توسان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تُوسان (Tucson)
ايريزونا رياست جو شھر
گھڙيال واري رخ ۾، مٿان کان ھيٺ: توسان شھر، ايريزونا يونيورسٽي، سينٽ آگسٽين ڪيٿڊرل، سانتاڪاتالينا جبل، سھارو نيشنل پارڪ، پيما ڪائونٽي ڪورٽ ھائوس
تُوسان (Tucson)
جھنڊو
Map
Interactive map outlining Tucson
پيما ڪائونٽي ۾ بيھڪ
پيما ڪائونٽي ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 32°13′18″N 110°55′35″W / 32.22167°N 110.92639°W / 32.22167; -110.92639مڪانيت: 32°13′18″N 110°55′35″W / 32.22167°N 110.92639°W / 32.22167; -110.92639
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست ايريزونا
ڪائونٽي پيما (Pima)
بنياد پيو 20 آگسٽ 1775ع
شھر طور رجسٽر ٿيو 7 فيبروري 1877ع[1]
قيام ھيوگو اوڪونر (Hugo O'Conor)
وارڊ
حڪومت
 • قسم ڪائونسل مينيجر گورنمينٽ
 • مجلس تومان سٽي ڪائونسل
پکيڙ[2]
 • ايريزونا رياست جو شھر 241.33 ميل2 (625.04 ڪ.م2)
 • زميني 241.01 ميل2 (624.22 ڪ.م2)
 • آبي 0.32 ميل2 (0.82 ڪ.م2)
بلندي 2,389 ft (728 ميل)
آبادي (2020)
 • ايريزونا رياست جو شھر 542,629

تُوسان (انگريزي: Tucson، (About this sound ٻُڌو)) يا ٽُوسان آمريڪا جي ايريزونا رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو وڏو شھر آھي. ھي شھر ايريزونا جي وڏي ۾ وڏي شھر فينڪس کان 187 ڪلوميٽر (116 ميل) ڏکڻ اوڀر ۾ سانتا ڪروز نديءَ (Santa Cruz River) جي ڪناري تي آباد آھي. 2020ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 542,629 آھي[4]. توسان ميٽروپوليٽن شمارياتي ايراضيءَ (Metropolitan Statistical Area) جي ڪل آبادي 1,043,433 آھي[5]. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو 33ھون وڏو شھر آھي. ميڪسيڪو جي سرحد ھتان کان فقط 97 ڪلوميٽر (60 ميل) ڏکڻ ۾ واقع آھي.

ھن شھر جو بنياد اسپين جي فوجي جرنل ھيوگو اوڪونر ( Hugo O'Conor) 1775ع ۾ رکيو. 1881ع ۾ جڏھن ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي تہ ھن شھر کي سونورا (Sonora) رياست جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. 1853ع ۾ ھي شھر آمريڪا جي گڏيل رياستن جو حصو بنجي ويو[6] ۽ 1867ع کان 1977ع تائين ايريزونا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 2017ع ۾ يونيسڪو ھن شھر کي بھترين کاڌن پچائڻ (Gastronomy) جو شھر قرار ڏنو[7].

ھن شھر ۾ ايريزونا يونيورسٽي 1885ع کان قائم آھي ۽ ھي شھر پيما (Pima) ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي.

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر واري علائقي ۾ اٽڪل 12000 سال پھريائين اصلوڪن آمريڪين جو پيليو (Paleo) قبيلو آباد ھو. آثار قديمہ جي ماھرن ھن قبيلي جي اٽڪل 2100 ق.م پراڻي ڳوٺ جا آثار لڌا آھن. اھو ڳوٺ ھاڻوڪي توسان شھر ويجھو سانتا ڪروز نديءَ جي ڪپ تي آباد ھو. پيليو قبيلي جا ماڻھو زمينن تي فصل پوکيندا ھئا ۽ شڪار ڪندا ھئا. فصلن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ھنن ڪيترائي واھ کوٽيا ھئا[8]. ھو کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ لاءِ ٺڪر جا ٿانو استعمال ڪندا ھئا. 600ع کان 1450ع تائين ھي علائقو اصلوڪن آمريڪين جي ھوھوڪام (Hohokam) قبيلي جي ھٿ ھيٺ رھيو. ھن قبيلي جا ماڻھو آبپاشيءَ جي نظام جا ماھر ھئا. ھنن فينڪس ۽ توسان واري علائقي ۾ ڪيترائي واھ کوٽي زمينن کي پوکيءَ جي لائق بنايو. ھو کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ لاءِ ڳاڙھاڻ مائل ناسي رنگ جا ٺڪر جا ٿانو استعمال ڪندا ھئا[9].

1692ع ۾ اسپين کان آيل پھريان يورپي توسان واري علائقي ۾ اچي آباد ٿيا. 20 آگسٽ 1750ع تي اسپين جي فوجي جرنل ھيوگو اوڪونر ھتي ھڪ قلعي جي اڏاوت شروع ڪئي. ھتي ارڙھين صديءَ جي آخري ٻن ڏھاڪن ۾ اصلوڪن آمريڪين جي قبيلي اپاچي ۽ يورپي لوڪن جي وچ ۾ ڪافي چڪريون ٿيون پر آخرڪار يورپي سوڀارا ٿيا. 1821ع ۾ ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ توسان جو شھر ميڪسيڪو جي سونورا رياست جو حصو بنجي ويو. 6 جون 1954ع تي ھڪ معاھدي تحت گيلا نديءَ جي ڏکڻ وارا علائقا ميڪسيڪو کان آمريڪا جي گڏيل رياستن خريد ڪري ورتا ۽ ايئن توسان آمريڪا جي گڏيل رياستن جو حصو بنجي ويو. 1877ع ۾ توسان کي آمريڪي شھر طور رجسٽر ڪيو ويو. 1885ع ۾ ھتي ايريزونا يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو ويو. 1912ع ۾ ايريزونا کي آمريڪي رياست جو درجو ڏنو ويو ۽ انھن ئي ڏينھن کان ھن شھر جي آبادي وڌڻ لڳي. ھن وقت توسان ايريزونا رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو وڏو شھر آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.tucsonaz.gov/apps/maps-and-records/annexations, title=Annexations | Official website of the City of Tucson, publisher=Tucsonaz.gov |access-date=2022-04-12, archive-https://web.archive.org/web/20170327170917/https://www.tucsonaz.gov/apps/maps-and-records/annexations |archive-date=April 12, 2022
  2. "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. حاصل ڪيل October 29, 2021. 
  3. "2020 Population and Housing State Data". United States Census Bureau. حاصل ڪيل 22 August 2021. 
  4. Bureau, US Census. "Census.gov". Census.gov. حاصل ڪيل 2022-04-12. 
  5. "Tucson – A Fast Growing AZ City – Arizona Title Loans – QED Auto Title Loan Services". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-12. 
  6. "Gadsden Purchase Treaty". National Archives. حاصل ڪيل 2022-04-12. 
  7. "Tucson Named First UNESCO City of Gastronomy in the USA | Visit Tucson". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-12. 
  8. "Wayback Machine" (PDF). web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-13. 
  9. "The Hohokam, Arizona Museum of Natural History". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-13.