نيڪشھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيڪشھر
نيك شهر
شھر
نيڪشھر is located in Iran
نيڪشھر
نيڪشھر
جاگرافي بيهڪ: 26°13′33″N 60°12′51″E / 26.22583°N 60.21417°E / 26.22583; 60.21417مڪانيت: 26°13′33″N 60°12′51″E / 26.22583°N 60.21417°E / 26.22583; 60.21417
ملڪ  ايران
صوبو سيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستان نيڪشھر
ضلعو مرڪزي
آبادي (2016ع واري آدمشماري)
 • ڪل 17,732 [1]

نيڪشھر (فارسي: نیک‌شهر، انگريزي: Nikshahr) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو نيڪشھر شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 17,732 آھي. ھتان جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا. ھن جي اتر ۽ اتر اوڀر ۡ۾ ايرانشھر، ڏکڻ ۾ چابھار ۽ اولھ ۾ ھرمزگان ۽ ڪرمان صوبا آھن.

ھن شھر جو پراڻو نالو ”گہ“ ھو. رضا شاھ پھلويءَ واري زماني ۾ اھو نالو بدلائي نيڪشھر رکيو ويو. ھي ھڪ تاريخي شھر آھي جنھن ۾ ڪيترائي آثارقديمہ جا ماڳ موجود آھن. ھتان پنج ھزار سال پراڻا ٺڪر جا ٿانو مليا آھن. ھن شھر جي آسپاس 300 کان وڌيڪ آثارقديمہ وارا ماڳ موجود آھن. شروع ۾ ھي شھر انتظامي طور تي چابھار شھر جو حصو ھو پر 1990ع ۾ ھن کي الڳ شھر جي حيثيت ڏني وئي آھي[2]. کجور، چانور ۽ کٽا ميوا ھتان جي اھم زرعي پيداوار ۾ شامل آھن، خاص طور تي ھي شھر پنھنجي کٽن ميون جي باغن سبب مشھور آھي.

ھن شھر جو سڀ کان اھم تاريخي ماڳ ”چھل دختر قلعو“ آھي. ھي قلعو شھر جي ڏکڻ اولھ واري حصي ۾ موجود آھي. ھي ھڪ ڊگھو قلعو آھي جنھن جي دروازي وٽ ھڪ وڏو مينار ٺھيل آھي. شيخ شامل جو مقبرو ھتان جو ھڪ مقدس ماڳ آھي جتي پانڌيئڙا عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ حاضري ڀريندا آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. www.sirang.com, Sirang Rasaneh. "Nik Shahr city in Sistan va Baluchestan province, travel to iran, Visit Iran". itto.org، Iran Tourism & Touring. حاصل ڪيل 2022-02-07.