توسان
تُوسان (Tucson) | ||
|---|---|---|
ايريزونا رياست جو شھر | ||
گھڙيال واري رخ ۾، مٿان کان ھيٺ:
توسان شھر، ايريزونا يونيورسٽي، سينٽ آگسٽين ڪيٿڊرل، سانتاڪاتالينا جبل، سھارو نيشنل پارڪ، پيما ڪائونٽي ڪورٽ ھائوس | ||
| ||
| Nickname(s): "The Old Pueblo", "Optics Valley", "America's biggest small town" | ||
![]() Interactive map outlining Tucson | ||
پيما ڪائونٽي ۾ بيھڪ | ||
| Coordinates: 32°13′18″N 110°55′35″W / 32.22167°N 110.92639°W | ||
| ملڪ | آمريڪا جون گڏيل رياستون | |
| رياست | ايريزونا | |
| ڪائونٽي | پيما (Pima) | |
| بنياد پيو | 20 آگسٽ 1775ع | |
| شھر طور رجسٽر ٿيو | 7 فيبروري 1877ع[1] | |
| بنياد رکندڙ | ھيوگو اوڪونر (Hugo O'Conor) | |
| وارڊ | ||
| حڪومت | ||
| • طرز | ڪائونسل مينيجر گورنمينٽ | |
| • باڊي | تومان سٽي ڪائونسل | |
| ايراضي | ||
| • ايريزونا رياست جو شھر | 241.33 چورس ميل (625.04 چورس ڪلوميٽر) | |
| • زمين | 241.01 چورس ميل (624.22 چورس ڪلوميٽر) | |
| • پاڻي | 0.32 چورس ميل (0.82 چورس ڪلوميٽر) | |
| آبادي (2020) | ||
| • ڪل | 542629 | |
| • درجو | 33rd in the United States 2nd in Arizona | |
| • ڪثافت | 869.29 في چورس ڪلوميٽر | |
| • ميٽرو | 1043433 (53rd) | |
| رهاڪو نالو | Tucsonian, Tucsonan | |
| وقتي علائقو | UTC-07:00 (MST (no DST)) | |
| ZIP Codes | 85701-85775 | |
| Area code | 520 | |
| FIPS code | 04-77000 | |
| ويب سائيٽ | https://tucsonaz.gov | |
تُوسان (انگريزي: Tucson، (ⓘ)) يا ٽُوسان آمريڪا جي ايريزونا رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو وڏو شھر آھي. ھي شھر ايريزونا جي وڏي ۾ وڏي شھر فينڪس کان 187 ڪلوميٽر (116 ميل) ڏکڻ اوڀر ۾ سانتا ڪروز نديءَ (Santa Cruz River) جي ڪناري تي آباد آھي. 2020ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 542,629 آھي[4]. توسان ميٽروپوليٽن شمارياتي ايراضيءَ (Metropolitan Statistical Area) جي ڪل آبادي 1,043,433 آھي[5]. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو 33ھون وڏو شھر آھي. ميڪسيڪو جي سرحد ھتان کان فقط 97 ڪلوميٽر (60 ميل) ڏکڻ ۾ واقع آھي.
ھن شھر جو بنياد اسپين جي فوجي جرنل ھيوگو اوڪونر ( Hugo O'Conor) 1775ع ۾ رکيو. 1881ع ۾ جڏھن ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي تہ ھن شھر کي سونورا (Sonora) رياست جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. 1853ع ۾ ھي شھر آمريڪا جي گڏيل رياستن جو حصو بنجي ويو[6] ۽ 1867ع کان 1977ع تائين ايريزونا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 2017ع ۾ يونيسڪو ھن شھر کي بھترين کاڌن پچائڻ (Gastronomy) جو شھر قرار ڏنو[7].
ھن شھر ۾ ايريزونا يونيورسٽي 1885ع کان قائم آھي ۽ ھي شھر پيما (Pima) ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي.
