ناگپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ناگپور
شهر
BAPS Swaminarayan Temple, Nagpur.jpg
Ganesh Visarjan at Futala by Chetan Gole.jpgNagpur orange article.JPG
Night at Sitabuldi Nagpur.jpgVCA,Nagpur.jpg
مٿان کان هيٺ، گهڙيال جي ڪانٽن جي ابتي رخ ۾:سوامي نارائڻ مندر، ناگپور جون نارنگيون، ناگپور ۾ گنيش جو ميلو
، ناگپور شهر اسڪائي لائين ۽ ودرڀا ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن اسٽيڊيم
عرفيت: نارنگين جو شهر,[1]
هندستان جي دل[2] چيتن جو شهر
ناگپور is located in مھاراشٽر
ناگپور
ناگپور
مهاراشٽر ۾ ناگپور جي بيهڪ
ناگپور is located in
ناگپور
ناگپور
ناگپور ()
متناسقات: 21°9′N 79°5′E / 21.150°N 79.083°E / 21.150; 79.083مڪانيت: 21°9′N 79°5′E / 21.150°N 79.083°E / 21.150; 79.083
ملڪFlag of India.svg ڀارت
رياستمهاراشٽر
ريجنودرڀا
ضلعوناگپور
بنياد پيو1702[3]
بانيبخت بلند شاھ
حڪومت
 • قسمميئر ــ ڪائونسل
 • باڊيناگپور مييونسپل ڪارپوريشن. ناگپور ميٽروپوليٽن ريجن ڊولپمينٽ اٿارٽي
پکيڙ
 • ناگپور شهر٢٢٧٫٣٦ ڪ.م٢ (٨٧٫٧٨ ميل٢)
اوچائي٣١٠ ميل (١٬٠٢٠ ft)
آبادي (2011)[4]
 • ناگپور شهر٢,٤٠٥,٦٦٥
 • شمارهندستان: تيرهون
مهاراشٽر : ٽيون
ودرڀا: پهريون
 • گھاٽائي١١,٠٠٠/km٢ (٣٠٬٠٠٠/sq mi)
 • ميٽروپوليٽن٢,٤٩٧,٨٧٠
 • ميٽرو رينڪتيرهون
آبادي جو نالو ناگپورڪار, ناگپوري, ناگپورائيٽ
ٽائيم زونIST (UTC+5:30)
پن ڪوڊ)440 001 – 440 037[5]
ٽيليفون ڪوڊ+91-712
رجسٽريشن نمبر پليٽ MH31 (Nagpur West)
MH49 (Nagpur East)[6]
MH40 (Nagpur Rural)
جي ڊي پي15.10 بلين ڊالر[7]
سرڪاري ٻوليمرهٺي
HDIVery High[8]
ويبسائيٽwww.nagpur.gov.in
www.nmcnagpur.gov.in
www.nitnagpur.org
www.nmrda.org
www.nagpurpolice.gov.in

ناگپور (انگريزي: Nagpur)هندستان جي مهاراشٽر رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ سياري جي موسم ۾ رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي [9]. هيءُ شهر ناگ نديءَ جي ڪناري تي آباد ٿيل آهي، انهيءَ ڪري هن شهر تي ناگپور نالو پيو[10]. هڪ اندازي موجب هيءُ شهر 2019 کان 2035ع دوران دنيا جو پنجون تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهر ثابت ٿيندو ۽ هتي آباديءَ جي سراسري واڌ 8.41 سيڪڙو ٿيندي. هن شهر کي هندستان جي صاف سٿرن شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هي شهر مهاراشٽر رياست جي مکيه معاشي ۽ سياسي مرڪزن مان هڪ آهي. هتي صحت ۽ آمدورفت جون بهترين سهوليتون ميسر آهن. جيتوڻيڪ هتي آرام ۽ آسائش جون انيڪ سهولتون موجود آهن پر هي شهر تعصب پرستي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل آهي. هي شهر هندو انتها پسند تنظيم راشٽريا سويم سيوڪ سنگه (RSS) جو ڳڙھ آهي. هتي ٻڌ مذهب سان واسطو رکندڙ دليت به ڪافي سرگرم آهن. هتي گوتم ٻڌ جو هڪ وڏو اسٽوپا ٺهيل آهي جيڪو ”ديڪشاڀومي“ جي نالي سان مشهور آهي. ناگپور جون نارنگيون سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. شهر ۽ ان جي آسپاس نارنگين جا ڪئين باغ نظر اچن ٿا ۽ هتي نارنگين جو ڪاروبار وڏي پيماني تي ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هن کي ”نارنگين جو شهر“ پڻ سڏيو وڃي ٿو[11]. هن شهر ۽ ان جي آسپاس چيتا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا ان ڪري هن شهر کي ”چيتن جو شهر“ يا ٽائيگر گيٽ وي آف انڊيا (Tiger Gateway of India) به ڪوٺيو وڃي ٿو.

