پشڪر ڍنڍ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
پشڪر ڍنڍ
سانجھيءَ مھل پشڪر ڍنڍ جو نظارو
مقام پشڪر، راجستان
اھم داخلي وھڪرا لوڻي ندي
اھم خارجي وھڪرا لوڻي ندي
ڪيچمينٽ 22 km2 (8.5 sq mi)
سامونڊي طاس ھندستان
سطحي پکيڙ 22 km2 (8.5 sq mi)
سراسري اونھائي 8 m (26 ft)
وڌ کان وڌ اونھائي 10 m (33 ft)
پاڻي جو حجم 790٬000 ڪيوبڪ ميٽر (28٬000٬000 cu ft)
سطح جي بلندي 530 m (1٬740 ft)
آباديون پشڪر

پشڪر ڍنڍ (انگريزي Pushkar Lake) يا پشڪر سروور (Pushkar Sarovar) ھندستان جي راجستان رياست ۾ پشڪر شھر ۾ موجود ھڪ ڍنڍ آھي. ھيءَ ڍنڍ ھندوئن لاءِ ھڪ پوتر ڍنڍ آھي. ھندوئن جي عقيدي مطابق ڀڳوان برھما ھڪ ڪنول جي گل سان شيطان وجراناٿ کي ماريو ھو.انھيءَ گل جي پنکڙين مان ھن ڍنڍ جنم ورتو. ھن ڍنڍ جي ڪنارن تي 300 کان بہ وڌيڪ مندر ٺھيل آھن ۽ 52 گھاٽ آھن جتي ياتري اچي سنان (غسل) ڪندا آھن. ھندوئن جي عقيدي موجب ھن ڍنڍ ۾ وھنجڻ سان سمورا گناھ ۽ بيماريون ڇڻي وڃن ٿيون. ھن ڍنڍ ۾ ٽٻي ھڻڻ سان ماڻھوءَ کي مڪتي ملي ٿي[1]. روايتن مطابق، ڏھون سک گرو، گرو گووند سنگھ (1666ع - 1708ع) ھن ڍنڍ جي ڪنا ري تي ويھي گرنٿ صاحب پڙھندو ھو[2]. ھن ڍنڍ جو نالو چوٿين صدي قبل مسيح جي ڪجه سڪن تي مليو آھي. ھيءَ ڍنڍ ھندو ڌرم وارن جي پنجن پوتر ڍنڍن مان ھڪ آھي.

تاريخ[سنواريو]

ھيءَ ڍنڍ پھريون ڀيرو ڪڏھن وجود ۾ آئي انھيءَ بابت ڪنھن کي بہ پتو ڪونھي. راجستان جي سانچي علائقي مان ڪجه اھڙا سڪا مليا آھن جن تي ھن ڍنڍ جو نالو لکيل آھي. ماھرن جي تخميني مطابق اھي سڪا چوٿين صدي قبل مسيح واري زماني جا آھن. شايد ان زماني ۾ بہ ھتي ھندو ياتري ايندا ھئا. پنجين صدي عيسويءَ ۾ چيني سياح فا زيان (Fa Xian) بہ ھن ڍنڍ تي ھندو ياترين جي اچڻ جو احوال لکيو آھي[3].

چون ٿا تہ نائين صدي عيسويءَ ۾ مندور جو راجا نھر رائو پرھياڙ ھڪ اڇي رڇ جو پيڇو ڪندي ھن ڍنڍ جي ڪناري تي اچي پھتو. ھن جي ھٿ تي چٽيءَ جي بيماريءَ سبب اڇا ۽ ڪارا داغ ھئا. جڏھن پنھنجي اڃ اجھائڻ لاءِ ھن ڍنڍ ۾ ھٿ وڌو تہ سندس ھٿ تان چٽيءَ جا نشان ختم ٿي ويا. ھن کي اندازو ٿي ويو تہ ھيءَ ھڪ مقدس ڍنڍ آھي. ان واقعي کان پوءِ جن ماڻھن کي چمڙيءَ جون بيماريون ٿينديون ھيون اھي ھتي سنان ڪري چڱا ڀلا ٿيندا ھئا[4].

ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ ھن ڍنڍ ۾ ھميشہ پاڻيءَ جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ لوني نديءَ تي ڊيم ٺاھي ان مان ھن ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙيو ويو. ان وقت کان ھاڻي تائين ھيءَ قدرتي ڍنڍ بجاءِ ھٿرادو ڍنڍ بنجي وئي آھي. [5]

مغلن جي دور ۾ ڳرا ٽيڪس لڳڻ ۽ مذھبي اجتماعن تي پابندين جي ڪري ڪجه عرصو ھتي ھندو ياترين جي آمد بند ٿي وئي. 16-1615ع ۾ مغل شھنشاھ جھانگير ھن ڍنڍ جي ڪناري تي پنھنجي شڪارگاھ تعمير ڪرائي جيڪا ھاڻي کنڊرن ۾ بدلجي وئي آھي. ھو سورھن ڀيرا اجمير کان ھتي شڪار لاءِ اچي رھيو ھو. ان زماني ۾ ھن ڍنڍ جي ڪنارن تي شڪار ڪرڻ پاپ سمجھيو ويندو ھو پر جھانگير انھيءَ جي پرواھ نہ ڪئي. ھن وشنو ڀڳوان جي مورتيءَ کي بہ ٽوڙي ڇڏيو ھو[6]. شھنشاھ اورنگزيب (1618 - 1707) بہ ھتان جي ڪجه مندرن کي ڊھرائي ڇڏيو ھو جن جي بعد ۾ ٻيھر تعمير ٿي. البت شھنشاھ اڪبر جي ڏينھن ۾ ھن ڍنڍ تي ياترين لاءِ سھوليتون پيدا ڪيون ويون[7].

امبر، بندي، بڪانير ۽ جيسلمير جي راجپوت راجائن ھن ڍنڍ جي ترقيءَ لاءِ چڱا اپاءَ ورتا ۽ ھتان جي مندرن کي سينگاريو ۽ سنواريو. انگريزن جي دور ۾ ھتان جي گورنر ھتي مذھبي اجتماع سان گڏوگڏ اٺن جي سالياني ميلي جو رواج وڌو.

جاگرافي[سنواريو]

ھيءَ ڍنڍ ھندستان جي راجستان رياست جي اجمير ضلعي ۾ اراولي جبلن جي وچ ۾ پشڪر شھر ۾ موجود آھي. اجمير شھر ھتان اٽڪل 14 ڪلوميٽر (8.7 ميل) ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. پشڪر ۽ اجمير شھر جي وچ ۾ ناگ پربت نالي جبلن کي قطار آھي. ھن ڍنڍ تائين پھچڻ لاءِ اجمير شھر کان ٽيڪسي يا بس ملي سگھي ٿي. ھندستان جي ٻين شھرن کان ايندڙ ياتري ريل يا بس رستي اجمير اچن ٿا جتان وري پشڪر پھچن ٿا. جئپور جو ھوائي اڏو ھتان جو ويجھي ۾ ويجھو ھوائي اڏو آھي جيڪو ھتان کان 148 ڪلوميٽر پري آھي[1].

