آڪسفورڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آڪسفورڊ
شھر
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: ريڊڪلف ڪئميرا، ھاءِ اسٽريٽ، نيچرل ھسٽري ميوزيم، پٽ رور ميوزيم ،آڪسفورڊ اسڪاءِ لائين پانوراما
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: ريڊڪلف ڪئميرا، ھاءِ اسٽريٽ، نيچرل ھسٽري ميوزيم، پٽ رور ميوزيم ،آڪسفورڊ اسڪاءِ لائين پانوراما
آڪسفورڊ
مھر
عرفيت: "the City of Dreaming Spires"
نعرو: "Fortis est veritas" "The truth is strong"
آڪسفورڊ شائر ۾ بيھڪ
آڪسفورڊ شائر ۾ بيھڪ
آڪسفورڊ is located in England
آڪسفورڊ
آڪسفورڊ
آڪسفورڊ is located in the United Kingdom
آڪسفورڊ
آڪسفورڊ
آڪسفورڊ is located in Europe
آڪسفورڊ
آڪسفورڊ
انگلينڊ ۾ بيھڪ## برطانيہ ۾ بيھڪ ## يورپ ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 51°45′7″N 1°15′28″W / 51.75194°N 1.25778°W / 51.75194; -1.25778
آزاد مملڪت برطانيہ
ملڪ انگلينڊ
ريجن ڏکڻ اوڀر انگلينڊ
ڪائونٽي آڪسفورڊشائر
انتظامي مرڪزي آفيس آڪسفورڊ سٽي سينٽر
بنياد پيو اٺين صدي عيسوي
شھر جو درجو مليو 1542
حڪومت
 • قسم شھر
 • Governing body آڪسفورڊ سٽي ڪائونسل
 • Sheriff of Oxford Dick Wolff[2]
 • Executive Labour
 • MPs Anneliese Dodds (Labour & Co-op, Oxford East)
Layla Moran (Liberal Democrat, Oxford West and Abingdon)
پکيڙ
 • شھر 45.59 ڪ.م2 (17.60 ميل2)
آبادي (2017)
 • شھر 152,450[1]

آڪسفورڊ (انگريزي: Oxford) انگلينڊ برطانيہ جو ھڪ مشھور شھر آھي. ھي آڪسفورڊ شائر جو واحد ڪائونٽي ٽائون آھي. 2017ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آدمشماري 152450 ماڻھن تي مشتمل آھي[4]. ھي شھر لنڊن کان 90 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ ۽ برمنگھم کان ڏکڻ اوڀر ۾ 103 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آھي. ھي برطانيہ جي سڀ کان پراڻي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي[5]. ھي شھر پنھنجي عظيم الشان قديم ۽ جديد عمارتن جي ڪري بہ ڪافي مشھور آھي. ھن شھر جي مکيہ صنعتن ۾ موٽر ڪارون ٺھڻ جا ڪارخانا، تعليم، ڇپائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائنس شامل آھن.

اوائلي تاريخ[سنواريو]

آڪسفورڊ جو بنياد اينگلو سيڪسن قوم تاريخ جي وچئين دور ۾ رکيو. آڪسفورڊ جو پراڻو نالو آڪسنفورڊ (Oxnaford) ھو. لفظ ”آڪسنفورڊِ“ ٻن لفظن آڪسن (Oxen) ۽ فورڊ (Ford) مان ورتل آھي جنھن جي معني آھي ”اھو ھنڌ جتان ڍڳا درياءُ پار ڪري سگھن”[6]. ھن ھنڌ تي 900ع ڌاري ڍڳي گاڏيون درياءُ پار ڪنديون ھيون. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ آڪسفورڊ مرسيا (Mercia) ۽ ويسيڪس (Wessex) بادشاھتن جي وچ ۾ ھڪ فوجي سرحد واري حيثيت اختيار ڪري ورتي. 1002ع ۾ ھتي ڊنمارڪ جي ڊينس (Danes) قوم چڙھائي ڪئي ۽ ھڪ خونريز جنگ کان پوِءِ ھنن انگلينڊ تي قبضو ڪري ورتو[7]. اڳتي ھلي 1066ع ۾ فرانس جي نارمن (Norman) قوم ھن شھر تي قبضو ڪري ھتان جي معيشيت کي تباھ ۽ برباد ڪيو. نارمن گورنر ھتي ھڪ قلعو پڻ جوڙايو جيڪو اڄ ڏينھن تائين قائم ۽ دائم آھي. نارمن قوم جا ماڻھو ڪافي عرصي تائين ھن قلعي اندر آباد رھيا. اھي اھڃاڻ بہ مليا آھن تہ ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي 80 کان 100 جي لڳڀڳ يھودي بہ رھائش پذير ھئا[8].