تاريخ[سنواريو]

هي شهر گوند قبيلي جي حڪمران بخت بلند شاھ 1702ع ۾ ٻڌرايو[12]. 1743ع ۾ مرهٺن جي سرواڻ رگهوجي ڀونسلي هن شهر کي فتح ڪيو. اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ انگريزن ۽ مرهٺن جي وچ ۾ ٽي ڀيرا جنگيون ٿيون ۽ هي شهر مرهٺن جي هٿن مان نڪري انگريزن جي غلاميءَ ۾ اچي ويو. 1861ع ۾ انگريزن هن شهر کي پنهنجي حڪومت جي مرڪزي صوبن جي گاديءَ جو هنڌ بنايو. پهرين جنوري 1877ع تي ٽاٽا گروپ هتي پنهنجي پهرين ٽيڪسٽائيل مل جو بنياد رکيو. 1846ع ۾ هن شهر ۾ هسلوپ ڪاليج قائم ٿيو جيڪو هتان جو پهريون ڪاليج هو. 1885ع ۾ مورس ڪاليج ناگپور جو بنياد رکيو ويو جيڪو هن شهر جو پهريون سرڪاري ڪاليج هو. ”آل سينٽس ڪيٿڊرل“ انگريزن جو هن شهر ۾ ٺهرايل پهريون گرجا گهر هو ۽ ”بشاپ ڪاٽن اسڪول“ انگريزي حڪومت جو پهريون اسڪول هو. ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن وانگيان هتي به آزاديءَ جي چڻنگ دکي پئي ۽ انگريزن سان سهڪار نه ڪرڻ جي تحريڪ جو آغاز هن شهر ۾ 1920ع ۾ ٿيو. 1923ع ۾ ناگپور يونيورسٽي قائم ٿي. 1925ع ۾ هندن جي انتها پسند تنظيم آر ايس ايس جو هن شهر ۾ بنياد وڌو ويو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪئي. 1960ع ۾ ناگپور کي مهاراشٽر رياست جو ٻيو گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو. هن رياست جو پهريون گاديءَ جو هنڌ ممبئي آهي.

آبادي[سنواريو]

2011ع واري آدمشماريءَ مطابق هن شهر جي ڪل آبادي 2405665 ماڻهن تي مشتمل آهي جن مان 1225405 مرد ۽ 1180270 عورتون آهن. ڇھ سال يا ان کان ننڍي ڄمار وارن ٻارن جو تعداد 247078 آهي جن مان 128290 ڇوڪرا ۽ 118788 ڇوڪريون آهن. ٻارڙا هن شهر جي ڪل آباديءَ جو %10.27 آهن. هتان جو سراسري خواندگيءَ جو تناسب %91.92 آهي. شهر جا %94.44 مرد ۽ %89.31 عورتون پڙهيل ڳڙهيل آهن.

ناگپور ۾ سنڌي آبادي[سنواريو]

1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي هندن کي سنڌ ڇڏي هندستان جو رخ ڪرڻو پيو. هندستان ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي الهاس نگر ۾ رهن ٿا. ٻئي نمبر تي ناگپور جو شهر آهي جتي سنڌي وڏي تعداد ۾ آباد آهن. هڪ اندازي موجب هتي سنڌين جي آبادي هڪ لک جي لڳڀڳ آهي[13].