مذھبي اھميت[سنواريو]

ڍنڍ جي ڪناري جي سنان ڪرڻ لاءِ ٺھيل گھاٽ

ھندو عقيدي مطابق، ڀارت ۾ پنج مقدس ڍنڍون آھن جن کي ملائي ”پنج سروور“ سڏيو وڃي ٿو: مانسروور، بندو سروور، نارائڻ سروور، پمپا سروور ۽ پشڪر سروور. فقط مانسروور ڍنڍ تبت ۾ آھي. پشڪر ڍنڍ سميت باقي چار ڍنڍون ھندستان ۾ آھن. رامائڻ، مھاڀارت ۽ ھندو ڌرم جي پرڻن ۾ ھن ڍنڍ ۽ انھيءَ جي چوڌاري وسيل شھر جو ذڪر ملي ٿو. پدما پرڻ ۾ لکيل آھي تہ برھما ڀڳواڻ ڏٺو تہ شيطان وجراناٿ (Vajranath) يا وجرانڀا (Vajaranbha) سندس ٻارن کي مارڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ ماڻھن کي ھراسان پيو ڪري. ھن ھڪدم پنھنجي ھٿيار ڪنول جي گل سان شيطان کي ماري ڇڏيو. انھيءَ گل جون ٽي پنکڙيون زمين تي ڪري پيون جن مان ٽي ڍنڍون ٺھي پيونː پشڪر ڍنڍ يا جئشت پشڪر (وڏي ۾ وڏي يا پھرين پشڪر)، مديا پشڪر (وچين يا وچولي پشڪر) ۽ ڪنشٽ پشڪر (ننڍي ۾ ننڍي پشڪر). جڏھن برھما زمين تي لھي آيو تہ جنھن جاءِ تي گل ڪريو ھو ان جو نالو پشڪر رکيائين[8]. پشڪر لفظ پشپا مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي گل. اھا بہ روايت آھي تہ پوتر سرسوتي ندي ھتي پنجن پاڻيءَ جي چشمن جي صورت ۾ ڦٽي نڪتي[4]. برھما، وشنو ۽ شو (شيوا) کي انھن ڍنڍن جو ديوتا مقرر ڪيو ويو. برھما جڏھن زمين تي لھي آيو تہ ھن پشڪر ڍنڍ وٽ پوڄا ڪئي. البت برھما جي گھر واري سويتري (ڪجه ماڻھو ھن کي سرسوتي نالي سان ياد ڪن ٿا) پوڄا جي وقت نہ پھچي سگھي. ان ڪري برھما گياتري (يا گجر) کي پنھنجي پتني بنائي ساڻس گڏ پوڄا ڪئي. پر جڏھن سويتري ھتي پھتي ۽ ھن گياتري کي برھما سان گڏ ڏٺو تہ ھن احتجاج ڪندي برھما کي پاراتو ڏنو تہ ھن (برھما) جي پوڄا فقط پشڪر ۾ ٿيندي. انڪري اھو يقين ڏياريو ويو آھي تہ ھن ڍنڍ ۾ جيڪو ماڻھو ٽٻي ھڻي سنان (غسل) ڪندو ان جا سمورا گناھ ڌوپجي ويندا[9]،[10]،[11].

رامائڻ ۽ مھاڀارت ۾ ھن ڍنڍ کي ”ادي تيرٿ“ يعني ”اصلي پوتر پاڻي“ سڏيو ويو آھي. سنسڪرت جي مشھور شاعر ڪاليداس بہ ھن ڍنڍ جو ذڪر سندس مشھور نظم شڪنتلا ۾ ڪيو آھي. رامائڻ ۾ لکيل آھي تہ وشماترا ھن ڍنڍ جي ڪناري تي ويھي ھزار سالن تائين توبھ ڪندو رھيو. ھڪ ڏينھن خوبصورت آسماني اپسرا ميناڪا ھن ڍنڍ ۾ سنان ڪرڻ آئي. وشماترا ھن جي سونھن تي موھت ٿي ويو. ٻنھي ڄڻن ڏھ سال گڏ رھڻ جو وچن ڪيو پر ستت ئي وشماترا کي احساس ٿيو تہ ھن حسين پريءَ سان گڏ رھي ھو توبھ جاري نہ رکي سگھندو ان ڪري ميناڪا کان موڪل وٺي اتر پاسي ھليو ويو ۽ پنھنجي توبھ جاري رکيائين[12]. اھا بہ روايت آھي تہ وشماترا ھن ڍنڍ جي ڪپ تي برھما جو مندر ٺاھيو[13].

