خيرسون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خيرسون
Херсон
شھر
Kherson Perekopska Str. 13 Saviour Cathedral of St.Catherine 04 (YDS 3540).jpgУспенский собор на Ленина DSC 7267 8 9 fused.jpg
2016 г. Библиотека в Херсоне.jpgKherson-2017 Theatre (Horkogo) Str. 27 Synagogue 'Habad' 03 01 (YDS 4127).jpg
Kherson-23102009(039).jpgХерсон, Леніна вул., 34.JPG
Victory-Monument-Kherson-2.jpg
(مٿان کان ھيٺ، ساڄي کان کاٻي):
  • سينٽ ڪيٿرين ڪيٿڊرل
  • ڊورمينيشن ڪيٿڊرل
  • پبلڪ لائبرري
  • سائناگوگ خباد
  • پھريون بحري جھاز ٺاھڻ جو يادگار
  • آرٽ ميوزيم
  • گلوري پارڪ
خيرسون
جھنڊو
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
خيرسون is located in Kherson Oblast
خيرسون
خيرسون
خيرسون is located in Ukraine
خيرسون
خيرسون
خيرسون جي بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 46°38′33″N 32°37′30″E / 46.64250°N 32.62500°E / 46.64250; 32.62500مڪانيت: 46°38′33″N 32°37′30″E / 46.64250°N 32.62500°E / 46.64250; 32.62500
ملڪ Flag of Ukraine.svg يوڪرين
اوبلاست (صوبو) خيرسون
بنياد پيو 18 جون 1778ع
ڪنٽرول Flag of Russia.svg روس
پکيڙ
 • ڪل ١٣٥٫٧ ڪ.م٢ (٥٢٫٤ ميل٢)
بلندي ٤٦٫٦ ميل (١٥٢٫٩ ft)
آبادي (2021)
 • ڪل ٢٨٣,٦٤٩

خيرسون (انگريزي: Kherson) يوڪرين جو ھڪ شھر آھي. 2021ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 328,360 آھي[1]. نيپر نديءَ (Dnieper River) جي ڪناري تي وسيل ھي شھر ڪاري سمنڊ (بحر اسود، Black Sea) جي ساحل تي يوڪرين جو ھڪ اھم بندرگاھ آھي. ھي شھر خيرسون اوبلاسٽ (صوبي) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ بحري جھازن ٺاھڻ واري صنعت جي ڪري مشھور آھي. ھتي تيل صاف ڪرڻ ۽ ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرنگ جون صنعتون پڻ قائم آھن.

ھي شھر 18 جون 1778ع تي راڻي ڪيٿرين II جي حڪم سان قائم ٿيو. 1783ع ۾ ھن کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ ھتي بحري جھاز ٺاھڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا ويا. 1803ع ۾ ھن کي خيرسون گورنوريٽ جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. يوڪرين جي آزاديءَ کان پھرين ھتي روس جي بحري فوج جو ھڪ اڏو قائم ڪيو ويو ھو[2]. 19 آگسٽ 1941ع کان 13 مارچ 1944ع تائين ھي شھر جرمنيءَ جي قبضي ھيٺ رھيو. 3 مارچ 2022ع کان شھر تي روسي فوجن قبضو ڪري ورتو آھي.

ھتان جي گھمڻ جھڙين جاين ۾ خيرسون قلعو، سينٽ ڪيٿرين ڪيٿڊرل ۽ آرٽ ميوزيم شامل آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. Zapadniuk, S. (2013-12-15). "INTERREGIONAL POPULATION MIGRATIONS IN UKRAINE: MODERN STATE, DYNAMICS". Ukrainian Geographical Journal 2013 (4): 55–61. doi:10.15407/ugz2013.04.055. ISSN 1561-4980. http://dx.doi.org/10.15407/ugz2013.04.055. 
  2. "Kherson: Facts, History, & Population, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-06.