مذهب ۽ ٻولي[سنواريو]

ناگپور ۾ مذهب
مذهب سيڪڙو
هندو
  
59.46%
ٻڌ
  
25.57%
مسلمان
  
11.95%
عيسائي
  
1.15%
جين
  
0.90%
سک
  
0.68%
ٻيا†
  
0.30%
مذهبن جي ورهاست
هنن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي ڪنهن به مذهب سان واسطو نٿا رکن.

هن شهر جا اٽڪل %59.46 رهواسي هندو مذهب سان واسطو رکن ٿا. ٻڌ مذهب سان لاڳاپيل ماڻهن جو تناسب %25.57 آهي. هتي مسلمان به چڱي خاصي تعداد ۾ آباد آهن ۽ انهن جي آباديءَ جو ڪل تناسب %11.95 آهي. ٻين اقليتن ۾ عيسائي %1.15، جين مذهب جا پوئلڳ %0.90، سِکَ %0.68 ۽ ٻيا %0.30 آهن.

هتان جي سرڪاري ٻولي مرهٺي آهي جيڪا هتان جي اڪثريتي ٻولي پڻ آهي. هندي ۽ ورهدي ٻوليون به شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتان جي مرهٺي ٻوليءَ جو لهجو مهاراشتر رياست جي ٻين علائقن واري (مرهٺي) ٻوليءَ کان ڪافي مختلف آهي. سنڌي ٻولي به ڳالهائي وڃي ٿي. ڪاروبار ۽ سرڪاري ڪاروهنوار عام طور تي انگريزي، هندي ۽ مرهٺي ٻولين ۾ ٿئي ٿو.

معيشت[سنواريو]

ناگپور جي هڪ بازار
ناگپور جي مرڪزي بينڪ

ناگپور جو شمار هندستان جي تمام تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهرن ۾ ٿئي ٿو. هتي ڪروڙپتي ماڻهن جو چڱو موچارو تعداد آباد آهي. 2004ع ۾ هن شهر ۾ 5000 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي. 2015ع ۾ هتان جي في شخص آمدني 123610 رپيا ۽ 2016ع ۾ مجموعي گهريلو پئداوار (GDP) اٽڪل 15.10 بلين ڊالر هئي. هتان جي ”سيتا بلدي“ مارڪيٽ شهر جو مکيه ڪاروباري مرڪز آهي جنهن کي شهر جي دل ڪوٺيو وڃي ٿو.

هتي ڪيترين ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جون مرڪزي آفيسون قائم آهن جن ۾ آئيس ڪريم، خشڪ کاڌن ۽ ميون، رڌڻ لاءِ تيار کاڌن، مرچ مصالحن ۽ آيوويدڪ دوائن جون ڪمپنيون شامل آهن. ناگپور جو شهر ۽ ان جي آسپاس جا علائقا گذريل ڪئين صدين کان پنهنجي نارنگين جي باغن سبب مشهور آهن. انهيءَ ڪري هن شهر کي ”نارنگين جو شهر“ ڪوٺيو وڃي ٿو. هي شهر اڄ به هندستان ۾ نارنگين جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. هن شهر مان نارنگيون ڏيھ ۽ پرڏيھ موڪليون وڃن ٿيون. هي شهر ڪپھ ۽ سلڪ جي اپت ۾ به اعليٰ حيثيت رکي ٿو. هتان جا ڪاٽن جا ۽ ريشمي ڪپڙا ڪافي مشهور آهن.

هتي هڪ عاليشان هوائي اڏو، ٽي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏو صنعتي زون آهي. هتان جي صنعتي زون ۾ 900 ننڍيون ۽ وچولي سائز جون صنعتون قائم آهن. هتي کاڻين کوٽڻ (Mining) جو ڪم به وڏي پيماني تي ٿئي ٿو ۽ هتان ڪوئلي ۽ ٻين معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. هتي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي وڏين وڏين ڪمپنين جون آفيسون پڻ موجود آهن.

