پمپري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پمپري
مضافاتي علائقو
پمپري is located in مھاراشٽر
پمپري
پمپري
جاگرافي بيهڪ: 18°37′07.04″N 73°48′13.43″E / 18.6186222°N 73.8037306°E / 18.6186222; 73.8037306مڪانيت: 18°37′07.04″N 73°48′13.43″E / 18.6186222°N 73.8037306°E / 18.6186222; 73.8037306
ملڪ  ڀارت
رياست مهاراشٽر
ضلعو پوني
ميٽرو پوني
پکيڙ
 • ڪل 171.51 ڪ.م2 (66.22 ميل2)
بلندي 570 ميل (1,870 ft)
آبادي (2011)
 • ڪل 1,729,320

پمپري (انگريزي: Pimpri) هندستان جي رياست مهاراشٽر جي شهر پوني جو هڪ مضافاتي علائقو آهي. هن علائقي جو انتظام ” پمپري چنچواد ميونسپل ڪارپوريشن“ هلائي ٿي. هن ڪارپوريشن جو بنياد 1982ع ۾ پيو. هتان جي مکيه ٻولي مرهٺي آهي. هتي سنڌ مان لڏي ويل سنڌي به چڱي موچاري تعداد ۾ رهن ٿا. هڪ اندازي موجب پمپري ۽ پوني ۾ سنڌين جي آبادي لڳڀڳ 125،000 آهي[1]. اڪثر سنڌين جا گهر سنڌي ڪالوني يا پمپري ڪئمپ واري علائقي ۾ ٺهيل آهن. پمپري اسٽيشن جي آسپاس به سنڌين جا ڪافي بنگلا ۽ گهڻماڙ عمارتون آهن. هتي ڪيترائي مندر آهن جن ۾ جهولي لال مندر، سري بالاجي مندر ۽ ماتا راڻيءَ جو مندر خاص ذڪر جي لائق آهن[2]. هتي سکن جو هڪ گوردوارو به آهي جنهن کي ”گرونانڪ درٻار“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

تهذيب ۽ ثقافت[سنواريو]

پمپري شهر ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو نهايت پيارمحبت ۽ ڀائيچاريءَ واري ماحول ۾ رهن ٿا. نفرت جو نالو نشان به ڪونهي. هتي هندو، مسلمان، سک ۽ ٻيا پنهنجا پنهنجا ڏڻ، عيدون ۽ ميلا انتهائي پرامن ماحول ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿا. هتي جيڪي ميلا منعقد ٿين ٿا تن ۾ چاليهو، دسهڙو، چيتي چند، ڏياري، عيد ميلادالنبي، شِوِ جيانتي ۽ ٻيا شامل آهن. هتي جي ماتا ويشنو ديويءَ جو مندر ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪهي اچن ٿا. مختلف سماجي تنظيمن پاران هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني بنياد تي لنگر ورهائڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ٿو. چيتي چنڊ جو ميلو تمام وڏي پيماني تي انتهائي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي ٿو جنهن ۾ باليوڊ جا اداڪار ۽ اداڪارائون به حصو وٺنديون آهن. پمپري تعليم جي ميدان ۾ به سٺي ساک رکي ٿو. هتي ڪيترائي تاريخي تعليمي ادارا قائم ٿيل آهن جن ۾ جئه هند اسڪول، هندستان اينٽي بايوٽڪس اسڪول ۽ ڊي وائي پٽيل اسڪول ۽ ڪاليج سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. هتي سٺي ساک رکندڙ اسپتالون به موجود آهن.

صنعتون[سنواريو]

پمپري ۾ وڏيون وڏيون صنعتون قائم ٿيل آهن جن ۾ ٽاٽا موٽرس، مرسيڊيز بينز، بجاج آٽو، فورس موٽرس ۽ اِيٽن خاص ذهر جي لائق آهن. ٽائمس آف انڊيا جهڙي جڳ مشهور اخبار به هتان شايع ٿئي ٿي. هتي چمڙي مان ٺهندڙ شين، صابڻ، بجليءَ جي سامان ٺاهڻ ۽ پينسلين جا ڪارخانا پڻ آهن[3].

حوالا[سنواريو]

  1. "Maharashtra - The Sindhu World Maharashtra Sindhi Population: Sindhi Dharamshala : Panchayat". thesindhuworld.com. حاصل ڪيل 2022-04-12. 
  2. https://www.tripadvisor.in/AttractionsNear-g1968325-d4144765-Pimpri_Station-Pimpri_Chinchwad_Pune_District_Maharashtra.html, Last visted on 30th January 2020
  3. https://www.examveda.com/what-is-pimpri-a-place-in-maharashtra-known-for-85337/, Last visited on 29th January 2020