پمپري
پمپري | |
|---|---|
مضافاتي علائقو | |
| Coordinates: 18°37′07.04″N 73°48′13.43″E / 18.6186222°N 73.8037306°E | |
| ملڪ | |
| رياست | مهاراشٽر |
| ضلعو | پوني |
| ميٽرو | پوني |
| ايراضي | |
| • ڪل | 171.51 km2 (66.22 sq mi) |
| آبادي (2011) | |
| • ڪل | 1729320 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| ٻولي | |
| وقتي علائقو | UTC+5:30 (IST) |
| پوسٽل ڪوڊ | 411017, 411018 |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 91-20 |
| انتظامي ادارو | پمپري ـ چنچواد ميونسپل ڪارپوريشن |
| ممبئي کان مفاصلو | 165 ڪلوميٽرs (103 mi) (land) |
| ويب سائيٽ | www |
پمپري (انگريزي: Pimpri) هندستان جي رياست مهاراشٽر جي شهر پوني جو هڪ مضافاتي علائقو آهي. هن علائقي جو انتظام ” پمپري چنچواد ميونسپل ڪارپوريشن“ هلائي ٿي. هن ڪارپوريشن جو بنياد 1982ع ۾ پيو. هتان جي مکيه ٻولي مرهٺي آهي. هتي سنڌ مان لڏي ويل سنڌي به چڱي موچاري تعداد ۾ رهن ٿا. هڪ اندازي موجب پمپري ۽ پوني ۾ سنڌين جي آبادي لڳڀڳ 125،000 آهي[1]. اڪثر سنڌين جا گهر سنڌي ڪالوني يا پمپري ڪئمپ واري علائقي ۾ ٺهيل آهن. پمپري اسٽيشن جي آسپاس به سنڌين جا ڪافي بنگلا ۽ گهڻماڙ عمارتون آهن. هتي ڪيترائي مندر آهن جن ۾ جهولي لال مندر، سري بالاجي مندر ۽ ماتا راڻيءَ جو مندر خاص ذڪر جي لائق آهن[2]. هتي سکن جو هڪ گوردوارو به آهي جنهن کي ”گرونانڪ درٻار“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
تهذيب ۽ ثقافت
[سنواريو]پمپري شهر ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو نهايت پيارمحبت ۽ ڀائيچاريءَ واري ماحول ۾ رهن ٿا. نفرت جو نالو نشان به ڪونهي. هتي هندو، مسلمان، سک ۽ ٻيا پنهنجا پنهنجا ڏڻ، عيدون ۽ ميلا انتهائي پرامن ماحول ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿا. هتي جيڪي ميلا منعقد ٿين ٿا تن ۾ چاليهو، دسهڙو، چيتي چند، ڏياري، عيد ميلادالنبي، شِوِ جيانتي ۽ ٻيا شامل آهن. هتي جي ماتا ويشنو ديويءَ جو مندر ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪهي اچن ٿا. مختلف سماجي تنظيمن پاران هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني بنياد تي لنگر ورهائڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ٿو. چيتي چنڊ جو ميلو تمام وڏي پيماني تي انتهائي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي ٿو جنهن ۾ باليوڊ جا اداڪار ۽ اداڪارائون به حصو وٺنديون آهن. پمپري تعليم جي ميدان ۾ به سٺي ساک رکي ٿو. هتي ڪيترائي تاريخي تعليمي ادارا قائم ٿيل آهن جن ۾ جئه هند اسڪول آرڪائيو ڪيا ويا 2020-02-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، هندستان اينٽي بايوٽڪس اسڪول ۽ ڊي وائي پٽيل اسڪول ۽ ڪاليج سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. هتي سٺي ساک رکندڙ اسپتالون به موجود آهن.
صنعتون
[سنواريو]پمپري ۾ وڏيون وڏيون صنعتون قائم ٿيل آهن جن ۾ ٽاٽا موٽرس، مرسيڊيز بينز، بجاج آٽو، فورس موٽرس ۽ اِيٽن خاص ذهر جي لائق آهن. ٽائمس آف انڊيا جهڙي جڳ مشهور اخبار به هتان شايع ٿئي ٿي. هتي چمڙي مان ٺهندڙ شين، صابڻ، بجليءَ جي سامان ٺاهڻ ۽ پينسلين جا ڪارخانا پڻ آهن[3].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Maharashtra - The Sindhu World Maharashtra Sindhi Population: Sindhi Dharamshala : Panchayat". thesindhuworld.com (آمريڪي انگريزي ۾). 2021-04-01. 2022-04-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ https://www.tripadvisor.in/AttractionsNear-g1968325-d4144765-Pimpri_Station-Pimpri_Chinchwad_Pune_District_Maharashtra.html, Last visted on 30th January 2020
- ↑ https://www.examveda.com/what-is-pimpri-a-place-in-maharashtra-known-for-85337/, Last visited on 29th January 2020
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- ھندستان جا شھر، وسنديون ۽ واھڻ