ھن شھر ڪنگ ھينري ثاني (King Henry II) جي دور ۾ ڪافي ترقي ڪئي. شھر اندر ۽ ان جي آسپاس ڪيتريون ئي مذھبي عمارتون اڏيون ويون. ڪنگ ھينري ثاني کي ٻہ پٽ پڻ ھتي ڄاوا ھئا.

آڪسفورڊ يونيورسٽي[سنواريو]

آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو سڀ کان اوائلي لکت ۾ ذڪر ٻارھين صديءَ جي رڪارڊ مان ملي ٿو. ٻارھين صديءَ ۾ ھن يونيورسٽيءَ جون ڪيتريون ئي عمارتون شھر ۾ پکڙيل ھيون. انھن عمارتن مان فقط سينٽ ايڊمنڊ ھال (St Admund Hall) وڃي بچيو آھي جنھن کي 1957ع ۾ ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. چيو وڃي ٿو تہ وچئين دور ۾ ھن يونيورسٽيءَ جون ھڪ سو کان بہ مٿي عمارتون موجود ھيون. تاريخدان چون ٿا تہ تيرھين صديءَ جي شروع ۾ ھن يونيورسٽيءَ ۾ 1500ع کان بہ مٿي شاگرد علد جي اڃ اجھائيندا ھئا ۽ جيتري شھر جي آبادي ھئي اوترائي شاگرد ھتي پڙھندا ھئا[9]. يونيورسٽيءَ جون پنھنجون ھاسٽلون نہ ھيون ۽ شاگرد خانگي مسواڙ جي گھرن ۾ رھندا ھئا. البت اڳتي ھلي شاگردن ۽ استادن لاءِ يونيرسٽيءَ رھائش جو بندوبست ڪرڻ شروع ڪيو. تيرھين صديءُ جي اخڙي اڌ ۾ يونيورستيءَ جا پھريان ڪاليج قائم ٿيا جن ۾ يونيورسٽي ڪاليج (1249ع)، بيليول ڪاليج (1263ع) ۽ مرٽن ڪاليج (1264ع) شامل آھن. ھي ڪاليج ان زماني ۾ ٺھيا جڌھن يورپي ماھرن يوناني فلاسافيءَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمون ڪرڻ جي شروعات ڪئي.

1517ع ۾ انگلينڊ ۾ ”سئيٽنگ سڪنيس“ (Sweating Sickness) جي نالي سان ھڪ خطرناڪ بيماري پيدا ٿي پئي جنھن ۾ آڪسفورڊ، ڪيمبرج ۽ آسپاس واري علائقي جي اڌ آبادي اجل جو شڪار ٿي وئي. ھن وبا سبب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد بہ پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا. تيرھين صديءَ ۾ ھتان جي رھواسين ۽ شاگردن جي وچ ۾ خونريز فساد بہ ٿيا پر يونيورسٽي وقت سان گڏ ترقي ڪندي رھي ۽ دنيا جي عظيم يونيورسٽين ۾ شمار ٿيڻ لڳي.