آبهوا[سنواريو]

هتان جي موسم سال جو گهڻو حصو خشڪ ۽ گرم رهي ٿي. جون جي مهيني ۾ 163 ملي ميٽرن تائين برسات وسي سگهي ٿي جڏهن ته جولاءِ ۾ اها وڌي 294 ملي ميٽر ٿي سگهي ٿي. هتي سڀ کان گهڻي برسات (304 ملي ميٽر) 14 جولاءِ 1994ع تي پئي. هتي اونهاري جي موسم ۾ تمام گهڻي گرمي ٿئي ٿي، خاص طور تي مئي جو مهينو تمام گهڻو گرم ٿيندو آهي. سيارو نومبر کان جنوريءَ تائين هلي ٿو جنهن ۾ گرميءَ جو درجو عام طور تي 100C کان هيٺ رهي ٿو. 19 مئي 2016ع هتان جو سڀ کان گرم ڏينهن هو جڏهن هتي گرميءَ جو درجو 480C رڪارڊ ڪيو ويو. هتان جو ٿڌي ۾ ٿڌو ڏينهن 29 ڊسمبر 2018ع هو، ان ڏينهن هتي جو گرمي پد 3.50C رڪارڊ ڪيو ويو[14].

تعليم[سنواريو]

آر ايس ٽي ايم ناگپور يونيورسٽي ڪئمپس
زرعي ڪاليج, ناگپور

ناگپور هندستان ۾ تدريس ۽ تعليم جو هڪ وڏو مرڪز آهي. هتي انجنيئرنگ، ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل، زراعت، قانون ۽ ٻين شعبن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا جوڳا انتظام موجود آهن. هتي رياست جون چار وڏيون يونيورسٽيون قائم آهن:

  1. ناگپور يونيورسٽي 1923ع ۾ قائم ٿي جنهن کي اڄڪلھ ”راشٽراسنت تڪادوجي مهاراج ناگپور يونيورسٽي“ (Rashtrasant Tukadoji Maharaj Nagpur University) يا RTMNU ڪوٺيو وڃي ٿو. هن يونيورسٽيءَ سان رياست جا 600 ڪاليج سلهاڙيل آهن.
  2. مهاراشٽر اينيمل اينڊ فشريز سائنسز يونيورسٽي (Maharashtra Animal and Fishery Sciences University)
  3. ڪويڪلا ڪاليداس سنسڪرت يونيورسٽي (Kavikulaguru Kalidas Sanskrit University)
  4. مهاراشٽر نيشنل لا يونيورسٽي (Maharashtra National Law University)

مٿين يونيورسٽين کان علاوه هتي هيٺيون ٻه اوپن (Open) يونيورسٽيون به قائم ڪيون ويون آهن:

  • اندرا گانڌي نيشنل اوپن يونيورسٽي
  • يشونترائو چاوان مهاراشٽر يونيورسٽي (Yashwantrao Chavan Maharashtra Open University).

هتي 1885ع ۾ مورس ڪاليج (Morris College) کوليو ويو جنهن کي هاڻي وسنترائو نائڪ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ سوشل سائنسز (Vasantrao Naik Government Institute of Arts and Social Sciences) سڏيو وڃي ٿو. هيءُ هتان جي پراڻن ڪاليجن مان هڪ آهي. هتان جو هڪ ٻيو پراڻو تعليمي ادارو ”ڪاليج آف ايگريڪلچر“ آهي جيڪو انگريزن 1906ع ۾ قائم ڪيو. هيءُ شهر جي پنجن زرعي ڪاليجن مان هڪ آهي. هن شهر ۾ چار ميڊيڪل ڪاليج، اٺن کان وڌيڪ انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ٻه مينيجمينٽ سائنسز جا ڪاليج موجود آهن. ان کان علاوه بزنس مينيجمينٽ، ڪامرس ۽ ٻين شعبن جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاليج موجود آهن. هتي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جو هڪ ڄار وڇايل آهي، جتي هتان جا نونهال علم جي اڃ اجهائين ٿا.