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر واري علائقي ۾ اٽڪل 12000 سال پھريائين اصلوڪن آمريڪين جو پيليو (Paleo) قبيلو آباد ھو. آثار قديمہ جي ماھرن ھن قبيلي جي اٽڪل 2100 ق.م پراڻي ڳوٺ جا آثار لڌا آھن. اھو ڳوٺ ھاڻوڪي توسان شھر ويجھو سانتا ڪروز نديءَ جي ڪپ تي آباد ھو. پيليو قبيلي جا ماڻھو زمينن تي فصل پوکيندا ھئا ۽ شڪار ڪندا ھئا. فصلن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ھنن ڪيترائي واھ کوٽيا ھئا[8]. ھو کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ لاءِ ٺڪر جا ٿانو استعمال ڪندا ھئا. 600ع کان 1450ع تائين ھي علائقو اصلوڪن آمريڪين جي ھوھوڪام (Hohokam) قبيلي جي ھٿ ھيٺ رھيو. ھن قبيلي جا ماڻھو آبپاشيءَ جي نظام جا ماھر ھئا. ھنن فينڪس ۽ توسان واري علائقي ۾ ڪيترائي واھ کوٽي زمينن کي پوکيءَ جي لائق بنايو. ھو کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ لاءِ ڳاڙھاڻ مائل ناسي رنگ جا ٺڪر جا ٿانو استعمال ڪندا ھئا[9].
1692ع ۾ اسپين کان آيل پھريان يورپي توسان واري علائقي ۾ اچي آباد ٿيا. 20 آگسٽ 1750ع تي اسپين جي فوجي جرنل ھيوگو اوڪونر ھتي ھڪ قلعي جي اڏاوت شروع ڪئي. ھتي ارڙھين صديءَ جي آخري ٻن ڏھاڪن ۾ اصلوڪن آمريڪين جي قبيلي اپاچي ۽ يورپي لوڪن جي وچ ۾ ڪافي چڪريون ٿيون پر آخرڪار يورپي سوڀارا ٿيا. 1821ع ۾ ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ توسان جو شھر ميڪسيڪو جي سونورا رياست جو حصو بنجي ويو. 6 جون 1954ع تي ھڪ معاھدي تحت گيلا نديءَ جي ڏکڻ وارا علائقا ميڪسيڪو کان آمريڪا جي گڏيل رياستن خريد ڪري ورتا ۽ ايئن توسان آمريڪا جي گڏيل رياستن جو حصو بنجي ويو. 1877ع ۾ توسان کي آمريڪي شھر طور رجسٽر ڪيو ويو. 1885ع ۾ ھتي ايريزونا يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو ويو. 1912ع ۾ ايريزونا کي آمريڪي رياست جو درجو ڏنو ويو ۽ انھن ئي ڏينھن کان ھن شھر جي آبادي وڌڻ لڳي. ھن وقت توسان ايريزونا رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو وڏو شھر آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.tucsonaz.gov/apps/maps-and-records/annexations, title=Annexations | Official website of the City of Tucson, publisher=Tucsonaz.gov |access-date=2022-04-12, archive-https://web.archive.org/web/20170327170917/https://www.tucsonaz.gov/apps/maps-and-records/annexations |archive-date=April 12, 2022
- ↑ "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. October 29, 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2020 Population and Housing State Data". United States Census Bureau. 22 August 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Bureau, US Census. "Census.gov". Census.gov (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-04-12 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|last=has generic name (مدد) - ↑ "Tucson – A Fast Growing AZ City – Arizona Title Loans – QED Auto Title Loan Services". web.archive.org. 2018-02-10. 2022-04-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Gadsden Purchase Treaty". National Archives (انگريزي ۾). 2016-08-15. 2022-04-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tucson Named First UNESCO City of Gastronomy in the USA | Visit Tucson". web.archive.org. 2019-06-20. 2022-04-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Wayback Machine" (PDF). web.archive.org. 2022-04-13 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Cite uses generic title (مدد) - ↑ "The Hohokam, Arizona Museum of Natural History". web.archive.org. 2017-10-03. 2022-04-13 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Coordinates on Wikidata
- Pages using the Phonos extension
- CS1 errors: generic name
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 errors: generic title
- ايريزونا
- توسان
- ايريزونا رياست جا شهر
- گڏيل آمريڪي رياستن جا شھر
- نقشن وارا صفحا