سترھينءَ کان اوڻويھين صديءَ وارو دور[سنواريو]

انگريزي گھرو ويڙھ دوران جڏھن انگلينڊ جي بادشاھ چارلس پھرئين (Charles I) کي لنڊن مان بيدخل ڪيو ويو تہ ھو 1642ع ۾ آڪسفورڊ ۾ اچي رھيو.66_1665ع ڌاري جنرل فيئرفيڪس جي ڪمانڊ ۾ ھن شھر تي انگريزي فوج جو قبضو ٿيو. ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر کي واھن (Canals) وسيلي ٻين شھرن سان ڳنڍيو ويو. 1844ع ۾ لنڊن ۽ آڪسفورڊ جي وچ ۾ ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر جي پکيڙ ۽ آباديءَ ۾ خاطرّخواھ واڌارو آيو ۽ ڪيتريون ئي نيون عمارتون تعمير ٿيون. آڪسفورڊ جي مشھور ٽائون ھال بلڊنگ جو افتتاح 1897ع ۾ ٿيو.

ويھين ۽ ايڪويھين صدي[سنواريو]

ٻي عالمگير جنگ دوران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو تعداد گھٽجي ويو ۽ يونيورستيءَ جون ڪيتريون ئي عمارتون فوجين جي رھائش لاءِ مخصوص ڪيون ويون. جنگ دوران ھي شھر جرمن فوج جي حملن جو ٽارگيٽ نہ رھيو. شايد ان جو ھڪ سبب اھو ھو تہ ھٽلر ھن شھر کي پنھنجي نئين گاديءَ جو ھنڌ بنائڻ جي رٿ رٿي ھئي. ٻيو تہ ھتي جھازن ٺاھڻ ۽ اسٽيل جي مينوفيڪچرنگ جا ڪارخانا نہ ھئڻ جي برابر ھئا. جنگ دوران وڏي تعداد ۾ ماڻھن لنڊن ڇڏي ھتي اچي پناھ ورتي. ويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھتان جي معيشيت ۽ آباديءَ ۾ ھيڪاندو واڌارو آيو. ھتي پرنٽنگ ۽ پبلشنگ جا وڏا ادارا قائم ٿيا. اڳتي ھلي ڪارن ٺاھڻ جا ڪارخانا، اسٽيل پلانٽ ۽ ٻيون صنعتون کليون. 1991ع ۾ ھتي آڪسفورڊ بروڪس يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. ھتي ٻاھرين ملڪن خاص طور تي ڏکڻ ايشيا مان آيل پرڏيھين جو بہ چڱو تعداد آباد آھي. 2011ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي 22 سيڪڙو آبادي ڪاري چمڙيءَ وارن آفريقي ماڻھن يا ٻين نسلن جي اقليتن سان واسطو رکندڙ ماڻھن جي آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ڀونءِ نگاريءَ پٽاندر آڪسفورڊ جي بيهڪ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 51°45′07 ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ "5 '19 °68 آهي. ھي شھر ريڊنگ (Reading) کان 39 ڪلوميٽر اتر اولھ، سئنڊن (Swindon) کان 39 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۽ لنڊن کان اتر اولھ طرف 90 ڪلوميٽر پري آباد آھي.

ڪوپن ڪلاسيفڪيشن مطابق آڪسفورڊ جي آبھوا وچٿري سامونڊي(maritime temperate) آھي. ائٽلانڪ سمنڊ مان اٿندڙ ھوائون ھتي مينھن وسائين ٿيون. سال جو ڪوبہ اھڙو مھينو ناھي جنھن ۾ مينھن نہ وسي. موسمياتي رڪارڊ مطابق، آڪسفورڊ جو گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو (00F) 17.70C- ھو جيڪو 24 ڊسمبر 1860ع تي رڪارڊ ڪيو ويو، جڏھن تہ ھتان جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو (980F) 36.50C ھو جيڪو 25 جولاءِ 2019ع تي رڪارڊ ڪيو ويو. تاريخ جو سڀ کان خشڪ سال 1788ع ھو، انھيءَ سال سڄي سال ۾ فقط 336.7 ملي ميٽر مينھن وسيو. ان جي ابتڙ 2012ع ۾ ھتي تاريخ جو گھڻي ۾ گھڻو مينھن (979.5 ملي ميٽر) وسيو. تاريخ جو سڀ کان گھميل مھينو سيپٽمبر 1774ع ھو جڏھن ھتي 223.9 ملي ميٽر مينھن وسيو. تاريخ جو سڀ کان گرم مھينو جولاءِ 1983ع ھو جنھن ۾ ھتان جي سراسري گرميءَ جو درجو(700F) 21.10C ھو جڏھن تہ جنوري 1963ع آڪسفورڊ جي تاريخ جو ٿڌي ۾ ٿڌو مھينو ھو جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو (270F) 30C- رڪارڊ ڪيو ويو. آڪسفورڊ جي تاريز جو سڀ کان گرم مھينو 2014ع ھو جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو(539F) 11.80C رھيو ۽ تاريخ جو ٿڌي ۾ ٿڌو سال 1879ع ھو جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو (460F) 7.70C ھو. فيبروري 1888ع اھو مھينو ھو جنھن ۾ ھتي 61 سينٽي ميٽر برفباري ٿي. ڪنھن ھڪ مھيني ۾ آڪسفورڊ ۾ اھا تاريخ جي سڀ کان وڏي برفباري ھئي.