مٿين تعليمي سهولتن سان گڏوگڏ هتي ڪيترائي سکيا جا ادارا قائم ٿيل آهن، جن ۾ ڪپھ جو مرڪزي تحقيقي ادارو، قومي سول ڊفينس ڪاليج، کٽن ميون جو تحقيقاتي ادارو، ماحولياتي انجنيئرنگ جو قومي تحقيقاتي ادارو، نيشنل پاور ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، سڌن ٽيڪسن جي قومي اڪيڊمي (National Academy of Direct Taxes) ۽ ٻيا اهم قومي ادارا شامل آهن.

ثقافتي سرگرميون[سنواريو]

هن شهر ۾ ڪيتريون ئي ثقافتي ۽ ادبي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. ”ودرڀا ساهتيه سنگه“ (Vidarbha Sahitya Sangh)نالي ادبي تنظيم مرهٺي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري ٿي. هن شهر ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا مرهٺي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي ٿي. ”ودرڀا راشترڀاشا پرچار سميتي (Vidarbha Rashtrabhasha Prachar Samiti) ۽ ”ودرڀاهندي ساهتيه سملان“ (Vidarbha Hindi Sahitya Sammelan) هندي ٻوليءَ جي بقا، ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪن ڪندڙ تنظيمون آهن. هتي گهٽ ذات وارين قومن ۽ قبيلن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ”آدم سمويڌان سنراڪشن سميتي (Aadim Samvidhan Sanrakshan Samiti) جي مرڪزي آفيس قائم آهي.

ناگپور جو ڏکڻ مرڪزي ثقافتي مرڪز شهر ۾ لوڪ رقص ۽ هتان جي هٿ جي هنرن، پوشاڪ ۽ رهڻيءَ ڪرڻيءَ بابت ميلا منعقد ڪرائيندو آهي. هتي مهاراشٽر سرڪار پاران ”ڪاليداس ميلو“ لڳايو ويندو آهي. راڳ رنگ ۽ رقص جو هي ميلو سڄو هفتو هلندو آهي ۽ هن ۾ ملڪ جا چوٽيءَ جا ڪلاڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ساڳئي قسم جو ميلو ناگپور جي ميونسپل ڪارپوريشن پاران پڻ ملهايو ويندو آهي. ناگپور جو مرڪزي عجائب گهر 1863ع ۾ قائم ٿيو جنهن ۾ هن شهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جا نوادرات رکيل آهن. ٽي ڀائر غلام علي (ڪوٽوال)، محمد سعادالدين (صوبيدار) ۽ محمد صلاح الدين (ڪوٽوال ۽ وزير) اردوءَ ۽ فارسيءَ جا مشهور شاعر ٿي گذريا آهن. هو اصل ۾ هريانه رياست جي شهر جهاجهر جا رهاڪو هئا جيڪي مهاراجا رگهوجي باپو صاحب ڀونسلي ٽئين جي دور ۾ ناگپور ۾ اچي رهيا هئا. هنن ناگپور جي مومن پورا علائقي ۾ ”جهاجهر باغ“ جو بنياد رکيو هو. هنن پنهنجي لاءِ هڪ عاليشان محل جوڙايو هو جنهن کي ”آئينه محل“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هنن هتي هڪ مسجد به تعمير ڪرائي هئي. حڪومت شهر جي اتر اوله ۾ ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ سفاري پارڪ به قائم ڪيو آهي. هتي دليت قوم جي شهيدن جو هڪ عظيم الشان يادگار به شهر جي سونهن وڌائڻ جو سبب آهي.

هتان جو ”لتا منگيشڪر ميوزيڪل گارڊن“ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو باغ آهي. هن باغ ۾ 2500 ماڻهن جي گنجائش آهي. هن باغ ۾ ڪيترائي ڦوهارا لڳل آهن جن مان مختلف سازن جا آواز پيا نڪرندا آهن. هن باغ جا مختلف قسمن جا گل ۽ ٻوٽا پوکيل آهن جن جي سونهن ۽ هٻڪار من کي موهي وجهندي آهي.

