين ھن قلعي تي قنضو ڪري ان ۾ رھائش اختيار ڪئي ھئي.
  • طيس واديءَ جي مرڪز ۾ اشڪاني ۽ ساساني دور جو ھڪ قلعو موجود آھي جنھن کي پيروز گيٽ سڏيو وڃي ٿو. ھي قلعو ھڪ ننڍي جبل جي چوٽيءَ تي تعمير ٿيل آھي.
  • طيس جي واديءَ ۾ بلوڇ گيٽ نالي قلعو بہ سياحن جو ڌيان پاڻ ڏنھن ڇڪائي سگھي ٿو. ھڪ اوچي جبل تي تعمير ٿيل ھن قلعي جو گھڻو حصو ڊھي ويو آھي البت قلعي جي ھڪ ڀت ۽ واچ ٽاور اڃا سلامت آھي. ھن قلعي تي اھرامي شڪل جا ٻہ گنبند موجود آھن جيڪي ڏامر ۽ پٿرن مان جوڙيا ويا آھن. شايد ھي گنبند اوائلي اسلامي دور ۾ تعمير ڪيا ويا ھئا.
  • ھتان جي باھوڪلات ضلعي ۾ 300 سال پراڻو ھڪ قلعو موجود آھي. اھو قلعو نوشيروان خان گچڪي جوڙايو ھو جيڪو گچ کان لڏي ھتي اچي ويٺو ھو.
  • شھر جي ھڪ اڀرندي جبل تي باتل قلعي جا آثار ملن ٿا. ھن جبل تي پراڻن سامونڊي جانورن جا پنڊپھڻ (Fossils) ڏسي سگھجن ٿا. جبل جي چوٽيءَ تان پراڻي زماني جا ٺڪر جا ٿانو پڻ مليا آھن. ھتي ھڪ پراڻي کوھ جا آثار بہ موجود آھن.
  • طيس کان پنج ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ جپسم ۽ ڏامر مان ٺھيل ھڪ وڏي ڀت ڏسي سگھجي ٿي. مقامي ماڻھو ٻڌائين ٿا تہ ھن ماڳ وٽ بادشاھ پنھنجا ھاٿي بيھاريندا ھئا ۽ ھاٿين کي ھتي ٽريننگ ڏني ويندي ھئي. ھتي پراڻين عمارتن، ڊيمن ۽ شھري زندگيءَ جا اھڃاڻ مليا آھن.
  • شھر کان ٿورو پري جناني ڪيچ نالي ھڪ ماڳ آھي جنھن ۾ اٽڪل 200 مقبرا موجود آھن. مقامن جي چوڻ مطابق ھن علائقي ۾ جن رھندا ھئا.
  • چابھار کان 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي دمپ ڪوھ نالي ھڪ تاريخي قنرستان موجود آھي. ھن قبرستان ۾ ڪيترائي مقبرا موجود آھن. اندازو آھي تہ ھتي 4500 کان 5000 تائين ماڻھو دفن ٿيل آھن.
  • چابھار جي پسگردائيءَ ۾ ٻيا بہ تاريخي قبرستان موجود آھن ۽ ھر قبرستان ۾ مختلف قسمن جا مقبرا موجود آھن.
  • چابھار ۾ پراڻي ٽيليگراف آفيس جي ٻماڙ عمارت انگريزو جي دور جي ياد تازي ڪري ٿي. ھتي ھخامنشي بادشاھت جي زماني جو سرن سان ٺھيل کوھ بہ موجود آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistical Center of Iran > Home". www.amar.org.ir. 
  2. "Inside Chabahar, the Iranian port city that borders Pakistan and where alleged spy Kulbhushan Jadhav was based". The Economic Times. https://economictimes.indiatimes.com/news/politics-and-nation/inside-chabahar-the-iranian-port-city-that-borders-pakistan-and-where-alleged-spy-kulbhushan-jadhav-was-based/articleshow/58663212.cms. 
  3. اکبری, احمد; مرادی, ابراهیم; اکرمی مهاجری, مژگان (2017-08-01). "پایداری تولید پسته در نواحی روستایی شهرستان رفسنجان". Space Economy and Rural Development 6 (20): 1–16. doi:10.18869/acadpub.serd.6.20.1. ISSN 2322-2131. http://dx.doi.org/10.18869/acadpub.serd.6.20.1. 
  4. Sachau, Edward C., ed. (1910) [first published 1888], Alberuni's India, Vol. 1, Kegan Paul, Trench, Trubner & Co, p. 208
  5. Vatanka, Alex (2017). Iran and Pakistan : security, diplomacy and American influence (Paperback edition ed.). London. ISBN 978-1-78453-690-9. OCLC 950952179. https://www.worldcat.org/oclc/950952179. 
  6. "اهمیت مسیرهای مواصلاتی ایران برای شبه قاره هند و اوراسیا". همشهری آنلاین (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-05. 
  7. "Iran begins track laying on Chabahar - Zahedan railway". International Railway Journal. حاصل ڪيل 2022-02-05.