الھاس نگر
الهاس نگر | |
---|---|
![]() الهاس نگر ريلوي اسٽيشن (جون 2000) | |
بيھڪ: 19°13′N 73°09′E / 19.22°N 73.15°Eمڪانيت: 19°13′N 73°09′E / 19.22°N 73.15°E | |
ملڪ | ![]() |
رياست | مهاراشٽر |
ضلعو | ٿاني |
حڪومت | |
• قسم | ميونسپل ڪارپوريشن |
ايراضي | |
• ڪل | ١٣ ڪ.م٢ (٥ ميل٢) |
اوچائي | ١٩ ميل (٦٢ ft) |
الهاس نگر (انگريزي: Ulhas Nagar) هندستان جي رياست مهاراشتر جو هڪ شهر آهي. هتي سنڌ کان لڏي ويل هندو سنڌي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. هيءُ شهر ممبئي ميٽروپوليٽن واري علائقي جو حصو آهي ممبئي شهر کان اٽڪل 60 ڪلوميٽر پري آهي. 2011ع وارن انگن اکرن مطابق هن شهر جي آدمشماري 506098 آهي[1]. هتي هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي جيڪا ممبئي کي پوني سان ملائيندڙ مرڪزي ريلوي لائين تي قائم ٿيل آهي. هتي سنڌي کاڌا عام جام ملن ٿا. هندستان ۾ رهندڙ ڪيترن ئي سنڌي اديبن جي رهائش هن شهر ۾ آهي. هن شهر کي ننڍڙي سنڌ چئجي ته غلط نه ٿيندو.
تاريخ[سنواريو]
ٻي عالمگير جنگ ۾ فوجين لاءِ پنج فوجي ڪئمپون ٺاهيون ويون هيون جن ۾ 6000 سپاهين ۽ 20000 ٻين ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش هئي. هنن ڪئمپن کي ”ڪلياڻ فوجي ڪئمپون سڏيو ويندو هو“ هو. هتي 2126 فوجي بئريڪ ۽ 1173 گهر ٺاهيا ويا هئا. ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ اهي ڪئمپون اجڙي ويون ۽ فوجي هتان هليا ويا. 1947ع ۾ پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڳڀڳ هڪ لک سنڌي هندن کي هتي رهايو ويو.[2]. اٺين آگسٽ 1949ع تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ هن هنڌ کي هڪ ننڍي شهر (Town) جي حيثيت ڏني وئي. ان وقت جي گورنر جنرل هن شهر جو نالو ”اُلهاس نگر“ رکيو جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشين جو شهر“. 1955ع ۾ هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي. جنوري 1960ع ۾ هتي الهاس نگر ميونسپالٽي جو بنياد رکيو ويو. 1965ع ۾ ميونپل ڪارپوريشن جون پهريون چونڊون ٿيون. 1970ع جي پوئين اڌ تائين هتان جا اڪثر رهواسي سنڌ کان لڏي آيل سنڌي هندو هئا. 2010ع ۾ هن شهر ۾ اٽڪل چار لک سنڌي هندو آباد هئا.
شهر جو وڻج واپار[سنواريو]
هيءُ هڪ صنعتي شهر آهي. هتي ريشمي ڪپڙي، ڪپڙي جي رڱائي، برقيات ۽ اليڪٽرانڪس جي سامان ۽ مٺاين جا وڏا وڏا دڪان آهن. هتان جينز جون پتلونون سـڄي دنيا ۾ وڪري لاءِ موڪليون وڃن ٿيون. هتان جي فرنيچر مارڪيٽ به ڪافي مقبول آهي. شهر ۾ باھ وسائڻ جو مرڪز ۽ 60 خانگي اسپتالون قائم آهن. هتان جا سنڌي کاڌاڪافي مشهور آهن، جن ۾ دال پڪان، پوري ۽ چاٽ خاص ذڪر جي لائق آهن[3].
شهر جي آبادي[سنواريو]
2011ع واري آدمشماريءَ مطابق هيءُ مهاراشٽر رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان 22هون۽ هندستان جو 88هون وڏو شهر آهي. هتان جي آبادي %53 مردن ۽ %47 عورتن تي مشتمل آهي.
مذهب | سيڪڙو |
---|---|
هندو | 74% |
ٻڌ | 15% |
جين | 5.7% |
عيسائي | 2.4% |
ٻيا | 1.3% |
مسلمان | 1% |
تعليم[سنواريو]
هن شهر ۾ 29 پرائمري اسڪول، 56 سيڪنڊري اسڪول ۽ 9 هاير سيڪنڊري اسڪول قائم آهن. هن شهر ۾ هيٺيان ڪاليج ڪم ڪري رهيا آهن:
- پرنسيپال ڪي ايم ڪندناڻي فارميسي پوليٽيڪنڪ ڪاليج
- انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
- ڊاڪٽر ايل ايڇ هيراننداڻي ڪاليج آف فارميسي
- ايڇ اينڊ جي ايڇ منسکاڻي انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ
- ناري گرسهاڻي لا ڪاليج
الهاس گرلس ڪاليج 1961ع ۾ قائم ٿيو جنهن کي اڄڪله آر ڪي تلريجا ڪاليج ڪوٺيو وڃي ٿو.
حوالا[سنواريو]
- ↑ Ulhasnagar in Thane Maharashter - Municipal Corporation, Last Visited on 28th January 2020
- ↑ Lyer S., ULHASNAGAR - A Glance down History from Shambles to a Settlement, Sindhistan, Vol. 1, No. 2, 2002
- ↑ Ten Things to do in Ulhasnagar, Last Visited on 29th January 2020