شهر جي مرڪز کان پنج ڪلوميٽر پري ”انبازري ڍنڍ“ قدرتي حسن جو هڪ سهڻو مثال آهي. هن ڍنڍ جي چوڌاري انبن جي وڻن جون قطارون آهن. مرهٺي ٻوليءَ ۾ انب کي انبا چئبو آهي، انڪري هن ڍنڍ کي انبازري يعني انبن واري ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. ڍنڍ جو سير ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون موجود آهن. ڍنڍ جي ڪناري تي ٻارن جا جهولا ۽ ٻيون شيون رکيل آهن. هڪ وڏو پاڻيءَ جو ڦوهارو به موجود آهي.

مذهبي جايون ۽ ميلا[سنواريو]

گوتم ٻڌ جو اسٽوپا (ديڪشا ڀومي)
ناگپور جو هڪ مندر

هتي مهاتما گوتم ٻڌ جو هڪ وڏو اسٽوپا سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهندو آهي. هن گنبند نما اسٽوپا کي ”ديڪشاڀومي“ (Deekshabhoomi) يا ”ڌما چڪرا“ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن اسٽوپا جي بلندي 120 فوٽ آهي[15]. هن شهر ۾ لڳڀڳ 30 جين مندر تعمير ٿيل آهن. گنيش مندر هتان جو سڀ کان مشهور مندر آهي. رام مندر ۽ لڪشمي ديويءَ جو منارو به هتان جي اهم مذهبي عمارتن ۾ شمار ٿين ٿا. هتي عيسائين جا گرجا گهر هتي جيڪي اهم مذهبي تقريبون منعقد ٿين ٿيون تن ۾ رام نوامي، عيد ميلادالنبي، يوم عاشوره، گرونانڪ جيانتي، مهاوير جيانتي، درگا پوجا، چيتي چنڊ ۽ ٻيون تقريبون شامل آهن. هتي ڏکڻ هندستان جا به ڪيترائي مندر ٺهيل آهن. شهر ۾ پارسي مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهو هر سال پارسي نئون سال ملهائيندا آهن. هتي ”ڪالي“ ۽ ”پيلي“ بد روحن جو ڏڻ به ملهايو وڃي ٿو.

آمدورفت[سنواريو]

ناگپور جنڪشن ريلوي اسٽيشن بلڊنگ
ناگپور جي بس سروس
ناگپور جو بين الاقوامي هوائي اڏو

ناگپور جو شهر روڊ، ريل ۽ هوائي سفر وسيلي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيل آهي. هتي ريلوي اسٽيشن 1867ع ۾ قائم ٿي. انهيءَ ريلوي اسٽيشن ”ممبئي ــ ڀوسوال ــ ناگپور“ واري ريلوي پٽڙيءَ جو حصو آهي. ناگپور کان ڪلڪتي لاءِ ريل گاڏيون 1881ع ۾ هلڻ شروع ٿيون. اڄڪله ناگپور ريلوي اسٽيشن تي 260 ريل گاڏيون بيهن ٿيون. هنن ريل گاڏين وسيلي اٽڪل 1.6 لک مسافر ريل جو سفر ڪن ٿا. ناگپور اسٽيشن جي موجوده عمارت جو افتتاح 15 جنوري 1925ع ۾ ان وقت جي گورنر سر فرانڪ ڪيو. هن مکيه ريلوي اسٽيشن کان علاوه جيڪي ٻيون ريلوي اسٽيشنون هن شهر ۾ آهن تن ۾ اجني ريلوي اسٽيشن، اتواري ريلوي اسٽيشن، موتي باغ، ڪلمنا ۽ گوڌاني ريلوي اسٽيشن شامل آهن. ناگپور ــ اجني ريلوي سيڪشن هندستان جي سڀ کان ننڍي ريلوي لائين آهي جنهن جي ڊيگه فقط 3 ڪلوميٽر آهي. شهر ۾ ميٽرو ريل سروس پڻ شروع ڪئي وئي آهي. هن سروس جو افتتاح 7 مارچ 2019ع تي وزيراعظم نريندر مودي ڪيو.