ھائڊرولاجي[سنواريو]

ھن ڍنڍ جي پکيڙ 22 چورس ڪلوميٽر آھي. ھيءَ ڍنڍ اراولي جبلن مان ايندڙ برساتي پاڻيءَ سان ڀربي ھئي. ٻارھين صديءَ ۾ لوڻي نديءَ تي ڊيم ٺاھي انھيءَ مان ھن ڍنڍ کي ڀرڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي 8 کان 10 ميٽر (26 کان 33 فوٽ) آھي. ھن ڍنڍ ۾ ڪل 0.79 ملين مڪعب ميٽر پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آھي. ھن ڍنڍ جي ڪنارن تي 52 گھاٽ ٺھيل آھن جتي ھندو ياتري سنان ڪندا آھن.

پشڪر جو ميلو[سنواريو]

کاٻي تصويرː پشڪر ميلو (2006ع)، ساڄي تصويرː عورتون رسي ڇڪڻ واري مقابلي ۾ حصو وٺي رھيون آھن.

ھن ڍنڍ تي ھر سال ھندو ڪئلينڊر جي ڪارتڪ مھيني (آڪٽوبر نومبر) ۾ ميلو لڳندو آھي. ھن ميلي کي ڪارتڪ پورنما سڏيو وڃي ٿو. ھي ميلو چنڊ جي يارھين تاريخ کان شروع ٿي چوڏھين تاريخ تي ختم ٿيندو آھي. ھن ميلي جي موقعي تي ھزارين ھندو ياتري ڍنڍ ۾ ٽٻيون ھڻي پنھنجا گناھ بخشائيندا آھن. ھن ميلي جي موقعي تي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو اٺن جو ميلو بہ ملھايو ويندو آھي[14]. ميلي جي موقعي تي آسپاس جا ماڻھو پنھنجا روايتي رنگبرنگي ڪپڙا پائي ميلي ۾ شريڪ ٿيندا آھن. اٺن کي بہ خوب سينگاريو ويندو آھي. چون ٿا تہ ڪارتڪ پورنما واري ڏينھن (ڪارتڪ مھيني جي چوڏھين تاريخ تي) برھما ھن ڍنڍ تي پنھنجي پوڄا پوري ڪئي ھئي. ھن ميلي جي موقعي تي لوڪ رقص، ڳائڻ وڄائڻ، اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا، رسي ڇڪڻ جا مقابلا ۽ چوپائي مال جي پڙي لڳندي آھي[15]. ھي ميلو نہ فقط ھڪ مذھبي اجتماع آھي پر گڏوگڏ ڪاروبار جو بہ ذريعو آھي.

نباتات ۽ حيوانات[سنواريو]

جڏھن ھيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان مڪمل ڀريل ھوندي آھي تہ ھن ۾ مڇيون ۽ ٻيا پاڻيءَ جا جانور بہ جھجھا ٿي ويندا آھن. پر وقت سان گڏوگڏ ھن جي اونھائي گھٽجي رھي آھي. ھن ڍنڍ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي 9 ميٽر آھي پر ڪن ڪن ھنڌن تي اھا گھرائي ڏيڍ ميٽر کان بہ گھٽ وڃي بچي آھي. ڪنھن زماني ۾ ھن ڍنڍ ۾ 5 کان 20 ڪلوگرام وزن واريون وڏيون مڇيون ھونديون ھيون پر ھن وقت انھن جو نالو نشان بہ ڪونھي. ريگستاني ھجڻ ڪري ھن ڍنڍ جي آسپاس ڪيڪٽس جا ٻوٽا ۽ ڪنڊن واريون جھاڙيون وڏي تعداد ۾ ڦٽن ٿيون. ھن ڍنڍ ۾ واڳون بہ ھوندا ھئا جيڪي ڪڏھن ڪڏھن ياترين تي حملا بہ ڪندا ھئا پر اھي بہ ھاڻي ختم ٿي ويا آھن. ڍنڍ جي آسپاس جي علائقن ۾ اٺ ۽ ٻيو چوپايو مال جام آھي[16]. ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ آلودگي گھڻي وڌي وئي آھي ۽ ھن ڍنڍ جو پاڻي پيئڻ جي لائق نہ رھيو آھي فقط وھنجڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

