زابل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Zabol
زابل
شھر
جاگرافي بيهڪ: 31°01′43″N 61°30′04″E / 31.02861°N 61.50111°E / 31.02861; 61.50111مڪانيت: 31°01′43″N 61°30′04″E / 31.02861°N 61.50111°E / 31.02861; 61.50111
ملڪ  ايران
صوبو سيستان ۽ بلوچستان
شھرستان زابل
ضلعو مرڪزي
Rostam castle on Mount Khajeh

زابل (انگريزي: Zabul/Zabol) ايران جي صوبي بلوچستان و سيستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو زابل شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر افغانستان جي سرحد ويجھو زاھدان جي اتراوڀر ۾ اٽڪل 205 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد آھي[1]. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 480 ميٽر اوچو آھي ۽ 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن جي آبادي 134،950 آھي. ھي شھر تھران کان 1548 ڪلوميٽر پري آباد آھي. 1920ع واري ڏھاڪي تائين ھن شھر کي سيستان ڪوٺيو ويندو ھو. رضا شاھ پھلويءَ جي حڪم سان ھن شھر جو نالو سيستان مان بدلائي زابل رکيو ويو. ھخامنشي سلطنت وارن ڏينھن ۾ ھن شھر کي ”زرنڪا“ ڪوٺيو ويندو ھو. زرنڪا ھخامنشي سلطنت جو ھڪ گورنر ھو جيڪو ھتان ٽيڪس گڏ ڪري بادشاھ ڏانھن موڪليندو ھو.

ھي شھر ھامون ڍنڍ جي ويجھو آباد آھي ۽ ھن علائقي کي ھلمند ندي سيراب ڪري ٿي. ھلمند ندي ھڪ موسمياتي ندي آھي جيڪا سال جو گھڻو حصو سڪل رھندي آھي. ھن شھر جا اڪثر رھواسي پارسي ۽ بلوچ آھن[2] زابل يونيورسٽي ھتان جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آھي جڏھن تہ زابل ميڊيڪل سائنس يونيورسٽي بہ ھتان جي مکيہ تعليمي ادارن ۾ شامل آھي. ھي شھر روڊ رستي افغانستان جي شھر زرنج سان ڳنڍيل آھي. افغانستان ھن شھر رستي پنھنجو سامان عربي سمنڊ تائين پھچائيندو آھي جتان چابھار بندرگاھ وسيلي اھو سامان ڏيساور موڪليو ويندو آھي.

تاريخ[سنواريو]

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آھي، ھخامنشي بادشاھت واري دور ۾ ھن شھر کي زرنڪا سڏيو ويندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھي شھر سلطنت جي مالدار علائقن مان ھڪ ھو. مصر ۽ ميسوپوٽيميا کان پوءِ ھي سلطنت جو ٽيون اھم علائقو ھو جتان جهجهو ٽيڪس شاھي خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو ھو. اڳٽي ھلي ھن شھر تي سڪستان نالو پيو. ڄيو وڃي ٿو تہ اٽڪل 2000 سال اڳ ھتي جا رھواسي سڪن ٺاھڻ جي فن جا ماھر ھئا. ھن ئي سرزمين تي رومين ۽ ايرانين جي وچ ۾ حران واري جنگ لڳي ھئي. جيٽوڻيڪ انھن ڏينھن ۾ رومي فوجي طاقت ۾ ھتان جي مقامي ماڻھن کان گھڻو سگھارا ھئا پر ھتان جي بھادر عوام کين زبردست شڪست ڏني ۽ رومين جو مشھور جرنيل ڪراسوس (Crassus) قتل ٿي ويو جنھن جو ڪپيل ڪنڌ فارس جي بادشاھ ڏانھن تحفي طور موڪليو ويو ھو. ساساني دور ۾ ھتان جي بادشاھ جي سلطنت جون حدون سنڌو ماٿريءَ تائين پکڙيل ھيون. فردوسيءَ پنھنجي مشھور ڪتاب شاھنامہ ۾ زابل واري علائقي کي ساراھيو آھي ۽ لکيو آھي تہ ھتي ايران جا ڪيترائي ھيرو پيدا ٿيا.

جاگرافي[سنواريو]

زابل شھر سيستان و بلوچستان صوبي جي اتر اوڀر ۾ 3102' اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 61039' اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي واقع آھي. زابل شھر جي اتر ۾ نمروز شھر، اوڀر ۾ ھلمند شھر، ڏکڻ ۾ ھامون ۽ ضحاڪ شھر ۽اولھ ۾ ھامون شھر آباد آھي. شھر جي ڏکڻ اولھ ۾ اٽڪل 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي خواجہ جبل موجود آھي جنھن جي اوچائي 609 ميٽر ۽ قطر 2 کان اڍائي ڪلوميٽر آھي. ھن جبل جي چوٽيءَ تي خواجہ علي مھديءَ جي مزار آھي، انھيءَ ڪري ھن جبل کي خواجہ جبل ڪوٺيو وڃي ٿو[3]. ھن شھر جي اڀرندي لاھيءَ وٽ گھاگھا شھر جا کنڊر موجود آھن جتي زرتشت مذھب وارن جو ھڪ پراڻو مندر اڃا تائين موجود آھي. اھو مندر ٻن قلعن اندر تعمير ٿيل آھي. انھن قلعن کي ڪوھ زل ۽ چھل دختران ڪوٺيو وڃي ٿو. انھن مان ھڪ قلعي کي رستم جو قلعو پڻ سڏيو وڃي ٿو.

آبھوا[سنواريو]

زابل جي موسم ريگستاني، گرم ۽ خشڪ آھي. ھتان جو گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو120C- تائين ڪري سگھي ٿو. ان جي ابتڙ وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 530C تائين پھچي سگھي ٿو.اونھاري جي موسم ۾ اتر کان ڏکڻ واري رخ ۾ تيز رفتار گرم ھوائون ھلن ٿيون. جولاءِ ۾ انھن ھوائن جي رفتار 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پھچي وڃي ٿي. ھر سال اٽڪل 120 ڏينھن اھي تيز ھوائون زابل ۽ ان جي آسپاس واري علائقي کي پنھنجي لپيٽ ۾وٺن ٿيون. اھي تيز ھوائون مٽيءَ ۽ ريتيءَ جا طوفان آڻين ٿيون جنھن ڪري ھر طرف ريتيءَ جا پھاڙ ٺھي وڃن ٿا. سمنڊ ۾ وڏيون وڏيون ويرون چڙھن ٿيون ۽ سڄو ماحول آلودگيءَ سان ڀرجي وڃي ٿو. 2016ع ۾ دنيا جي صحت واري اداري (World Health Organization) ھن شھر کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آلودہ شھر قرار ڏنو[4]. اھا حيرت جھڙي ڳالھ آھي تہ 2016ع کان پوءِ ھن شھر جو نالو دنيا جي آلودھ شھرن ۾ ٻيھر نہ آيو آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. بلوچستان, استانداری سیستان و. "معرفی شهرستان زابل". استانداری سیستان و بلوچستان (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-03. 
  2. Skrine, Clarmont (1962). World War In Iran. Constable & Company. p. 68.
  3. "Mount Khajeh: A Flat-Topped Black Basalt Hill". Big News Network.com. حاصل ڪيل 2022-02-03. 
  4. "Iranian, Indian cities ranked worst for air pollution" (en ۾). Reuters. 2016-05-12. https://www.reuters.com/article/us-health-airpollution-idUKKCN0Y30AZ.