هي شهر ملڪ جي اهم شاهراهن جي سنگم تي واقع آهي. هن شهر مان جيڪي اهم روڊ نڪرن ٿا تن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي:

  • سري نگر ڪنياڪماري روڊ (NH-44)
  • ممبئي ــ ڪلڪتا روڊ (NH-53)
  • ناگپور ــ بمنبور (گجرات) (NH-47)
  • آگرا ـ متارا، سريلنڪا (AH-43)
  • کڙڪپور ــ ڌول (AH-46)

ممبئي ـ اورنگ آباد ـ ناگپور روڊ رياستي ۽ مرڪزي حڪومت کان منظور ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه 800 ڪلوميٽر ڊگهو ممبئي ـ ناگپور ايڪسپريس وي به منظور ٿي چڪو آهي. ٻيا به ڪيترائي روڊ ۽ رستا هن شهر کي ٻين شهرن سان ڳنڍين ٿا. هتي هڪ بين الاقوامي هوائي اڏو به آهي جتان روزانو 300 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون اچن ۽ وڃن ٿيون.

رانديون[سنواريو]

ناگپور جي نئين ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو هڪ نظارو

ناگپور هندستان جي انهن چند شهرن مان هڪ آهي جتي هڪ کان وڌيڪ بين الاقوامي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم آهن. پراڻو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ناگپور جي سول لائين واري علائقي ۾ آهي جڏهن ته نئون اسٽيڊيم وارڌا روڊ تي موجود آهي جنهن جو افتتاح 2008ع ۾ ٿيو[16]. نئين ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 45000 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. هتي هاڪي ۽ فوٽ بال جا ميدان به موجود آهن. هتي بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جا ٽورنامينٽ منعقد ٿين ٿا. شهر جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جمناسٽڪ جون سهولتون موجود آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Nagpur is now Orange City, officially". حاصل ڪيل 25th January 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. Choudhari, Abhishek (7 March 2013). "Nagpur as the heart of India". The Times of India. https://timesofindia.indiatimes.com/city/nagpur/Nagpur-as-the-heart-of-India/articleshow/18854653.cms. 
  3. "Scrap dealer holds key to entry into Bakht Buland Shah's grave". The Times of India. حاصل ڪيل 25 January 2020. 
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named census
  5. "Pincodes of Nagpur City". Pincode.nagpuronline.in. حاصل ڪيل 25 February 2017. 
  6. News, Nagpur. "RTO (East) activates new Sarthi 4.0 system for Learning and Driving Licenses". www.nagpurtoday.in. حاصل ڪيل 25 April 2019. 
  7. https://credai.org/assets/upload/report_updates/the-dawn-of-indias-future-cities-special-focus-nagpur-november-2017.pdf
  8. "Economic Survey of Maharashtra 2014–15" (PDF). Maharashtra.gov.in. حاصل ڪيل 25 February 2017. 
  9. Maharashtra General Knowledge,Upkar Prakashan,ISBN:9789350133576
  10. Encyclopedia Britannica, Online Edition, Available at https://www.britannica.com/place/Nagpur-India, Last Visited on 31st January 2020
  11. Nagpur Tourism - The Orange City, available at https://www.holidify.com/places/nagpur/, Last visited on 01 February 2020
  12. Kurup A.M., Continuity and Change in a Little Community, A Study of the Bharias of Patalkot in Madhya Perdesh, Concept Publishing Company, New Delhi
  13. https://thesindhuworld.com/nagpur The Sindhu World - Nagpur]/, Last visited on 2nd February 2020
  14. ِExtreme Temperatures around the World, Last visited on 2nd February 2020
  15. https://www.holidify.com/places/nagpur/sightseeing-and-things-to-do.html، Last visited on 4th February 2020.
  16. http://search.rediff.com/cricket/2008/nov/04nagpur.htm, Last Visited on 4th February 2020