پشڪر ڍنڍ جو ھڪ شاندار نظارو

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Pushkar Lake Rajasthan - Pushkar Lake History Temples Ghats & Photos". Rajasthan Direct. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  2. "Pushkar Lake". ENVIS Centre on Conservation of Ecological Heritage and Sacred Sites of India: Pushkar Lake when full is rich in fish and other aquatic life. Retrieved 04 April 2022.
  3. Bradnock, Robert W. (2004). Footprint India. Roma Bradnock (13th ed ed.). Bath: Footprint. ISBN 1-904777-00-7. OCLC 56009795. https://www.worldcat.org/oclc/56009795. 
  4. 4.0 4.1 Rajputana (Agency) (1904) (en ۾). Rajputana District Gazetteers. Scottish Mission Industries Company, Limited. https://books.google.co.in/books?id=vL8BAAAAYAAJ&q=Legends+of+Pushkar&redir_esc=y. 
  5. Kar, Amal (1986-09). "Physical environment, human influences and desertification in Pushkar — Budha Pushkar lake region of Rajasthan, India". The Environmentalist 6 (3): 227–232. doi:10.1007/bf02240266. ISSN 0251-1088. http://dx.doi.org/10.1007/bf02240266. 
  6. Asher, Catherine B. (1992). Architecture of Mughal India. Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 0-521-26728-5. OCLC 24375997. https://www.worldcat.org/oclc/24375997. 
  7. Sharma, Monika; Kannan, Monika (2020-07-01). "ANALYSIS OF SOCIO ECONOMIC DEVELOPMENT OF WOMEN IN PUSHKAR (AJMER)". Journal of Global Resources 06 (02): 115–122. doi:10.46587/jgr.2020.v06i02.016. ISSN 2395-3160. http://dx.doi.org/10.46587/jgr.2020.v06i02.016. 
  8. Bansal, Sunita Pant (2005) (en ۾). Hindu Gods and Goddesses. Smriti Books. ISBN 978-81-87967-72-9. https://books.google.co.in/books?id=xhrnkdByWDIC&q=Legends+of+Pushkar&pg=PA23&redir_esc=y. 
  9. "About Pushkar". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  10. "Ten of the World's Most Religious Cities - International Business Times". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  11. Brown, Lindsay; Thomas, Amelia (2008) (en ۾). Rajasthan, Delhi & Agra. Lonely Planet. ISBN 978-1-74104-690-8. https://books.google.co.in/books?id=Zz0_zXPb68kC&q=Legends+of+Pushkar&pg=PA210&redir_esc=y. 
  12. V?lm?ki; Venkatesananda, Swami (1988-01-01) (en ۾). The Concise R_m_ya_a of V_lm_ki. SUNY Press. ISBN 978-0-88706-862-1. https://books.google.co.in/books?id=mkSzznK3VuEC&q=pushkar+lake&pg=PA37&redir_esc=y. 
  13. "Temple Profile". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  14. deBruyn, Pippa; Bain, Keith; Venkatraman, Niloufer; Joshi, Shonar (2008-03-04) (en ۾). Frommer's India. Wiley. ISBN 978-0-470-16908-7. https://books.google.co.in/books?id=qMqBvtL_nI0C&q=brahma+temple+pushkar&pg=PA437&redir_esc=y. 
  15. "Wayback Machine" (PDF). web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  16. "Ecology of Pushkar Valley,Ecology of Pushkar Valley Rajasthan,Pushkar Travel Guide". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-05.