معيشيت[سنواريو]

آڪسفورڊ جي معيشيت ۾ موٽر ڪارون ٺاھن جا ڪارخانا، ڪتابن جي ڇپائي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت جا کاتا خاص اھميت رکن ٿا.

موٽر ڪارن ٺاھڻ جا ڪارخانا[سنواريو]

آڪسفورڊ موٽر ڪارن جي مينوفيڪچرنگ ۾ ڪافي مشھور آھي. ھتي جڳ مشھور ڪمپمني مورس موٽرس پنھنجون آفيسون 1910ع ۾ قائم ڪيون. ڪارون ٺاھڻ جا پلانٽ آڪسفورڊ جي ٻاھران ڪائولي (Cowley) ۾ ڪم ڪن ٿا.

ڇپائيءَ جو ڪم[سنواريو]

آڪسفورڊ يونيورسٽي فقط تدريس ۽ کوجنا ۾ ۾شھور نہ آھي. ھن يونيورسٽيءَ جو ڪتابن جي ڇپائيءَ وارو شعبو بہ سڄي دنيا ۾ ۾شھور آھي جنھن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪوٺيو وڃي ٿو. ھي سڄي دنيا ۾ ڪنھن بہ يونيورسٽيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڇپائيءَ جو شعبو آھي. ھي دنيا ۾ يونيورسٽيءَ جو ٻيو نمبر پراڻو ڇپائيءَ وارو ادارو آھي. ياد رھي تہ دنيا ۾ سڀ کان پراڻو يونيورسٽيءَ جو ڇپائيءَ وارو شعبو ڪئمبرج يونيورسٽي پريس آھي.

آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو انتظام 15 آفيسر ھلائين ٿا جيڪي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طرفان مقرر ٿيل ھوندا آھن.

انھن کي پريس جا ڊيليگيٽ چيو وڃي ٿو. اھي ڊيليگيٽ پريس جي سيڪريٽريءَ جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪن ٿا. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڇپائيءَ جو ڪم 1480ع ۾ شروع ٿيو. انوقت ھيءَ يونيورسٽي بائيبل ۽ ٻين مذھبي ڪتانن جي ڇپائيءَ ۾ ڪافي مشھور ھئي. گڏوگڏ ھتي تحقيقي ڪم تي مشتمل ڪتاب پڻ ڇپجڻ لڳا. آڪسفورڊ يونيورسٽي پنھنجي ڊڪشنرين جي ڪري بہ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھن وقت ھن پريس ۾ اٽڪل 6000 ڪتاب ھر سال ڇپجن ٿا. ھن پريس جون شاخون ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم ڪري رھيون آھن.

آڪسفورڊ ۾ ولي بليڪويل (Willey-Blackwell) ۽ ايلسويئر (Elsevier) جھڙا بين الاقوامي ادارا پڻ ڇپائيءَ جو ڪم ڪن ٿا.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي[سنواريو]

آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪري ھن شھر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان واسطو رکندڙ ڪاروبار کي گھڻي ھٿي ملي آھي.

ھن شھر ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ ۽ سائنسي پرزا ٺاھڻ جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون قائم ٿي چڪيون آھن. انھن ۾ ھيٺيون ڪمپنيون خاص ذڪر لائق آھن:

آڪسفورڊ انسٽرومينٽس (Oxford Instruments): ھيءَ برطانوي ڪمپني صنعتن ۽ کوجنا لاءِ سائنسي پرزا، اوزار ۽ ٻيو سامان مھيا ڪندي آھي. ھيءَ ڪمپني 1959ع ۾ قائم ٿي. ھيءَ ڪمپني مختلف اسپتالن کي بايو ميڊيڪل جو سامان ۽ مشينون مھيا ڪري ٿي.

ريسرچ مشينس (Research Machines): ھيءَ ڪمپني برطانوي اسڪولن، ڪاليجن ءَ يونيورسٽين کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل سائنسي سامان مھيا ڪري ٿي. ھن ڪمپنيءَ جون آڪسفورڊ سميت مختلف برطانوي شھرن ۾ شاخون آھن.

سوفوس گروپ (Sophos Group): ھيءَ سافٽ ويئر ڊولپمينٽ جي ڪمپني آھي. ھيءَ ڪمپني خاص طور تي سيڪيورٽي سافٽ ويئر مھيا ڪندي آھي. ھن ڪمپنيءَ ڪجهه اينٽي وائرس پيڪيج پڻ متعارف ڪرايا آھن.

تعليم[سنواريو]

آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ھن شھر کي تعليمي صنعت جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. ڪيتريون ئي ڪمپنيون آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان فارغ التحصيل شاگردن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ ھتي اينديون آھن. ّخاص طور تي اھي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا جيڪي انگريزي ٻوليءَ کي ھڪ پرڏيھي ٻوليءَ طور پڙھائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

سياحت[سنواريو]

آڪسفورڊ جو شھر ۽ يونيورسٽي ڌسڻ لاءِ ڪيترائي سياح ھر سال ھتي گھمڻ اچن ٿا. يونيورسٽيءَ جو گرجا گھر، ڪارفيڪس ٽاور (Carfax Tower) ۽ ٻيون ڏسڻ جھڙيون جايون سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿيون. ھتي ڪيترائي پارڪ، قديم ۽ جديد عمارتون، شاپنگ مال ۽ شراب جون بٺيون آھن. ھي شھر روڊ، ريل ۽ پاڻيءَ وسيلي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. آڪسفورڊ کان لنڊن جي ھوائي اڏن تائين پھچڻ لاءِ خاص ريل گاڏيون ھلن ٿيون. ھن شھر ۾ عجائب گھر، آرٽ گيلريون، سئنيمائون، ٿيٽر، لائبرريون ۽ مختلف راندين جا ميدان پڻ موجود آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Key Facts about Oxford". Oxford City Council. وقت 6 August 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 October 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Civic office holders". Oxford City Council. وقت 26 April 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 April 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. سانچو:NOMIS2011
  4. Council, Oxford City. "Oxford's Population". www.oxford.gov.uk. حاصل ڪيل 2021-12-19. 
  5. Sager, Peter (2006). Oxford & Cambridge : an uncommon history. New York: Thames & Hudson. ISBN 0-500-51249-3. OCLC 61217589. https://www.worldcat.org/oclc/61217589. 
  6. Gelling, Margaret (1971). The place-names of Oxfordshire. Doris Mary Parsons, Lady Stenton. Cambridge: University Press. ISBN 0-521-04916-4. OCLC 18691868. https://www.worldcat.org/oclc/18691868. 
  7. "When Vikings put Oxford to the torch | The Oxford Times". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-19. 
  8. dbs.anumuseum.org.il https://dbs.anumuseum.org.il/skn/en/c6/e154014/Place/Oxford_UK. حاصل ڪيل 2021-12-19.  Missing or empty |title= (مدد)
  9. Port, M. H. (1985-09-01). "The London Encyclopaedia. Edited by Ben Weinreb and Christopher Hibbert. Pp. 1029. London: Macmillan, 1983. £24.00". Notes and Queries 32 (3): 386–387. doi:10.1093/notesj/32.3.386-b. ISSN 1471-6941. http://dx.doi.org/10.1093/notesj/32.3.386-b.